شاعرينئون

شاعري

وائي

بخشل باغي

ڇَڻ ڇَڻ ڇَڻڪائي

پَن ڇَڻ کي پائي

           رنگن کي ڌُنڌلو نه ڪر.

وڻ وڻ جو ڏک ڏيک ۾،

وڻ وڻ وڍرائي.

           رنگن کي ڌُنڌلو نه ڪر.

ٻُسين ٽارين تان اُڃيا،

پکي اُڏائي.

            رنگن کي ڌُنڌلو نه ڪر.

خواب خزائن جا نه ڏي،

ساڀيان سُڪائي،

          رنگن کي ڌُنڌلو نه ڪر.

جيوت جهوني جوت جي،

وٽ کي وسائي،

         رنگن کي ڌُنڌلو نه ڪر.

***

نظم

ڄام ولي محمد انڙ

ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.

ڏينهن ڏھاڙي ڦرون، ڦورو ڪيو وڃن ٿا،

واھرو، محافظ اسان جا، چوريون ڪيو وڃن ٿا،

غريب نياڻين سان ڏاڍا، زوريون ڪيو وڃن ٿا.

ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.

غريب جي لاءِ اڄ ڀي، ڪائي عدالت ناھي،

قاضين جي قول فعل ۾، ڪائي صداقت ناھي،

جيئن وڻين تيئن ڪن ٿا، ڪائي مزاحمت ناھي،

ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.

قرب ۾ مسڪينن سان، ڪنهن ڀي ڳالھايو ناھي،

غريب نياڻيءَ کي عزت مان، ڪنهن ڀي نھاريو ناھي،

پوڙھي ھاريءَ کي ويجھو، ڪنھن ڀي ويھاريو ناھي،

ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.

ھڪٻئي تي چغليون، ننڍا وڏا ھڻن ٿا،

ڀاءُ ڀاءُ ته ڇا، پيءُ پُٽُ به ڪونه ٺھن ٿا،

هڪٻئي تي رت جا رشتا، سڀ کائن ۽ کڻن ٿا.

ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.

ماءُ جي وارن ۾، ھٿ پُٽَ وجھن ٿا،

جائيداد ورهائڻ خاطر، پوڙھي پيءُ کي مارن ٿا،

رشتا وساري سارا، ڀيڻن کي قتل ڪن ٿا،

ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.

ناھن رھيون اوطاقون، نه مَچَ ڪچھريون آھن،

نڪي سگھڙن پھاڪا، نڪي ڳجھارتون آھن،

نه رھيا ڏور، ھنر، نڪي مھارتون آھن،

ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.

غريب جو ٻار اڄ ڀي، تعليم کان پري آ،

ھن ظلم تي ڪو سردار، ڪوڪ ته ڪري ھان،

سنڌ تي “ولي محمد انڙ”، ايئن نه لکي ھان،

ڪھڙو مقدر سنڌ جو، ڪھڙو ھي حال آھي.

***

غزل

عرفان آزاد

قلم کي عَلم بڻائيندا هلو،

انقلاب ڳائيندا هلو۔

وطن جي جياپي ڪاڻ وک وڌائيندا هلو،

انقلاب ڳائيندا هلو۔

پير مير ماري ڌرتي بچائيندا هلو

انقلاب ڳائيندا هلو۔

سنڌ جيجل جا الم مٽائيندا هلو

انقلاب ڳائيندا هلو۔

آزاد سنڌ جا وچن ورجائيندا هلو

انقلاب ڳائيندا هلو.

***

غزل

قمرالنساءِ ٽالپر

حياتي حسابن ۾ گذري

گناھن ثوابن ۾ گذري

لکيو ھو چون ٿا صبر ڪر

گھڙي ھر عذابن ۾ گذري

غريبن خبر ڇو لھي ھو

سڄي شب شرابن ۾ گذري

تري سچ تڏھن ٿو بحر ۾

سدا ٿي نصابن ۾ گذري

ڏکيو آ رھڻ گڏ قمر جا

ڪٿي ٿي گلابن ۾ گذري

***

“برف جو ماڻهو”

زاهده ابڙو

هو پٿر جو ماڻهو

کڙڪندڙ مٽيءَ جو ماڻهو

پنهنجي هجڻ جو احساس نه

پر ويساه ڏئي مڃرائڻ وارو

هو آڪاش تي اڏامڻ لاءِ

پنهنجن ارادن جي ڏاڪڻ جوڙي

مٿي  ڏور اڏامڻ لڳو

ڏور ڏور پنڌ ڪرڻ لاءِ

هن هر وک تي پوکيل ڪنڊا

گلابن ۾ مٽي ڏيکاريا

هو اڏول ماڻهو

برف جو نڪتو

هو وگهرڻ لڳو

روز ڦڙو ڦڙو ٽمڻ لڳو

هن جي وجود جي برف

سڀاڻي ڳري پاڻي بڻجي ويندي

هو درياھ ۾ وهي ويندو

پوءِ ان پاڻيءَ مان نئون

 برف جو ماڻهو جڙندو

***

غزل

وسيم سومرو

اندر کي يادگيرين جو رڳو ڄارو نٿو گهرجي

اکين کي مرڪ گهرجي، لڙڪ ڪو کارو نٿو گهرجي

سفر هي رات جو ڪارو ڪٽيندو ٿو رهان تو لئه

سوا تنهنجي اڱڻ تي صبح جو تارو نٿو گهرجي

الائي ڪيتريون ڪشتيون پسان پيو هي پراون جون

اسان جي سمنڊ کي سنڌي ڇا وڻجارو نٿو گهرجي

لڪائي پاڻ ڪڪرن ۾ ڏسي ٻيو پار پيو ڪوئي

لڳي ٿو رت هاڻو چنڊ کي چارو نٿو گهرجي

ڀلي ڏي ڀائرن کي تون لکي رت ڇاڻ کان اڳ ۾

امان منهنجي حصي جو مونکي هي ٻارو نٿو گهرجي

ڪيو مون پيار آ جنهن سان اُڻي راتين کي خوابن سان

چئي سگهندس ڪڏهن سرتيون ته سو پيارو نٿو گهرجي

 جتن جي آهيان ويندس جتن پاسي وسيم آئون

جبل جي پيٽ ۾ مونکي ڪو جانارو نٿو گهرجي

***