اينٽي ڪرپشن پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيمه کي گرفتار ڪري ورتو
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه کي اينٽي ڪرپشن لاهور مان گرفتار ڪري ورتو. اينٽي ڪرپشن جي اختيارين موجب عمر سرفراز چيمه کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن جي ٽيم اڄ صبح 4:30 وڳي عمر سرفراز چيمه کي گرفتار ڪيو. اڳوڻي گورنر مٿان اختيار اورانگهڻ جو الزام آهي. اينٽي ڪرپشن ٽيم پنجاب موجب ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي عمر سرفراز چيما کي حراست ۾ ورتو ويو. گرفتاري دوران اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ هو ته اوهان شيونگ جو سامان گڏ کڻي هلي سگهو ٿا. ان تي عمر سرفراز چيمه چيو ته شيونگ جو سامان ته نه آهي پر جوتا پائي ٿو وٺان.

