هوئا وي موبائل ڪمپني تي آمريڪا ۾ پابندي
آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽمپ چين جي موبائل فون ٺاهيندڙ ڪمپني هوئا وي کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر جي اعلان کانپوءِ گوگل به هوئا وي ڪمپني سان رابطو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هاڻي هوئا وي ڪمپني کي گوگل جي سروس جهڙوڪ جي ميل، گوگل ميپس ۽ اهڙين ٻين ايپليڪيشنز تائين پهچ نه ملندي. جنهن کانپوءِ آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۽ پاڪستان ۾ به هوئا وي جي لکين فون سيٽن تي گوگل جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ نه ٿي سگهندو. جنهن سبب اهي سيٽ تقريبن بيڪار ٿي ويندا. هوئا وي ڪمپني پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته اها پنهنجن صارفن کي متبادل ۽ پائيدار سافٽ ويئر ڏيندي. جڏهن ته موجوده فون سيٽن کي فروخت بعد سروس به مهيا ڪئي ويندي. ٻي صورت ۾ سافٽ ويئر جو مسئلو حل نه ٿيڻ سبب هوئا وي جا سيٽ خاص مدت بعد بيڪار ٿي ويندا. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته هي معاملو هوئا وي ڪمپني ۽ گوگل جو آهي اسان ان ۾ ڪجهه نٿا ڪري سگهون.

