مخالف ڌر پاران  ڊالر گئس ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ رد عيد کانپوءِ احتجاج

ملڪ جي خراب معاشي صورتحال ۽ حڪومت خلاف حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي سڏ تي آيل ملڪ جون ڪل مخالف ڌريون اسلام آباد ۾ افطار ڊنر تي جمع ٿيون، اسلام آباد ۾ سڏايل افطار ڊنر ۾ ايندڙ پارٽين ۾ ن ليگ، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، عوامي نيشنل پارٽي ۽ جماعت اسلامي شامل هيون. پيپلز پارٽي پاران جاري ڪيل اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته سڀني مخالف ڌر جي پارٽين پاران ملڪ ۾ ابتر معاشي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي انهن وڌايل قيمتن کي مسترد ڪيو آهي. ساڳئي وقت انهن نيب جي ڪاررواين کي به انتقامي ڪارروايون قرار ڏنو آهي. ٻئي طرف فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته هڪ طرف حق ۽ سچ ۽ ٻئي طرف ڪوڙ آهي. هي ماڻهو ڪهڙي منهن سان عوام جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هنن عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي انهن ئي ملڪ کي قرض ۾ ڦاسايو آهي. عوام انهن جي چالاڪين کي سمجهي ٿي. پاڪستاني عوام عمران خان ۽ حڪومت سان گڏ آهي. هن موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪنهن جي به خلاف جمع نه ٿيا آهيون. اسان جو مقصد ملڪ ۽ عوام جي بهتري آهي. ڪابه پارٽي اڪيلي سر مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. هن موقعي تي فضل الرحمان چيو ته ملڪ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. اسان گڏجي انهن کي منهن ڏينداسين. ملاقات ۾ سڀني مخالف ڌرين جي اڳواڻن عيد کانپوءِ گڏجي حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *