آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس: پي ڊي ايم حڪومت جي عدالتي بئنچ تي اعتراض رد
سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ۾ پي ڊي ايم جي اڳوڻي حڪومت جا عدالتي بينچ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا. عدالت 6 جون تي محفوظ ڪيل فيصلو 3 مهينن بعد ٻڌائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته بينچ تي اعتراض عدليه جي آزادي تي حملو آهن، حڪومت 9 مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي، عابد زبيري ڪميشن کي چئلينج ڪيو هو. عدالت ٻڌڻيءَ لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ جوڙي هئي، بئنچ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن اظهر ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل هئا، عدالتي بئنچ ڪيس جون ٻه ٻڌڻيون هلايون ۽ آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو. اڳوڻي حڪومت ٽن ججن جي بئنچ کان عليحدگي لاءِ هڪ ڌار درخواست به داخل ڪرائي هئي، حڪومت طرفان اعتراض واريل ججن ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر شامل هئا، 6 جون تي محفوظ ڪيل فيصلو ٽن مهينن بعد اڄ جسٽس اعجاز الاحسن پڙهي ٻڌايو، بينچ جي ٽن ججن تي حڪومتي اعتراض وارڻ واري ڌار درخواست به خارج، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ججن تي اعتراض عدليه تي حملي برابر آهن، سپريم ڪورٽ ڪيس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪندي.

