بلاگنئون

بسنت هال

حيدرآباد ۾ 70 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اسان دوستن جو ڪاليج وڃڻ شروع ٿيو ته اسان جو ادبي سماجي ۽ ثقافتي تقريبن ۾ وڃڻ معمول بڻجي چڪو هو. پاڪستان نيشنل سينٽر، امريڪن ڪلچرل سينٽر ۽ برٽش ڪائونسل لائبريري ۾ روزانه شام جو وڃڻ ٿيندو هو. اهي سينٽرز تلڪ چاڙهي تي واقع هئا. تلڪ چاڙهي ڪاروباري مرڪز هئڻ کان علاوه مشهور تعليمي ادارن جو سنگم هو. نور محمد هاءِ اسڪول، مسلم سائنس ڪاليج، سچل آرٽس ڪاليج، پگٽ هاءِ اسڪول، گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج فار مين/وومين ۽ گڏوگڏ لياقت ميڊيڪل سول اسپتال ۽ ڪاليج مشهور ۽ مقبول هئا. سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين ڪاليجن جا شاگرد گهڻو ڪري تلڪ چاڙهيءَ جي رونق جو سبب هئا. انهن نوجوانن جو چانهه جي پياليءَ تي گڏ ٿيڻ لاءِ هوٽل جبيس هڪ مرڪز هئي، جتي هاڻي اليڪٽرانڪس جي شين جا دوڪان ٺهي ويا آهن. تلڪ چاڙهي کان هيٺ سينٽ بوناوينچر ۽ جامعه اسلاميه هاءِ اسڪول کان صدر بازار جو رستو وٺي اچبو هو جنرل پوسٽ آفيس، ريڊيو پاڪستان ۽ بسنت هال (Besant Hall) جون شاندار عمارتون پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرائينديون هيون. بسنت هال جي ڀر ۾ سنڌ يونيورسٽي مٺارام هاسٽل ۽ ٿورو اڳيان ڏيئل داس ڪلب ڏانهن به شاگردن جي اچ وڃ ٿيندي رهندي هئي ۽ سڏ پنڌ تي آڏو ٺنڊي سڙڪ تي سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس جي عمارت ڪر کنيو بيٺي هوندي هئي ۽ اڄ به پنهنجي شان شوڪت سان موجود آهي. بسنت هال جي عمارت 1901ع ۾ تيار ٿي هئي، جيڪا مِس عيني بسنت (Annie Besant) سان منسوب آهي. مِس عيني بسنت 1847ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي هئي ۽ هُن 1917ع ۾ اِن عمارت جي نقاب ڪشائي ڪئي هئي. اهو زمانو برطانيه راڄ جو هو. ان عمارت کي سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي پروگرام ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ بسنت هال حيدرآباد واسين لاءِ ادبي، علمي ثقافتي ۽ سياسي مجلسن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. اسان جي شاگردي واري دور ۾ 4 مارچ، 1967ع جي شاگردن واري جدوجهد واري ڏهاڙي کي سنڌ جي تڏهوڪي حڪومت جيڪا ڪجهه مهينا اڳ قائم ٿي هئي، ان پاران سموري سنڌ ۾ موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. 4 مارچ، 1972ع تي ان موڪل واري ڏينهن جي ياد ۾ ٻه جلسا منعقد ڪيا ويا هئا، هڪ جلسو سپاف شاگرد تنظيم پاران سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس ۾ ڪيو ويو هو ۽ ٻيو جلسو بسنت هال ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان ڪيو ويو هو. 4 مارچ، 1972ع تي انهن ٻنهي جلسن جي نظم ۽ ضبط جي ڇا ڳالهه ڪجي. بسنت هال ۽ ان جي ٻاهرين روڊ تائين حاضرين کچا کچ نظر اچي رهيا هئا. سائين جي.ايم.سيد خاص مهمان جي طور آيل هو، جڏهن ته عبدالحفيظ قريشي ايڊووڪيٽ، مدد علي سنڌي ۽ اقبال ترين نمايان نظر اچي رهيا هئا. اسان سائين جي ايم سيد مرحوم کي روبرو ڏٺو ۽ ٻڌو. اهڙي طرح ياد آهي ته بسنت هال ۾ خان محمد پنهور مرحوم پاران سنڌ يونيورسٽي جي تڏهوڪي وائيس چانسلر پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه بابت شايع ڪرايل ڪتاب جي رونمائي ڪئي وئي هئي. ان تقريب جي صدارت سائين محمد ابراهيم جويو ڪئي هئي. پروفيسر امينه خميساڻي، حميد سنڌي، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، تاج جويو، امداد حسيني ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن، اديبن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هئي. ان تقريب جي ڪمپيئرنگ خاڪي جويو (مرحوم) ڪئي، جيڪو پروفيشنل ڪمپيئر ته ڪونه هو، مگر سندس اعليٰ فهم ۽ ذهانت سببت تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ حيدرآباد جي نوجوانن پاران سنڌي اسپيڪرس فورم جو بنياد وڌو ويو، جنهن جو مول متو هو ته شاگردن کي مختلف موضوعن تي مذاڪرن ۽ مباحثن وسيلي تقرير ڪرڻ جو فن سيکارجي ۽ سندن حوصلي ۽ اعتماد کي اُڀارجي ته جيئن هو عملي زندگيءَ ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري سگهن. اسپيڪرس فورم جا ڪيترائي مذاڪرا ۽ مباحثا بسنت هال ۾ ٿيندا رهيا ۽ پاڪستان نيشنل سينٽر جي ننڍڙي آڊيٽوريم ۾ پڻ ڪيا ويندا هئا، جنهن لاءِ سينٽر جي تڏهوڪي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر جناب حميد آخوند جي ادب نوازي کي وساري نٿو سگهجي. شاگردي جي دور کانپوءِ روزي ۽ روٽي خاطر حيدرآباد کان ٻاهر رهڻو پيو. ملڪ ۾ مارشل لا جو دور اچي ويو. اهڙي طرح ادبي ۽ ثقافتي مجلسون ماٺار ۾ اچي ويون. بسنت هال کي شادي هال طور استعمال ڪيو ويو. ان بعد ڳچ عرصي تائين حيدرآباد شهر ۾ غير يقيني واري صورتحال جنم ورتو. جنهن سبب تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي حاضري گهٽجي ويئي. ناميارا ڪاليج اداسي ۽ بي حسي جو شڪار ٿي ويا. وڏي عرصي کانپوءِ حيدرآباد جون ادبي، ثقافتي ۽ سياسي سرگرميون جاري آهن. نوجوانن جو لائبريري، ثقافتي ماڳن، ادبي، علمي ۽ ثقافتي سرگرمين ڏانهن رجحان وڌيو آهي. بسنت هال ۽ ان ۾ قائم ديوان مٺارام گدو مل فري لائبريري ۽ گنگا رام تلڪ چنڊ فري ريڊنگ روم ۽ انهن جي واڌ ويجهه محسوس ڪرائي ٿي ته اسان زنده قوم آهيون ۽ پنهنجي جرئت، همت، حوصلي، ڄاڻ ۽ سکيا سان جيئڻ چاهيون ٿا.
***