پھرين عورت سنڌي فنڪاره جيوڻي ٻائي، 22 جنوري 1901ع تي ھندوستان جي رياست راجپوتانا جي ڀيلواڙا ڳوٺ ۾ خانه بدوش قبيلي ۾ جنم ورتو، ھِن کي سنڌي موسيقي ۾ پھرين عورت فنڪاره جو اعزاز حاصل آھي. سائيسي نالي خانه بدوش قبيلو جنھن سان ھن جو تعلق ھو اُن قبيلي جي صديون پراڻي روايت ھئي ته ان قبيلي جا مرد نڪما ھوندا ھئا، عورتون ڪمائينديون ۽ مرد کائيندا ھئا، ھِند ۽ سنڌ ۾ ان طرح جا قبيلا اڄ به پنھنجي ان ساڳي پراڻي روايت سان جيئن جو تيئن برقرار آھن، جن جون عورتون ڪنھن طرح ڪمائين ٿيون ۽ مرد ڪو ڪم نه ٿا ڪن ۽ نڪمن ماکي جي مکن وانگر عورتن جي ڪمائي تي پلجن ٿا. جيوڻي جي ماءُ نالي جانڪي روزانو صبح سوير ننڍي عمر جي جيوڻيءَ جنھن جو شروعاتي نالو جيدي ٻائي ھو کي تنجڻن ۾ ويڙھي کڻي در در وڃي صدائون ھڻي پنندي ھئي، جڏھن جيوڻي ٿوري وڏي ٿي ته ماءُ سان گڏ ڪورس جي صورت ۾ صدائون ھڻي پنندي ھئي. جيوڻي جو آواز ايترو ته درد ڀريو ھو جو ماڻھن ھن کي ٻُڌي ھن کي ايترو گھڻو دان ڏنو جو ڪجھ وقت کان پوءِ ھنن وٽ ايترو پئسو جمع ٿي ويو جو ماءُ ۽ ڌيءَ کي پنڻ جي ضرورت ئي نه پئي. جڏھن جيوڻي 17 سالن جي ٿي ته ھن جو والد ڦَڪو گُرگلو 1918ع ۾ راجپوتانا کي ڇڏي گھر ڀاتين سان ملتان ۾ اچي آباد ٿيو. جتي جيوڻي جو آواز ان وقت جي نالي واري راڳي امير خان ٻڌو، جڏھن جيوڻي جي ملاقات امير خان سان ٿي ته ھو ھن جي سريلي آواز، شخصيت ۽ طبيعت کان متاثر ٿيو، ھِن کي پوتي پارائي پنھنجي ڌيءَ بڻايائين ۽ راڳ جي باقاعدا سکيا پڻ ڏنائين، ڦڪو گرگلي جو ڪٽنب ان طرح امير خان جي صحبت ۾ اچي مسلمان ٿيو، ڦڪو مان ھن جو نالو بدلائي محمد رکيو ويو، جيدي ٻائي جيوڻي ٻائي ٿي وئي، ٻائي لفظ جي معنيٰ آھي عورت، جيئن مسمات، مائي، شريمتي يا بيبي جا لفظ عورت جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آھن. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ڦڪو (محمد) جي خاندان پنڻ جو ڌنڌو مڪمل طور تي ڇڏي ڏنو، جيوڻي ھاڻ ميلن، ملاکڙن ۽ شادين جي ڪاڄن ۾ ڳائڻ لڳي، ڳائڻ جي فني سکيا ورتي، ھوءَ ملتان کان حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين شادين ۾ ۽ ٻين موقعن تي ڳائڻ لاءِ ھڪ فنڪارا طور گھرائي ويندي ھئي، جڏھن ھن سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ ڳايو ته پھرين سنڌي گلوڪاره بڻجي وئي ۽ سنڌ جا ماڻھو کيس تمام گھڻو چاھيندا ھئا، ھڪ دفعي ھوءَ شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي ميلي ۾ پنھنجو فن پيش ڪرڻ لاءِ پھتي اتي ان جي ملاقات مشھور راڳي خير محمد خان سان ٿي، ايئن استاد خير محمد خان سان ويجھڙائپ ٿي پوڻ جي ڪري جيوڻي ملتان ڇڏي حيدرآباد اچي آباد ٿي، ھِن سنڌي ڪافي ڳائڻ جي تربيت استاد خير محمد کان ورتي، ان طرح سنڌ ۾ رھڻ ڪري ھن جو آواز سنڌ ۾ گونجي ۽ مقبول ٿي ويو، ھوءَ سنڌ جي ھر ميلي ملاکڙي ۾ استاد خير محمد سان گڏ ھوندي ھئي. ھڪ ڀيري شاھ قادري جي ميلي تي استاد بيبو خان، سيد قائم علي، ڀورو سنگھ، ماسٽر چندر ۽ ٻين ان وقت جي مشھور فنڪارن ۾ جيوڻي جي آواز ميدان ماري ورتو، اتان جي اھڙي مشھوري کانپوءِ جيوڻي کي فونو گرام تي سندس گيتن جي رڪارڊنگ ڪرائڻ جي آفر آئي، ھِن جي اھڙي طرح گيتن جي رڪارڊنگ ٿيڻ لڳي، ھوءَ پاڻ به شاعره ھئي، پنھنجن گيتن سان گڏ ٻين شاعرن جا به گيت ڳائيندي ھئي. 1928ع ۾ جڏھن جيوڻي 27 سالن جي ھئي تڏھن ان وقت جي بزرگ سيد صالح شاھ جي ھيءَ مريدياڻي ٿي، ھن حيدرآباد جي ھڪ عالم وٽ قرآن مجيد پڙھيو ۽ ديني تعليم پڻ حاصل ڪئي. ھوءَ جڏھن 31 سالن جي ھئي ته ھن 1932ع ۾ ھڪ شخص نواب ماڪا سان شادي به ڪئي، پر کيس ڪو اولاد نه ٿيو. سانوري رنگ، وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد ۽ گول چھري واري جيوڻي ٻائي باعزت عورت ھئي ۽ روزي نماز جي پابند ھئي، کيس پنجن تنن سان گھڻو پيار ھو، ان وقت جي مشھور گرامو فون ڪمپني ھن جا لڳ ڀڳ 100 گيت رڪارڊ ڪيا جيڪي گرامو فون تي جھر جھنگ گونجيا ۽ تمام گھڻو مشھور ٿيا، گرامو فون ڪمپني ھن جي آواز جي مقبوليت تي ھن لاءِ ڪراچي ۾ ھڪ شاندار تقريب رکي جنھن ۾ ڪمپني جي مالڪ ھن کي ساڍن 10 تولن جو سونو مونو گرام انعام طور ڏنو. جيوڻي ٻائي جا گيت اڄ به ريڊيو پاڪستان تان ڳائجن ٿا، ھوءَ 5 جون 1942ع تي صرف 41 سالن جي عمر ۾ ھن دنيا کي پنھنجي آواز جون يادون ڏئي ڇڏي وئي.