بلاگنئون ڌرتيءَ جا فاتح (قسط: چوٿين) March 6, 2024 Zahida Abro ليکڪ: يووال نوح ھراري توھان جي خيال ۾ پنجاھه ھزار سال اڳ ڇا ٿيو ھو؟ اسان سيپينس وٽ اھڙي ڪھڙي سگھه ھئي، جو اسان ڌرتيءَ جا فاتح بڻجي وياسين. سپر مين، اسپائيڊر مين، ونڊر وومين ۽ آکاڻين جا ٻيا سڀ سپر ھيروز ان ڪري سگھارا ھوندا آھن، جو اھي جانٺا، تڪڙا ۽ بھادر ھوندا آھن. پر سيپينس تہ نينڌرٿالس يا ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ نه سگھارا ھئا، نه تکا ھئا ۽ نه ئي بھادر ھئا. بگھڙ، واڳون يا چمپانزي سان ويڙھه جي صورت ۾ سيپينس جي سوڀ جا امڪان نھايت ئي گھٽ ھوندا ھئا. ويندي چمپانزي ڏاڏِي باڪسنگ جي عالمي چيمپئن کي موچڙا ھڻي سگھي ھا. اسان ۾ بگھڙن کي ڀڄائڻ ۽ چمپانزين کي چڙيا گھرن ۾ بند ڪرڻ جي صلاحيت ان ڪري آھي، جو اسان وڏي پئماني تي ھڪٻئي سان تعاون ڪيون ٿا. ھڪ انسان ھڪ چمپانزي کي شڪست نٿو ڏئي سگھي، پر ھزارين انسان اھڙيون حيرت ڀريون شيون حاصل ڪري سگھي ٿو، جنھن بابت چمپانزي سوچي به نٿا سگھن ۽ اسان کي پنھنجي مخفي صلاحيتن تي ناز ڪرڻ گھرجي، ڇو جو اسان ٻئي ڪنھن به جانور جي ڀيٽ ۾ بھتر نموني سان تعاون ڪري سگھون ٿا. اسان ويندي اجنبين سان پڻ تعاون ڪري سگھون ٿا. مثال طور اوھان ڪو ميوو کاڌو ھو. اھو شايد ڪيلو ھو. اھو ڪيلو ڪٿان آيو؟ اوھان جيڪڏهن چمپانزي ھجو ھا ته اوھان جھنگ ۾ وڃو ھا ۽ خود ڪيلو پٽيو ھا. جيئن ته اوھان انسان آھيو، توھان گھڻو ڪري اجنبين کان مدد وٺو ٿا. تمام ٿورڙا ماڻھو پنھنجي سر ڪيلا پٽين ٿا. گھڻين حالتن ۾ توھان جنھن سان ڪڏھن مليا به نه ھوندا ۽ نه ئي ملي سگھندا، اھي ماڻھو ھزارين ميل پري توھان جي لاءِ ڪيلن جي اپت تيار ڪندا آھن. ان کانپوءِ ٻيا اجنبي انھن ڪيلن کي ٽرڪ، ٽرين يا جھاز تي کڻي، توھان جي مقامي دڪانن ڏانھن موڪليندا آھن. ان نموني اوھان ڪيلا حاصل ڪندا آھيو. ڪيلن جي خريداري کان اڳ اھي گھڻن ماڻھن جي ھٿن مان گذريا ھوندا؟ اوھان انھن مان گھڻن ماڻھن کي ذاتي طور سڃاڻو ٿا؟ ٿي سگھي ته اوھان انھن مان ڪنھن کي به نه سڃاڻيندا ھجو، پر انھن ماڻھن جي مدد سان ئي اوھان ڪيلا حاصل ڪيا. يا توھان پنھنجي اسڪول بابت سوچيو. اسڪول کي ڪيترا ماڻھو ٺاھين ٿا؟ سڀ کان پھريان، توھان کي گھڻن ئي شاگردن جي ضرورت پوندي. انھن کان سواءِ اسڪول ڪجھه به نه آھي. توھان جي اسڪول ۾ ڪيترا ٻار آھن؟ ان کان علاوه توھان کي استادن جي پڻ ضرورت پوندي. توھان جي اسڪول ۾ ڪيترا استاد آھن؟ ان کان علاوه ڪيترن ئي ماڻھن آھن، جن اوھان جي اسڪول جي عمارت تيار ڪئي. اھي ماڻھو جيڪي صفائي ڪن ٿا، اھي ماڻھو جيڪي ڪيفيٽيريا ۾ کاڌي جي سروس ڏين ٿا، اھي ماڻھو جيڪي بجلي کي چالو ڪن ٿا ته جيئن اوھان جي ڪلاس روم ۾ روشني ھجي، اھي ماڻھو جن ڪورس جا ڪتاب لکيا، اھي ماڻھو جن ڪورس جي سڀني ڪتابن کي پرنٽ ڪيو ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ماڻھو اچي وڃن ٿا. تنھنڪري، ھاڻ اندازو لڳايو ته اسڪول کي اسڪول بنائڻ ۾ ڪيترن ماڻهن جي محنت شامل آھي؟ ۽ اوھان انھن مان گھڻن کي ذاتي طور سڃاڻو ٿا؟ انسانذات جون سڀئي عظيم حاصلاتون – جھڙوڪ چنڊ تي وڃڻ وغيرہ – ھزارين لکين انسانن جي تعاون جو نتيجو ھيون. نيل آرم اسٽرانگ پھريون شخص ھو، جنھن چنڊ تي قدم رکيو. ھو خلائي جھاز جي مدد سان اتي پھتو، پر اھو خلائي جھاز به ٻين انسانن جي محنت جو ثمر ھو. ڪيترن ئي ماڻھن ان خلائي جھاز کي ٺاھڻ ۾ ھڪٻئي سان سھڪار ڪيو. ان جھاز کي ٺاھڻ ۾ کاڻيون کوٽيندڙن زمين مان لوھه ڪڍيو، انجنيئرن ان کي ڊزائن ڪيو، رياضيدانن چنڊ تي پھچڻ لاءِ ٺيڪ ٺاڪ حساب لڳايو، ڪاريگرن خاص قسم جون ڊگھيون جتيون ٺاھيون، جنھن جي مدد سان آرم اسٽرانگ چنڊ تي ھلي پئي سگھيو ۽ ھارين ڪيلن جو فصل اپايو ته جيئن خلائي بازن کي خلا ۾ کائڻ لاءِ ڪجھه ته موجود ھجي. باز اڏامن ٿا، ڇاڪاڻ جو انھن کي پر آھن. انسان اڏامن ٿا، ڇاڪاڻ جو انھن کي خبر آھي ته وڏي پئماني تي ڪيئن تعاون ڪري سگھجي ٿو. اھو ئي سبب آھي، جو اسان ڏاڍا سگھارا آھيون. اسان ھزارين اجنبين سان تعاون ڪري ڪيلا حاصل ڪري سگھون ٿا، اسڪول ٺاھي سگھون ٿا يا چنڊ ڏانھن اڏام ڀري سگھون ٿا. چمپانزي ائين نٿا ڪري سگھن. انھن وٽ دڪان نه آھن، جو ھو انھن تان ڪيلا خريد ڪري سگھن، جي دنيا جي ٻئي طرف اپايا وڃن ٿا. انھن وٽ اسڪول نه آھن، جتي سندن ھزارين ٻار گڏجي علم حاصل ڪري سگھن. اھي ڪيڏانھن به اڏامي نٿا سگھن، چنڊ تي ته بلڪل به نٿا پھچي سگھن. چمپانزي اھڙيون شيون نٿا ڪري سگھن، ڇاڪاڻ جو اھي محدود پئماني تي تعاون ڪن ٿا ۽ اھي اجنبين سان ته نھايت ئي گھٽ تعاون ڪن ٿا. مثال طور، جيڪڏهن اوھان چمپانزي ھجو ھا ۽ توھان ٻئي چمپانزي سان تعاون ڪرڻ چاھيو ھا، تڏھن توھان کي ان بابت ذاتي طور ڄاڻ گھربل ھجي ھا. مثال طور، اھو چمپانزي ڪھڙي مزاج جو آھي؟ ڇا اھو دوستي يا حقارت لائق آھي؟ ڇا ھو ڀروسي جوڳو آھي؟ جڏھن اوھان کي ان بابت ڪجھه به ڄاڻ نه آھي، تڏھن توھان ان سان ڪيئن تعاون ڪيو ھا؟ جيڪڏهن اوھان ڄاتل ماڻھن (جن کي اوھان حقيقت ۾ ڄاڻو ٿا) جي لسٽ ٺاھيندؤ ته ان ۾ ڪيترا ماڻهو شامل ھوندا؟ ان لسٽ ۾ ٽيليويزن تي نظر ايندڙ ماڻھو نه پر اوھان جن ماڻھن سان حقيقي طور مليا ھجو، اھي شامل ھجن. اھي ماڻھو، جن کي اوھان جي رازن جي ۽ انھن جي اوھان کي خبر ھجي. جيڪڏهن ڪو رڇ اوھان جي پويان لڳي ته اوھان جي مدد ڪرڻ ڪير ايندو؟ جيڪڏهن اوھان گھڻو ڪري ٻين ماڻھن جيان آھيو، توھان جي لسٽ ۾ 150 ماڻھن کان به گھٽ ماڻھو ھوندا. سائنسدانن گھڻن ماڻھن کي ان قسم جون لسٽون ٺاھڻ لاءِ چوندا رھندا آھن ۽ انھن کي ان مان اھا ڄاڻ ملي آھي ته انسانن جي لاءِ اھو نھايت ئي مشڪل آھي ته اھي 150 کان وڌيڪ ماڻھن سان مضبوط ذاتي واسطا قائم ڪري سگھن. ھاڻ ڪوشش ڪريو ته انھن ماڻھن جي ڳڻپ ڪيو، جن سان اوھان جو ھڪ ڏينھن ۾ ميل جول ٿئي ٿو. اھي سڀ ماڻھو جيڪي اوھان جي گھٽيءَ مان اوھان جي ڀرسان گذري وڃن ٿا. اوھان سان گڏ بس ۾ سفر ڪندڙ سڀ ماڻھو ۽ اوھان سان گڏ اسڪول ويندڙ سڀ ماڻھو ڳڻپ ھيٺ آڻيو. سڀ ماڻھو جيڪو ساڳئي دڪان تان خريداري ڪن ٿا. سڀ ماڻھو جيڪي توھان سان گڏ فٽبال راند ۾ شرڪت ڪن ٿا. توھان کي ڇا ٿو لڳي ته اھي گھڻا ماڻھو ھوندا؟ جيڪڏهن توھان نيويارڪ يا ٽوڪيو جھڙي وڏي شھر ۾ رھندا ھجو ھا ته يقينن اوھان ھزارين ماڻھن جي ڳڻپ ڪري سگھو ھا. ڇا اھو دلچسپ نه ھجي ھا؟ جيتوڻيڪ توھان صرف 150 ماڻھن کي سڃاڻو ٿا، جڏھن توھان ڪنھن وڏي شاپنگ مال، راندين جي ميدان يا ٽرين جي اسٽيشن تي ويندا آھيو، تڏھن اتي توھان ھزارين اجنبي ماڻھن کي ڏسندا آھيو. جيڪڏهن انھن جاين تي ھزارين چمپانزي ھجن ھا ته نتيجي ۾ افراتفري وارو ماحول ھجي ھا. پر اوھان ڏسندؤ ته ھزارين انسان روزانو باوجود رش ۽ ميڙ جي، ھڪٻئي سان سٺي سڀاءُ ۽ ورتاءُ سان پيش اچن ٿا. ان طريقي سان ئي اسان جي سيپين وڏڙن ھزارين سال اڳ نيندرٿالس ۽ ٻين انساني قسمن جو خاتمو آندو. اسان جي وڏڙن کي اھا خبر ھئي ته – وڏي تعداد ۾ وڏي پئماني تي – ھڪٻئي سان ۽ اجنبين سان ڪيئن تعاون ڪجي. گھڻن انسانن جي تعاون جو مطلب ٿيو ته گھڻا خيال گڏ ٿين ته جيئن اوزار ٺاھي سگھجن، کاڌي جي ڳولھا ڪري سگھجي ۽ ڦٽن تي ملم ڪري سگھجي. نيندرٿالس شين بابت سکيو، پر انھن کي اھا مدد صرف سندن ويجھن عزيزن ۽ دوستن کان ملي سگھي. ان جي ڀيٽ ۾ سيپينس انھن ماڻھن تي به دارومدار ۽ ڀروسو رکيو، جن کي ھو سڃاڻين به ڪونه پيا. جيتوڻيڪ ھڪ سيپين ھڪ نيندرٿال کان ڏيک ويک ۾ ڪو گھڻو سھڻو سيبتو ڪونه ھو، پر اوزارن کي ٺاھڻ ۽ جانورن جي شڪار ڪرڻ ۾ سيپين ڀڙ ھو. جيڪڏهن جھيڙي جي نوبت اچي ھا ته 500 سيپينس آسانيءَ سان 50 نيندرٿالس کي شڪست ڏئي سگھن ھا. جانورن جو ھڪ ٻيو قسم آھي، جيڪو وڏي تعداد ۾، وڏي پئماني تي تعاون ڪري سگھي ٿو؛ اھو آھي سماجي جيت، جھڙوڪ ماڪوڙا، ماکيءَ جون مکيون ۽ اڏوھي. جيئن اسان شھرن ۽ ڳوٺن ۾ رھون ٿا، ائين ماڪوڙا ۽ ماکيءَ جون مکيون ڪالونين ۽ مانارن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ رھن ٿيون. ھزارين مکيون ھڪٻئي سان تعاون ڪري کاڌو حاصل ڪن ٿيون، اھي پنھنجي ٻچن جي سار سنڀال ڪن ٿيون، پليون جوڙين ٿيون ۽ ويندي جنگيون پڻ وڙھن ٿيون. تنھن ھوندي انسانن ۽ ماڪوڙن ۾ ھڪ وڏو فرق اھو آھي ته ماڪوڙن کي اھا خبر ھوندي آھي ته اھي ھڪٻئي کي ھڪڙي ئي طريقي سان ڪيئن منظم ڪري سگھن ٿا. مثال طور ماڪوڙن جو ھڪ قسم آھي، جنھن کي محنتي ماڪوڙا چيو وڃي ٿو. دنيا ۾ ڪٿي به توھان جيڪڏهن انھن محنتي ماڪوڙن جي ڪالونيءَ کي ڏسندؤ ته توھان کي پتو پوندو، سڀ ڪالونيون ساڳيءَ طرح منظم ٿيل ملنديون. ھر ڪالونيءَ ۾ ماڪوڙا پاڻ کي پنجن گروپن ۾ ورھائين ٿا، انھن ۾ کاڌو حاصل ڪندڙ، جاءِ ٺاھيندڙ، ويڙھاڪ، نرسون ۽ راڻيون شامل آھن. کاڌو حاصل ڪندڙ ماڪوڙا اناج حاصل ڪري ۽ ننڍن جيتن جو شڪار ڪري، ڪالونيءَ ۾ اھو کاڌو واپس کڻي ايندا آھن. ويڙھاڪ ماڪوڙا ڪالونيءَ جو دفاع ڪندا آھن ۽ دشمن ماڪوڙن جي فوج سان وڙھندا آھن. نرس ماڪوڙا ننڍڙن ٻچن جي سارسنڀال ڪندا آھن. راڻيون