سنڌ يونيورسٽي نورين لغاري جي داخلا منسوخ ڪري ڇڏي

سنڌ يونيورسٽي داعش ۾ شامل ٿيندڙ نورين لغاري جي داخلا منسوخ ڪري ڇڏي. نورين گذريل سال داعش ۾ شامل ٿيڻ بعد لاپتا ٿي وئي هئي. واپسي بعد نورين هن سال سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي جي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي هئي. ياد رهي ته نورين لغاري لياقت يونيورسٽي ۾ ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي هئي. نورين 10 فيبروري 2017 تي حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر وارن کي ٻڌائڻ بنا لاپتا ٿي وئي هئي. ڪجهه ڏينهن بعد هن سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي ڀاءُ کي پيغام اماڻيو هو ته هوءَ پنهنجي مرضي ۽ خواهش سان خلافت جي زمين تي پهچي وئي آهي ۽ هوءَ بلڪل خيريت سان آهي. جنهن بعد 13 اپريل 2017 تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشن ۾ نورين گرفتار ٿي هئي ۽ سندس ساٿي طارق مقابلي ۾ مارجي ويو هو. گرفتاري بعد واپس اچڻ کانپوءِ لياقت يونيورسٽيءَ نورين جي داخلا منسوخ ڪري ڇڏي هئي. نورين جو والد ڊاڪٽر عبدالجبار ڪيميسٽري جو پروفيسر آهي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي ڌيءَ جي داخلا جي منسوخي جي خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *