قمري ڪئلينڊر ٺاهي ورتو آهي، عيد 5 جون تي ٿيندي: فواد چوڌري
فواد چوڌري چيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزارت قمري ڪئلينڊر تيار ڪري ورتو آهي ۽ هن سال روزا 29 ٿيندا ۽ عيد 5 جون تي ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته قمري ڪئلينڊر جاري ڪرڻ کان پهرين مفتي منيب ۽ مفتي شهاب الدين پوپلزئي سان مشاورت ڪئي ويندي. جڏهن ته فواد چوڌري هڪ ڏينهن اڳ نئين ڪئليندر کي مڪمل ڪري اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن به موڪلي ڇڏيو آهي. فواد چوڌري چيو ته اسان هر دفعي چنڊ جي معاملي تي ورهايل نظر ايندا آهيون. جنهن سان منفي تاثر ملي ٿو ۽ قوم جو حوصلو به ان سان پست ٿي رهيو آهي. ان لاءِ هن ڪئلينڊر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته فواد چوڌري هن ڪئلينڊر لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ۾ سپارڪو، موسميات کاتو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا ماهر شامل آهن. فواد چوڌري دعويٰ ڪئي هئي ته 15 روزي تائين قمري ڪئلينڊر تيار ٿي ويندو.

