خاص

ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار عمران خان کي اڄ جسماني رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ اربين روپين جي مبينه ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار عمران خان کي اڄ احتساب عدالت جي سامهون پيش ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نيب راولپنڊي کان پوليس لائين اسپتال منتقل ڪيو ويو. منتقلي سيڪيورٽي انتظامن جي تحت ۾ عمل ۾ آندي وئي. رپورٽن موجب عمران خان خلاف ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اسلام آباد پوليس لائن گيسٽ هائوس ۾ ٿيندي. اسلام آباد پوليس پاران پوليس لائين گيسٽ هائوس ۾ عدالت لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. عمران خان تي توشه خانه ڪيس ۾ به فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. ذريعن موجب عمران خان کي نيب راولپنڊي کان اسلام آباد پوليس لائين منتقل ڪيو ويو، پوليس لائينز اسلام آباد کي سب جيل جو درجو ڏنو ويو. عمران خان جو طبي معائنو به ڪيو ويو آهي. نيب عمران خان جي طبي معائني لاءِ 7 رڪني ميڊيڪل بورڊ جوڙيو هو، پمز اسپتال جي ٽيم به عمران خان جو طبي معائنو ڪيو. نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته اڄ عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي احتساب بيورو(نيب) تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي گرفتار ڪيو هو. عمران خان عسڪري ادارن خلاف بيان بازي سميت ٻين ڪيسن ۾ ضمانت جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو هو جتان هاءِ ڪورٽ ۾ رينجرز جي وڏي نفري عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو.