ايڊيٽوريل

حيدرآباد- سکر موٽروي نه ٺاهي (ن) ليگ سنڌ جو واحد ترقياتي وفاقي پروگرام به معطل ڪري ڇڏيو

عام چوڻي آهي ته اوهان کي ڪنهن به علائقي ۾ ترقي پهچائڻي آهي ته اتي روڊ پهچايو ترقي پاڻهي پهچي ويندي. سَولو مطلب اهو آهي ته ٽرانسپورٽ جي آساني جي لاءِ بهتر کان بهتر روڊ هر علائقي ۽ هر ملڪ جي ترقيءَ جي لاءِ تمام ضروري آهن. پوري دنيا روڊن کي جديد نموني تعمير ڪري انهن کي موٽروي جا نالا ڏئي رهي آهي.
موٽروي جو نالو پاڪستان جي ماڻهن (ن) ليگ جي پهرين دور حڪومت ۾ ٻڌو جڏهن ان وقت جي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف لاهور- اسلام آباد موٽروي جو بنياد رکيو هو، جيڪو جي ٽي ورڊ کان بنهه الڳ رستو ٺاهي لاهور کي اسلام آباد سان ڳنڍيو ويو هو. ان کانپوءِ (ن) ليگ جڏهن به حڪومت ۾ آئي آهي ته ان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خاص طور تي پنجاب صوبي اندر موٽروي ٺاهيا آهن، پر (ن) ليگ جي نظر ڪرم سنڌ صوبي تي موٽروي جي حوالي سان ڪڏهن به نه پئي آهي. ٿيندو ائين آهي ته موٽروي کي بندرگاهه کان شروع ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ پوري ملڪ جي شهرن سان ڳنڍيو ويندو آهي ته جيئن بندرگاهه تي ايندڙ ويندڙ ڪارگو آسانيءَ سان ملڪ جي ٻين ڏورانهن حصن تائين پهچائي سگهجي يا اتان کڻي سگهجي، پر اسان وٽ ابتڙ ٿيو آهي. ڪراچي جي بندرگاهه کي ملڪ جي ٻين صوبن سان موٽروي ذريعي نه ڳنڍيو ويو آهي. جيڪڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سپر هاءِ وي کي هرو ڀرو موٽروي چئي مڃائجي ته کڻي چئجي ته اهو موٽروي سنڌ جي حصي ۾ آيو آهي، جيڪو ڪنهن به حساب سان موٽروي جي معيار تي پورو نٿو لهي. ٻيو ملتان- سکر موٽروي لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو سنڌ جي حصي ۾ آيو آهي. ملتان- سکر موٽروي 380 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي، جنهن جو سنڌ اندر حصو صرف 120 ڪلو ميٽر آهي. سکر- حيدرآباد موٽروي جو منصوبو گذريل 12 سالن کان ٻڌي رهيا آهيون، جنهن تي بجيٽ به رکي وئي هئي، پر ان جي زمين جي خريداريءَ ۾ تمام گهڻا گهپلا سامهون آيا، ان ڪري هن منصوبي کي هڪ پاسي رکيو ويو آهي. هاڻي خبر پئي آهي ته ايڪنڪ جي اجلاس ۾ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جيڪو پرڏيهي وزير پڻ آهي ان اعلان ڪيو آهي ته اسان کي سکر- حيدرآباد موٽروي ٺاهڻ جي لاءِ ڪا ڪمپني يا ٺيڪيدار نٿو ملي، انهيءَ ڪري اسان موٽروي جو اهو حصو نٿا ٺاهي سگهون. هاڻي اسين لاهور کان بهاول نگر موٽروي ٺاهينداسين، جنهن جي ڊيگهه پڻ 300 ڪلو ميٽر آهي. (ن) ليگ جڏهن به حڪومت ۾ ايندي آهي ته ان جي سنڌ صوبي سان ترقي بابت پاليسي ۾ ٻه اکيائي نظر ايندي آهي، پر هي صاحب جيڪو ڊپٽي وزيراعظم آهي، ان جي سنڌ صوبي سان محبت ڪجهه وڌيڪ نظر اچي رهي آهي جو هڪ ئي منصوبو جيڪو وفاق طرفان صوبي اندر منظور ڪيو ويو هو، ان تي به کيس اعتراض آهي. ان منصوبي کي روڪي اهو منصوبو پڻ پنجاب صوبي اندر کڻي وڃڻ چاهي ٿو. (ن) ليگ جي نظر ۾ پاڪستان جو مطلب صرف پنجاب صوبو آهي. انهيءَ ڪري سندس نظر ڪرم ٻين صوبن طرف نه ويندي آهي ۽ نتيجي ۾ ٻين صوبن جو عوام پڻ (ن) ليگ کي پنهنجو نه سمجهندي چونڊن جي وقت کيس ووٽ نه ڪندو آهي. (ن) ليگ حڪومت جي اهڙن فيصلن کانپوءِ سنڌ جي عوام جو (ن) ليگ کي ووٽ نه ڏيڻ يقينن سمجهه ۾ اچي ٿو. وفاقي حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته هو ملڪ جي نالي تي ٻاهرين دنيا مان جيڪو قرض کڻي ملڪ اندر ترقياتي ڪم ڪرائي ٿي ان قرض جي واپسيءَ ۾ ٽيڪسن جي صورت ۾ سڀني کان وڌيڪ حصو سنڌ صوبي جو هوندو آهي ته پوءِ ترقياتي ڪمن ۾ پڻ سنڌ صوبي کي اوليت ملڻ گهرجي، پر هتي ته مليل منصوبا به رد ڪري پنجاب طرف موڪليا وڃن ٿا جيڪا ظاهر ظهور نا انصافي آهي.
اسين وفاقي حڪومت سان احتجاج ڪريون ٿا، سنڌ جو عوام چاهي ٿو ته وفاقي حڪومت سکر- حيدرآباد موٽروي کي وزيراعظم شهباز شريف جي ڪيل اعلان مطابق وقت سر پورو ڪري. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ اهو چيو آهي ته ٻن سالن جي عرصي ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو، پر ايئن ٿيندي نظر نٿو اچي. سنڌ سرڪار ان اجلاس ۾ احتجاج ضرور ڪيو آهي، پر کيس سختيءَ سان سنڌ جي انهيءَ منصوبي جي چوڪيداري ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان منصوبي سان صرف سنڌ جي عوام کي فائدو نه پوندو، پر پورو پاڪستان موٽروي ذريعي بندرگاهه سان ڳنڍجي ويندو جيڪو پوري ملڪ جو فائدو هوندو.