تاريخ 28 جنوري 2026ع تي داتا درٻار جي ڀر ۾ ڀاٽي گيٽ جي علائقي ۾ هڪ ٻاويهن سالن جي ماءُ پنهنجي نوَن مهينن جي ٻارڙيءَ سميت ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ڌيءَ جي قيمتي جان وڃائي ويٺي. هميشه وانگر اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته حادثو ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ٿي سگهي ٿو، پر جڏهن اهو حادثو هڪ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن هڪ سبب بار بار ٿيندو هجي ته پوءِ اهو حادثو هڪ اتفاق نه بلڪه حڪمران طبقي جي غفلت جو نتيجو چئي سگهجي ٿو، پر سڀ کان وڏي غفلت انتظاميه ۽ حڪمران طبقي ۾ ويٺل ذميدار سياستدانن جي ان وقت نظر ايندي آهي جڏهن اهي ان حادثي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا آهن ۽ پوءِ اهڙي خبر اچڻ کانپوءِ غلطي تسليم ڪرڻ ۽ ان حادثي بابت مزيد تحقيق ڪري ذميدار ادارن ۽ فردن کي سزا ڏيڻ بجاءِ هڪ اهڙو تڪڙو بيان ڏيندا آهن جيڪو سندن گلي ۾ پئجي ويندو آهي. ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ميڊيا جي سوال پڇڻ تي ان خبر کي فيڪ نيوز قرار ڏنو ۽ نه صرف ايترو، بلڪه ان خاتون جي مڙس ۽ ٻارڙيءَ جي پيءُ کي پنجن ڪلاڪن تائين پوليس ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو ۽ مٿس شڪ ڪيو ويو ته شايد هن پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ پوليس مٿس تشدد ڪيو ۽ کيس زبردستي ان ڳالهه تي آماده ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي ته هن پنهنجي زال کي قتل ڪيو آهي. جڏهن ته هو پوليس کي بار بار اهو ٻڌائيندو رهيو ته سندس زال ٻار سوڌو گٽر اندر ڪري پئي آهي ۽ پوليس سندس ڳالهه تي اعتبار ڪري ان حادثي ۾ امداد پهچائڻ بجاءِ پوليس پنهنجو روايتي رويو برقرار رکندي نظر آئي. جڏهن به ڪو حادثو ٿئي ٿو ته ان ۾ ڪوبه هڪ ادارو نه بلڪه ڪيترائي ادارا ملوث هجن ٿا ۽ يقينن هي ڪو آخري حادثو ناهي جنهن جي باري ۾ اسين ڳالهائي رهيا آهيون.
جڏهن به ڪو ترقياتي ڪم ٿيندو آهي ته ان علائقي کي محفوظ ڪيو ويندو آهي ته جيئن ڪوبه شهري اتي قدم رکي ڪنهن به طريقي سان زخمي نه ٿئي يا اتان جي تعميراتي ڪم کي متاثر نه ڪري يا ڪو حادثو نه ٿي پوي جنهن جو هرجانو ڪمپني کي ڏيڻو پوي. هن ترقي يافته دور ۾ جتي اسان کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ بجاءِ آن لائين احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي وڊيوز مهيا ٿي سگهن ٿيون ته اهي احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن، انهن ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو، ٺيڪيدار، ادارن ۾ ويٺل ماڻهو، سياستدان اهي سڀ جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ وڃن ٿا ته انهن کي رستن تي ٿيندڙ ترقياتي ڪم جي سڄي ڄاڻ هوندي آهي ته اتي ڪنهن به ڪم واري علائقي کي ڪيئن ٻئي سڄي علائقي کان ڌار ڪري هڪ متبادل رستو ٺاهيو ويندو آهي ۽ ڪنهن به فرد جو ان علائقي اندر اچڻ ناممڪن بڻايو ويندو آهي، پر اهي سڄا SOPs صرف ان وقت اختيار ڪري سگهجن ٿا، جڏهن رياست اهو فيصلو ڪندي ته ان جو هر شهري، ان جي زندگي تمام گهڻي قيمتي آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته نه رياست ان ڳالهه جو اڃان تائين فيصلو ڪيو آهي ته سندس شهري ان لاءِ تمام گهڻا قيمتي آهن ۽ نه ئي حڪمران طبقي ۾ ويٺل شخصيتون ان ڳالهه جو تعين ڪري سگهيون آهن ته شهري جن جي ووٽن سان انهن کي اها حڪمراني حاصل ٿئي ٿي اهي زياده اهميت جوڳا آهن يا اهي آفيسر، اهي اهلڪار ۽ اهي ٺيڪيدار وڌيڪ اهم آهن جن کي تمام وڏين غفلتن جي باوجود اسان جون سياسي ڌريون، حڪومتون، اسان جو عدليه جو نظام ۽ ملڪي نظام بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪراچيءَ ۾ جڏهن ڪو حادثو ٿئي ٿو ته جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ڪنهن شڪاري جانور وانگر ان حادثي کي پنهنجي لاءِ هڪ موقعو سمجهي ان ڳالهه کي بهانو بڻائي سنڌ حڪومت جي مٿان حملو ڪري ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مهم هلائڻ شروع ڪري ڇڏين ٿيون. انهن جو مقصد نه ئي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ نه ئي عوام کي فلاح ڏيارڻ هوندو آهي، بلڪه ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ۾ ئي کين حل نظر ايندو آهي.
جڏهن پنجاب ۾ ڪو وڏو حادثو ٿئي ٿو ته قومي ميڊيا ان کي حادثو تصور ڪري ٿي، پر قومي ميڊيا کي ڪراچيءَ جي حادثي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ئي واحد حل نظر اچي ٿو. مسئلن جي مٿان سياست ڪري پنهنجو دڪان چمڪائڻ ۽ قومي ميڊيا جو اهو رويو سياست ۽ صحافت جي توهين آهي. حڪومت ۾ ويٺل ڌرين کي ۽ مخالف ڌرين کي گڏجي سياسي انداز ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، پر سنڌ ۾ مخالف ڌر سنڌ دشمنيءَ جو مظاهرو ڪري ٿي. جڏهن ته گٽرن جا ڍڪ صوبائي سطحن تي نه، پر پاڪستان جي گاديءَ جي شهر اسلام آباد ۾ به چوري ٿي وڃن ٿا. جڏهن اسلام آباد جهڙي شهر جا گٽرن جا ڍڪ چوري ٿي وڃن ته پوءِ ڇا ڪجي؟ يقينن ان مافيا کي جيڪا ايڏو وڏو ڏوهه ڪري ٿي جنهن سان ڪيتريون قيمتيون جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون ۽ ملڪ ۾ هڪ بيچيني وارو ماحول پيدا ٿي ٿو وڃي ان جو ڪو حل ڳولهڻ گهرجي. اسان پهرين به اهو چئي چڪا آهيون ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري سنڌ حڪومت ته گهٽ ۾ گهٽ گٽرن جي ڍڪن اندر هڪ اهڙي ڊجيٽل چپ لڳائڻ گهرجي، جنهن سان انهن ڍڪن جي لوڪيشن ٽريس ٿي سگهي. ان کان علاوه ڪٻاڙي جي دڪانن تي سنيپ چيڪنگ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ۽ انهن ڪٻاڙين کي پڪڙي سخت سزائون ڏنيون وڃن جيڪي ان ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ ٿين ٿا يا وري ڍڪ ٺاهڻ لاءِ اهڙو مٽيريل استعمال ڪيو وڃي جنهن جي وڪري کانپوءِ ان جي ڪابه قيمت نه ملي سگهي. مسئلو آهي صرف سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ارادي جو. ان ۾ شهرين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جنهن به گلي يا علائقي ۾ ڪٿي ڪو گٽر کليل آهي ته ان جي نشاندهي ڪري متعلقه اداري کي اطلاع ڪيو وڃي تيستائين ان گٽر کي ڪنهن نه ڪنهن واضح انداز ۾ اهڙي ڪا نشاني لڳائي وڃي جو ماڻهو خبردار ٿي سگهن. اسان کي الزام تراشي بجاءِ گڏجي ۽ محفوط طريقي سان جيئڻ جو انداز سکڻو پوندو.