خوشقسمتيءَ سان 29 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بين الاقوامي رانديگر واپس آيا آهن ۽ پاڪستان جا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جيڪي ڪيتري عرصي تائين سناٽي جو شڪار هئا، انهن جون رونقون موٽي آيون آهن ۽ آءِ سي سي چئمپين ٽرافي جون مئچون پاڪستان ۾ ٿيڻ وڃي رهيون آهن. 19 فيبروري 2025 تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پهريون مئچ ٿيو، جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد سان گڏ چئمپين ٽرافي ميدان ۾ آندي. ڪرڪيٽ پاڪستان جي عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ راند آهي ۽ ان جي تاريخ قوم جي شناخت بڻجي وئي آهي. برصغير جي خطي ۾ برطانوي راڄ جي دوران جتي ٻيون ڪيتريون ئي شيون متعارف ڪيون ويون، سائنس جي ترقي ٿي، تعليم جو نئون دور شروع ٿيو اتي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو بنياد به رکيو ويو. جيڪو شروع ۾ ته حڪمران طبقو کيڏندو هو، پر پوءِ عوام جي پسنديده راند بڻجي وئي. ورهاڱي کانپوءِ ٻنهي ملڪن ڀارت ۽ پاڪستان جي لاءِ ڪرڪيٽ قوم جي فخر جو اهڃاڻ بڻجي ويو. ان راند نوجوانن کي هڪ جذبو عطا ڪيو ته اهي پنهنجي شوق کي ڪيئن پورو ڪري سگهن ٿا ۽ دنيا تائين پنهنجو نالو ڪيئن روشن ڪري سگهن ٿا.
پاڪستان ڪرڪيٽ هڪ شاندار دور ڏٺو، 1950ع ۽ 1960ع جي دوران پاڪستان ۾ تمام وڏا ناميارا ڪرڪيٽر پيدا ٿيا جن پنهنجو نالو ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڪڍيو ۽ پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو، جن ۾ فضل محمود، حنيف محمد، جاويد ميانداد شامل هئا. انهن رانديگرن نه صرف ملڪ جو نالو روشن ڪيو، پر ايندڙ نسلن کي ڪرڪيٽ جو شوق منتقل ڪيو. 1992ع ۾ عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ کٽي پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي اعزازن ۾ هڪ وڏو اعزاز شامل ڪيو. ڪرڪيٽ راند جي سڀ کان وڏي اهميت اها آهي ته جڏهن ڪرڪيٽ جون رانديون هلي رهيون هونديون آهن ته پورو نوجوان نسل گڏجي ان مان مزو ماڻيندو آهي ۽ متحد ٿي پاڪستاني بڻجي ويندو آهي. 2009ع ۾ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم تي لاهور ۾ دهشتگردن حملو ڪري پاڪستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين بين الاقوامي ڪرڪيٽ جو باب بند ڪري ڇڏيو، جنهن سان پاڪستان جي معاشيات کي ڪرڪيٽ جي واڌ ويجهه کي ۽ ٻين راندين جي واڌ ويجهه کي به شديد ڌڪ لڳو. هن وقت به جتي ٻيون بين الاقوامي ڪرڪيٽ جون ٽيمون پاڪستان ۾ اچي راند کيڏي رهيون آهن، اتي سيڪيورٽي کي بهانو بڻائيندي ڀارتي ٽيم پاڪستان ۾ اچڻ بجاءِ پنهنجون مئچون دبئي ۾ کيڏي رهي آهي. حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين سيڪيورٽي جا مسئلا رهيا آهن، جنهن جي ڪري ڪيترن ملڪن پنهنجن رانديگرن کي پاڪستان ۾ وڃي رانديون کيڏڻ کان روڪيو، ڇو ته اهو هڪڙو خيال بڻجي ويو هو ته پاڪستان ۾ بين الاقوامي رانديگر محفوظ ناهن. ان کان علاوه پاڪستان جو ڪرڪيٽ بورڊ به انهن سڀني شين کي مد نظر رکندي بين الاقوامي رانديون ڪرائڻ کان لنوائيندو رهيو، ڇو ته ان ۾ سيڪيورٽي کان علاوه انهن جي رهائش جا بندوبست ڪرڻ، انهن جي لاءِ ان قسم جي سفري انتظام ڪرڻ به تمام گهڻو وڏو چئلينج هو. هڪ دفعو ٻيهر آءِ سي سي چئمپين ٽرافي جو ايونٽ پاڪستان ۾ ٿيڻ پاڪستان جي خوشقسمتي آهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي آمد تي وفاقي گهرو وزير ۽ چيئرمين پي سي بي محسن نقوي، صدر آصف علي زرداري ۽ خاتون اول جو استقبال ڪيو ۽ سڀني گڏجي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد سان گڏ چئمپينز ٽرافي ميدان ۾ آندي. صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ نيوزيليند جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪپتان سان ملاقات ڪئي ۽ قومي ٽيم لاءِ پنهنجي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، جنهن کانپوءِ صدر ۽ محترمه آصفه ڀٽو زرداري نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيندڙ راند ڏٺي.
افتتاحي تقريب انتهائي شاندار طريقي سان ملهائي وئي. پاڪستان ايئرفورس پاران ايئرفورس جي جهازن رنگا رنگي تقريب جي موقعي تي سلامي پيش ڪري مهمانن کي ڀليڪاريو ۽ پنهنجي فن جو شاندار مظاهرو ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جا قومي ترانا وڄايا ويا، جنهن کانپوءِ هوائي فوج جي جهاز شاندار فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو. مئچ کان اڳ ٽن منٽن تائين ايئرفورس جي ٽيم فضا ۾ پاڪستاني جهنڊا وکيري سلامي ڏني. جي ايف-17، ايف-16 ۽ شير دل شاهين اسٽيڊيم ۾ موجود ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون. هن موقعي تي موجود ماڻهن هن يادگار موقعي کي تمام گهڻو ساراهيو ۽ نوجوانن جون يادگيريون جيڪي انهن سان گڏ هميشه رهنديون ۽ انهن جي ڪرڪيٽ جي شوق کي وڌايو. اميد آهي ته پاڪستان ۾ امن قائم رهندو، معاشي بهتري ايندي ۽ آءِ سي سي جهڙا ٻيا بين الاقوامي ايونٽ اسان جي ملڪ ۾ ملهائجندا رهندا ته جيئن اسان جو نوجوان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ملڪ سان مثبت طريقي سان ڳنڍي سگهي.