ڪالونيءَ تي راڄ ڪنديون آھن ۽ انڊا لاھينديون آھن ته جيئن وڌيڪ ٻچا پيدا ڪري سگھجن. ان واحد طريقي سان ماڪوڙا ھڪٻئي سان تعاون ڪن ٿا. ڪالوني پنھنجي راڻيءَ جي خلاف بغاوت نه ڪندي ۽ نه ئي ڪو چونڊن جي ذريعي پنھنجو صدر چونڊيندي. جاءِ ٺاھيندڙ ۽ کاڌو حاصل ڪندڙ ماڪوڙا پنھنجي اجرت وڌائڻ لاءِ ڪڏھن به ھڙتال نه ڪندا. ويڙھاڪ ماڪوڙا پاڙيسري ڪالونين سان ڪڏھن به امن جو معاھدو نه ڪندا. نرس ماڪوڙا پنھنجي نوڪري ڇڏي وڪيل، سنگتراش يا فنڪار نه بڻجندا. ماڪوڙا ڪڏھن به نوان کاڌا تيار نه ڪندا آھن، نوان ھٿيار نه ٺاھيندا آھن يا ٽينس جيان نيون رانديون ايجاد نه ڪندا آھن. اناج حاصل ڪندڙ ماڪوڙا اڄ به ائين ئي رھن ٿا، جيئن ھزارين سال اڳ رھندا ھئا. ماڪوڙن جي ڀيٽ ۾ اسان انسان خود سان تعاون سبب مستقل طور پاڻ کي تبديل ڪندا رھندا آھيون. اسان نيون رانديون ايجاد ڪريون ٿا، اسان نوان ڪپڙا ڊيزائن ڪريون ٿا، اسان نيون نوڪريون پيدا ڪريون ٿا ۽ سياسي انقلاب آڻيون ٿا. ٽي سؤ سال اڳ، انسان ھدف کي نشان ھڻڻ لاءِ تيرن ۽ ڪمانن سان کيڏندا ھئا. اڄ اسان ٽاپ اسڪور ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر جون رانديون کيڏندا آھيون. ٽي سؤ سال اڳ، انسانن جي اڪثريت ھارپو ڪندي ھئي. اڄ اسان بس ڊرائيور، ڪتن جي تربيت ڪندڙ، ڪمپيوٽر پروگرامر ۽ ذاتي تربيت سيکاريندڙ طور ڪم ڪريون ٿا. ٽي سؤ سال اڳ، گھڻن ملڪن تي بادشاهن ۽ راڻين جي حڪومت ھئي. اڄ گھڻن ملڪن ۾ پارليامينٽ ۽ صدر جي حڪمراني آھي. اسان سيپينس ماڪوڙن جيان تعاون سبب دنيا کي فتح ڪيو ۽ مسلسل تعاون ۾ تغير سبب نون تصورن جي ايجاد ٿي. ڇا تعاون ئي اسان جي واڌو سگھه آھي؟ ائين بلڪل نه آھي. سيپينس جي بيمثال واڌو سگھه کي سمجھڻ لاءِ اسان کي ھڪ ٻيو سوال اٿارڻو پوندو. اوائل ۾ اسان جي وڏڙن ڪثير تعداد ۾ وڏي پئماني تي ڪيئن تعاون ڪرڻ سکيو ۽ اھي مستقل طور پنھنجي سڀاءُ ۽ ڪردار ۾ ڪيئن تبديلي آڻيندا رھيا؟ ان سوال جو جواب ئي اسان جي اصل واڌو سگھہ آھي. توھان جي خيال ۾ اھا ڪھڙي آھي؟ •جن، ديو ۽ پريون سچ اھو آھي ته توھان کي ان جو جواب ٿورو مايوس ڪندو. جڏهن ”واڌو سگھه“ جو لفظ اوھان جي ڪنن تي پوي ٿو، تڏھن توھان کي ائين لڳي ٿو ته ان سان ماڻھن جا ذھن پڙھي سگھجن ٿا، مستقبل کي ڏسي سگھجي ٿو يا غائب ٿي سگھجي ٿو. پر توھان کي خبر آھي ته انسان ذھن پڙھي نٿا سگھن، مستقبل کي ڏسي نٿا سگھن يا غائب ٿي نٿا سگھن. تنھنڪري انھن مان ڪا به شيءِ نٿي ٿي سگھي. اسان جي واڌو سگھه اھا ئي آھي، جا اسان ھر وقت استعمال ڪريون ٿا. ڪيترائي ماڻھو ان کي ڪمزوري سمجھن ٿا. اھو اھو نغارو آھي، جنھن سگھه سان اسان شين بابت سوچي سگھون ٿا، اھي شيون، جن جو حقيقت ۾ ڪو به وجود ڪونھي ۽ ھر قسم جون تصوراتي ڪھاڻيون ٻڌايون ٿا. اسان واحد جانور آھيون، جيڪي ڏند ڪٿائن، داستانن، پرين جي آکاڻين ۽ فرضي ڪردارن کي ايجاد ڪري سگھون ٿا ۽ انھن تي يقين پڻ ڪري سگھون ٿا. يقينن ٻيا جانور اظھار ڪري سگھن ٿا. جڏھن چمپانزي ڪنھن شينھن کي ويجھو ايندي ڏسندو آھي، تڏھن ھو پنھنجي ٻوليءَ ۾ رڙ ڪندو آھي ”خبردار ساٿيو! شينھن اچي رھيو آھي.“ سندس اھو آواز ٻڌي ٻيا چمپانزي ڀڄي ويندا آھن. جڏھن ڪو چمپانزي ڪيلي کي ڏسندو آھي ته ساڳئي نموني ھو پنھنجي ٻوليءَ ۾ پنھنجي ساٿين کي آگاھه ڪندو آھي ته سامھون ڪيلا نظر اچن پيا، اچو ته انھن کي حاصل ڪريون. پر چمپانزي شين کي بنا ڏسڻ ۽ چکڻ جي انھن کي ايجاد نٿا ڪري سگھن. چمپانزين جيان اسان سيپينس جن شين کي ڏسون، چکيون ۽ ڇھون ٿا، انھن کي بيان ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جو استعمال ڪري سگھون ٿا، جن شين جو وجود ئي نه آھي )جيئن ديو ۽ پريون( اسان انھن بابت ڪھاڻيون پڻ ايجاد ڪري سگھون ٿا. چمپانزين کان ويندي نيندرٿالس تائين، ٻيو ڪير به اسان انسانن جيان ائين ڪھاڻيون ايجاد ڪري نه سگھيو آھي. سيپينس اھا عجيب قابليت يا سگھه ڪيئن حاصل ڪئي؟ ان بابت اسان کي ڪا به پڪ نه آھي. ھڪ وضاحت اھا آھي ته سيپينس جي ڊي اين اي واري ڪتاب )ھدايت نامي( ۾ غلطيءَ سبب ڪا شيءِ تبديل ٿي وئي آھي. ٿي سگھي ٿو ته اھي دماغ جا ٻه حصا ھجن، جيڪي اڳ ۾ ته مڪمل طور الڳ ھئا، پر ھاڻ جڙڻ شروع ٿيا ھجن. ممڪن آھي ته ان غلطيءَ سبب انساني دماغ عجيب و غريب ڪھاڻيون جوڙڻ شروع ڪيون ھجن. ڪڏھن ڪڏھن غلطيون حيرت انگيز طور نين شين کي جنمينديون آھن. اھا غلطي نينڌرٿالس جي ھدايت نامي واري ڪتاب ۾ پيدا نه ٿي ھئي، تنھنڪري نيندرٿالس نه ڪھاڻيون ايجاد ڪري سگھيا ۽ نه ئي انھن تي يقين ڪري سگھيا. ٿي سگھي ته ائين نه ھجي! ان بابت اسان ڪجھه چئي نٿا سگھون، ڇو جو سائنسدان اڃان تائين ان سوال بابت تحقيق ڪري رھيا آھن. پر حقيقت ۾ اھم سوال اھو نه آھي ته سيپينس ڪھاڻين ٻڌائڻ واري سگھه ڪٿان آندي، پر ڪھاڻين ٻڌائڻ جو فائدو ڪھڙو ٿيو ۽ اسان ان کي واڌو سگھ ڇو چئون ٿا؟ تنھنڪري ڇا ٿي سگھيو، جيڪڏهن سيپينس پرين جي ڪھاڻين کي ايجاد ڪيو ۽ نينڌرٿالس ائين ڪري نه سگھيا؟ جھنگل ۾ پرين جا داستان توھان جي ڪھڙي مدد ڪري سگھن ٿا؟ جيڪڏھن جن بوتل مان ٻاھر اچي ھا ۽ اوھان کي خاص شڪتيءَ جي پيشڪش ڪري ھا، ڇا توھان ان سگھ جي چونڊ ڪري غائب ٿي وڃو ھا يا پرين بابت ڪھاڻيون ايجاد ڪيو ھا؟ حقيقت ۾، توھان کي ائين لڳي ھا ته پرين جي ڪھاڻين ۾ يقين ڪرڻ ھڪ مسئلو ھجي ھا. جيڪڏهن سيپينس ٻيلي ۾ تصوراتي پرين، گينڊن ۽ روحن کي ڏسڻ وڃن ھا، جڏھن ته نينڌرٿالس حقيقي ھرڻين، کاڄن ۽ کنڀين کي ڏسڻ وڃن ھا ته نيندرٿالس وڌيڪ بھتر نموني اتي رھي سگھن ھا. خير، ڪھاڻين بابت خوبصورت ڳالھه اھا آھي ته ڀلي اھي ڪيتريون به کل جوڳيون ھجن، پر انھن جي ڪري ئي انسانن جو ھڪ وڏو تعداد ھڪٻئي سان تعاون ڪري ٿو. جيڪڏهن ھزارين ماڻھو ساڳي ڪھاڻيءَ ۾ يقين رکن ٿا ته پوءِ اھي سڀ ساڳين اصولن جي پيروي ڪندا، جنھن جو مطلب ٿيو ته اھي ويندي اجنبين سان پڻ موثر انداز ۾ تعاون ڪري سگھن ٿا. اسان کي انھن ڪھاڻين جو شڪرگذار ٿيڻ کپي. سيپينس نينڌرٿالس يا چمپانزين يا ماڪوڙن کان وڌيڪ بھتر نموني ھڪٻئي سان تعاون ڪن ٿا. مثال طور سيپينس ھر ڪنھن کي ھي ڪھاڻي ٻڌائين ٿا: ڪڪرن جي مٿان ھڪ عظيم شينھن جو روح رھي ٿو. جيڪڏهن توھان ان عظيم شينھن جي روح جي پيروي ڪندا ته جڏھن توھان مري ويندا، تڏھن توھان روحن جي ڌرتيءَ تي ويندا ۽ اتي اوھان جيترا کائي سگھو، اوترا ڪيلا ھوندا. پر جيڪڏهن توھان ان عظيم شينھن جي روح جي پيروي نٿا ڪريو، تڏھن ھڪ وڏو شينھن ايندو ۽ اھو توھان کي کائي ڇڏيندو. يقينن اھا ڪھاڻي حقيقي نه آھي. پر جيڪڏهن ھزارين ماڻھو ان تي يقين رکڻ شروع ڪندا تہ پوءِ انھن کي ائين ڪرڻو پوندو، جيئن ڪھاڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو آھي. پوءِ اھي ھزارين ماڻھو ھڪٻئي سان آسانيءَ سان تعاون ڪري سگھندا، چاھي ڀلي اھي ھڪٻئي کي نه به سڃاڻيندا ھجن. جيڪڏهن توھان چوندؤ ته عظيم شينھن جو روح ھر ڪنھن کي ھڪ پير تي بيھڻ جو چوي ٿو ته پوءِ ھزارين ماڻھو ھڪ ئي پير تي بيھي رھندا. جيڪڏهن توھان چوندؤ ته عظيم شينھن جو روح چاھي ٿو ته ھر ڪو خالي ناريل جو کوپو پنھنجي مٿي تي پائي ھلي ته پوءِ ھزارين ماڻھو خالي ناريل جو کوپو پنھنجي مٿي تي رکي ھلندا. )ان سان اھو سمجھڻ ۾ سولائي ٿيندي ته ڪھڙا ماڻھو عظيم شينھن جي روح ۾ يقين رکن ٿا ۽ ڪھڙا ڪونه ٿا رکن.( جيڪڏهن توھان چوندؤ تہ عظيم شينھن جو روح چاھي ٿو ٿو ھر ڪو متحد ٿي نيندرٿالس سان وڙھي يا مندر ٺاھي ته پوءِ ھزارين ماڻھو نيندرٿالس سان وڙھڻ يا مندر ٺاھڻ لاءِ ھڪٻئي سان تعاون ڪندا. جيڪڏهن توھان چوندؤ ته عظيم شينھن جو روح چاھي ٿو ته ھر ڪو مندر جي ٻاوي کي ڪيلو ڏئي ۽ موٽ ۾، جڏھن اھي مري وڃن، انھن کي روحن جي ڌرتيءَ تي کوڙ سارا ڪيلا ڏنا ويندا ته پوءِ ھزارين ماڻھو پادريءَ يا ٻاوي ڏانهن ڪيلا کڻي ايندا ۽ ان پادريءَ وٽ ڪيلن جو جبل جڙي پوندو. ائين صرف اسان سيپينس ئي ڪري سگھون ٿا. توھان ڪنھن چمپانزي کي ڪڏهن به ان ڳالھه تي راضي نه ڪري سگھندا ته ھو توھان کي ڪيلو ان واعدي تي ڏئي ته جڏھن ھو مري ويندو ته بدلي ۾ ھو جنت ۾ ويندو ۽ اتي کيس کائڻ لاءِ جھجھا ڪيلا ملندا. ڪو به چمپانزي اوھان تي ڪڏھن به اعتبار نه ڪندو. صرف سيپينس ئي اھڙين ڳالھين تي يقين رکن ٿا. ان ڪري ئي اسان دنيا تي حڪمراني ڪريون ٿا، جڏھن ته غريب چمپانزي چڙيا گھرن ۾ قيد آھن. ڇا توھان کي اھو سڀ ڪجھہ عجيب لڳي ٿو؟ ڇا توھان کي ان ڳالھه کي قبول ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي تہ ان قسم جون ڪھاڻيون واقعي به دنيا کي ضابطي ۾ آڻين ٿيون؟ پنھنجي آسپاس نھاريو ۽ دلچسپ شين بابت ويچاريو. ڪجھه ماڻھو ھر قسم جون ٽوپيون پائين ٿا، ڇاڪاڻ جو انھن جو عقيدو آھي ته خدا انھن ٽوپين کي بيحد پسند ڪري ٿو. ٻيا ماڻھو ڪجھ مخصوص کاڌن کي ان ڪري نٿا کائين، جو خدا کين انھن کي کائڻ کان منع ڪئي آھي. ڪجھ ماڻھو دنيا جي پرئين پاسي ان ڪري ٻين ماڻھن سان وڙھڻ لاءِ ور کنيو بيٺا ھوندا آھن، جو انھن جو عقيدو آھي ته کين خدا ائين ڪرڻ لاءِ چيو آھي. ٻيا ماڻھو عظيم الشان عمارتون جوڙائڻ لاءِ گھڻو پئسو ڏين ٿا، ڇاڪاڻ جو انھن جو عقيدو آھي ته خدا ائين چاھي ٿو. انھن جا ٻار انھن کان پڇي سگھن ٿا ته اسان کي انھن عاليشان عمارتن جي ضرورت ڪھڙي آھي؟ اسان کي انھن ٽوپين پائڻ جي ضرورت ڪھڙي آھي؟ دنيا جي پرئين پاسي رھندڙ ماڻھن سان وڙھڻ ڀلا ڇو ضروري آھي؟ ۽ والدين انھن کي ڪھاڻيون ٻڌائن ٿا، اھي ٻارن ٻاروتڻ کان اھي ڪھاڻيون ٻڌي ٻڌي جوان ٿي وڃن ٿا ۽ انھن تي يقين ڪرڻ لڳن ٿا. اسان کي اھا پڪ نه آھي ته سيپينس پھريان ڪڏھن ڪھاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيون، پر اھا گھڻو اڳ جي ڳالھه آھي، جڏھن ڄامڙا فلوريسينس ۽ نيندرٿالس اڃان تائين اسان جي وڏڙن جي پاڙي ۾ رھندا ھئا. اسان کي خبر نه آھي ته انھن وٽ ڪھڙيون ڪھاڻيون ھيون. ٿي سگھي ٿو ته انھن وٽ عظيم شينھن جي روح بابت ڪھاڻيون هجن، ٿي سگھي ٿو ته عظيم شينھن جو روح ائين نظر ايندو ھجي، جيئن ڪو انسان شينھن جي مٿي سان ھجي. جرمنيءَ ۾ اسٽيڊل غار ۾ قديم آثارن جي ماھرن کي ھڪ ڍانچو مليو، جنھن کي انساني بدن ھو ۽ شينھن جو مٿو ھو. اھو ڍانچو 32000 سال اڳ سيپينس نقش ڪيو ھو. ان قسم جي ڪنھن مخلوق جو ڪڏھن به ڪو وجود نه رھيو آھي. تنھنڪري شينھن وارو ماڻھو 32000 سال اڳ جرمنيءَ ۾ رھندڙ ماڻھن جي ايجاد ھو. اسان کي اھا خبر نه آھي ته انھن وٽ شينھن واري ماڻھوءَ بابت ڪھڙو داستان ھو، پر جيڪڏهن ھزارين ماڻھن جو ان تي عقيدو ھو ته پوءِ يقينن ان ڪري ئي انھن ھڪٻئي سان تعاون ڪيو ھوندو. ۽ انھن جي ان تعاون سبب، انھن جي جرمنيءَ ۾ اچڻ کان اڳ ئي نيندرٿالس وٿيرڪا ٿي ڀڄي ويا ھوندا. وقت سان ماڻھن ان شينھن واري ماڻھوءَ ۾ يقين ڪرڻ ڇڏي ڏنو ھوندو. اھا ڪھاڻي وساري وئي ھوندي ۽ ان ڍانچي کي پري اڇلايو ويو. جيتوڻيڪ آثار قديمه جي ماھرن کي اھو ڍانچو مليو، پر تنھن ھوندي به اڄ ڪنھن به ماڻھوءَ کي ان شينھن واري ماڻھوءَ جي ڪھاڻي ياد ڪونھي. ان جي بدران ھاڻ ماڻھو ٻين ڪھاڻين تي يقين رکن ٿا. ڇا توھان ڪڏھن پارڪ ويا آھيو ۽ ڪجھه اھڙن ٻارڙن سان مليا ھجو، جن کي توھان ڪڏھن ڏٺو به نه ھجي ۽ ڪجھ منٽن جي اندر ئي توھان سڀئي گڏجي فٽبال راند کيڏي رھيا ھجو؟ توھان ائين ڪيئن ڪيو، جڏھن ته توھان ٻين ٻارن کي سڃاڻو به ڪونه پيا؟ وڏي ڳالھه ته فٽبال راند گھڻن اصولن جي ڪري ڏاڍي ڏکي پڻ آھي. ھر ٻار کي مختلف اصولن جي پيروي ڪرڻي ھوندي آھي. ڪو ٻار اھو بحث ڪري سگھي ٿو ته فٽبال راند جو مقصد ٻنھي پيرن جي مٿان بال کي ڪرڻ کانسواءِ رکي بيھارڻو آھي. جيڪو جيترو گھڻو بال سان گڏ بيٺو رھي، اھو جيتڻھار ٿي سگھي ٿو؟ ٻيو ڪو ٻار بال کي لڪائي، چئي سگھي ٿو ته جيڪو ان بال کي سڀ کان پھريان ڳولي ڏيکاري، اھو جيتڻھار ھوندو. ٻيا ٻه ٻار بال کي کڻي، ٿڏا ھڻڻ لڳن ۽ چون ته فٽبال راند ائين کيڏبي آھي ۽ ان ۾ ڪير به جيتڻھار ڪونه ٿو ٿئي. بھرحال، ھر راند کٽڻ لاءِ ڇو کيڏڻ گهرجي؟ جيڪڏهن ھر ڪو پنھنجي اصولن جي بجا آوري آڻي ته پوءِ توھان فٽبال راند پاڻ ۾ گڏجي ڪيئن کيڏي سگھو ٿا؟ خوشقسمتيءَ سان اڪثر ڪري اھڙا مسئلا ڪونه ٿا ٿين، ڇو جو ٻارن جي اڪثريت فٽبال بابت ساڳي ڪھاڻيءَ تي يقين رکي ٿي. ھر ڪو مڃي ٿو ته فٽبال جو مقصد بال کي ٿڏو ھڻي، گول ڪرڻو آھي. ھر ڪو مڃي ٿو ته توھان بال کي ھٿن بجاءِ )گول ڪيپر کي ڇڏي ڪري( صرف پيرن سان ڇھي سگھو ٿا. ھر ڪو مڃي ٿو ته توھان ٻئي رانديگر کي ڪڏھن به لت نٿا ھڻي سگھو. ھر ڪو مڃي ٿو ته پچ کي بائونڊري ھوندي آھي ۽ جڏھن بال بائونڊريءَ کي پار ڪري وڃي ٿو ته اھو خارج ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻي ٽيم جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، پر اھي سڀ ٻار انھن اصولن کي ڇو ٿا قبول ڪن؟ اھو ان ڪري آھي، جو کين سندن والدين ۽ استادن فٽبال جي ڪھاڻي ٻڌائي. شايد انھن پنھنجن وڏن ڀائرن ۽ ڀينرن کي فٽبال کيڏندي ڏٺو ھوندو ۽ گھڻو ڪري انھن مشھور رانديگرن ليونيل ميسي ۽ ميگن ريپنائي کي فٽبال کيڏندي ٽيليوزن تي ڏٺو ھوندو. ساڳيءَ طرح نوجوان اڃان به ڏکيون رانديون کيڏي سگھن ٿا، ڇاڪاڻ جو اھي سڀ ساڳين ڪھاڻين تي يقين رکن ٿا ۽ ساڳين اصولن جي پيروي ڪن ٿا. دلچسپ راندين مان سڀ کان دلچسپ ۽ اھم راند نوجوان کيڏن ٿا، ان کي ”ڪارپوريشن“ چيو وڃي ٿو. اھا فٽبال کان وڌيڪ ڏکي آھي. ڇا توھان ان راند بابت اڳ ۾ ٻڌو آھي؟ ڇا توھان کي مشھور ڪارپوريشنس بابت ڪا ڄاڻ آھي؟ توھان ميڪڊونلڊ بابت ٻڌو ھوندو. اھا ڪارپوريشن آھي. اھڙيءَ طرح ڪوڪا ڪولا، گوگل، فيسبوڪ، ڊزني، ٽويوٽا، مرسيڊز بينز ۽ فورڊ به ڪارپوريشنس آھن. جيڪڏهن توھان جي خاندان وٽ ڪار آھي ته اھا به ڪنھن ڪارپوريشن جي ٺھيل ھوندي. جيڪڏهن توھان ناشتي دوران ڪو اناج يا ريگستان ۾ چاڪليٽ کائو ٿا ته ان جي پيڪيجنگ تي نظر ڌرجو، توھان ڏسندؤ ته اتي توھان کي ڪارپوريشن جو نالو ۽ لوگو نظر ٿيندو. شايد توھان جي خاندان مان ڪير ڪنھن ڪارپوريشن جي لاءِ ڪم ڪندو ھجي. ڇا توھان کي ان بابت ڪجھه خبر آھي؟ پر حقيقت ۾ ڪارپوريشن ڇا آھي؟ ڇا اھا ڪا اھڙي شيءِ آھي، جنھن کي توھان ڏسي، ٻڌي، ھٿ لائي يا سونگھي سگھو ٿا؟ توھان کي بلڪل ائين ئي لڳندو، ڇاڪاڻ جو اسان ڪارپوريشنس بابت صرف ائين ٻڌون ٿا. اھي ماڻھن کي چونڊينديون به آھن ته ڪڍنديون به آھن. اھي ماحول کي گدلو ڪنديون آھن يا ڪا نئين شيءِ اھڙي ٺاھينديون آھن، جا دنيا کي بچائي سگھي. انھن کي چمپانزي ۽ ڪيلن جيان حقيقي ٿيڻ کپي، پر اچو ته ميڪڊونلڊ بابت گھرائيءَ جي نظر رکون. حقيقت ۾ ميڪڊونلڊ آھي ڇا؟ اھا صرف برگر ۽ فراءِ ٿيل شين )جن کي ٻار کائڻ پسند ڪندا آھن( جو نالو نه آھي. ميڪڊونلڊ ڪارپوريشن برگر ته ٺاھي ٿي، پر بذات خود برگر نه آھي. جيڪڏهن ڪو گوڊزيلا قسم جو خطرناڪ جانور )جو استعاري طور استعمال ٿيل آھي( ننڊ مان سڄاڳ ٿي ڪري، سڀئي برگر کائي چٽ ڪري ڇڏي، توھان جي خيال ۾ ميڪڊونلڊ ڪارپوريشن تي ڪھڙو اثر پوندو؟ ان تي گھڻو فرق ڪونه پوندو. ميڪڊونلڊ اڃان به ھوندي ۽ نتيجي ۾ اھا وڌيڪ برگر ٺاھڻ شروع ڪندي. *** Post Views: 301