پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پنهنجن ٻارن مان موبائل جي عادت ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿي؟

والدين کي پنهنجن ٻارن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي ضرورت آهي ۽ موبائل فون ۽ ان جي روز مره جي استعمال ۾ ڪيئن توازن پئدا ڪجي، ان لاءِ به والدين کي ٻارن جي تربيت نهايت ضروري آهي. موبائل فون جي استعمال جي باري ۾ ٻارن جو نقطه نظر ۽ خدشا به والدين کي ٻڌڻ گهرجن ۽ انهن جي شڪايتن کي دور ڪرڻ گهرجي. موبائل فون جي استعمال لاءِ گهر ۾ اصول ۽ ضابطا مقرر ڪرڻ گهرجن، نه صرف ضابطا مقرر ڪجن، پر والدين کي به رول ماڊل بڻجي ڏيکارڻو پوندو. گهر جي ڪنهن حصي کي موبائل فري زون طور نامزد ڪريو ته جيئن اتي سڀ خاندان جا فرد گڏجي ويهي ڳالهائي ٻولهائي سگهن. موبائل فون جي استعمال لاءِ وقت جو مقرر ڪرڻ به ضروري آهي ته جيئن ٻار کاڌو کائڻ وقت به موبائل استعمال نه ڪن. ان کان علاوه ٻارن کي اهڙيون سرگرميون مهيا ڪيو، جنهن سان اهي وڌ کان وڌ جسماني حرڪت ڪري سگهن ته جيئن انهن جي صحت بهتر ٿي سگهي. هن وقت آن لائن سيفٽي سڀني کان وڏو چئلينج آهي، پنهنجن ٻارن کي ان چئلينج کان ضرور آگاهه ڪريو ته جيئن اهي اڻ ڄاڻ ماڻهو جي ڄار ۾ نه ڦاسي سگهن. پنهنجن ٻارن سان والدين کي صحتمند سرگرمين سان گڏوگڏ ڪوالٽي ٽائم گذارڻ گهرجي ته جيئن خاندان جي اندر رشتي جي مضبوطي کي پئدا ڪري سگهجي. جيڪڏهن انهن چند ڳالهين تي عمل ڪيو ويو ته يقينن توهان پنهنجي گهر ۾ ٻارن کي هڪ صحتمند ماحول مهيا ڪري ڏئي سگهو ٿا.