پاڪستانتازه ترينخاصنيو‍‍ز

دنيا جي ٽئين امير ترين شخص جو پنهنجي دولت عطيو ڪرڻ جو اعلان

دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ جيف بيزوس پنهنجي دولت جو گهڻو حصو فلاحي ڪم جي لاءِ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايمازون جي باني پنهنجي گرل فرينڊ لورين سانچر سان گڏ سي اين اين کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته هو پنهنجي زندگي دوران دولت جو وڏو حصو عطيو ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي. بلومبرگ بلين ايئر انڊيڪس موجب دنيا جو ٽيون امير ترين شخص جيف بيزوس هن وقت هڪ سئو چوويهه ارب ڊالرن جو مالڪ آهي. جيف بيزوس ٻڌايو ته هو دولت جو وڏو حصو موسمياتي بحران سان وڙهڻ ۽ انسانيت کي گڏ ڪندڙ ماڻهن جي مدد لاءِ ڏيڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ لکيو ته دولت کي عطيو ڪرڻ ۾ سڀ کان ڏکئي ڳالهه اهو سمجهڻ آهي ته ڪهڙي ريت ان کي صحيح مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هو ۽ سندس گرل فرينڊ ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. جيف بيزوس چيو ته توهان کي اهڙي حوالي سان محتاط رهي سوچڻو پوندو آهي ۽ بهترين ماڻهن جي ٽيم تيار ڪرڻي پوندي آهي. اهو پهريون ڀيرو آهي ته جيف بيزوس پنهنجي دولت جو وڏو حصو فلاحي ڪمن جي لاءِ عطيو ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.