تجرباتي دوا سان ليوڪيميا جو ٽيون مريض مڪمل شفاياب قرار
ليوڪيميا جي آخري درجي تي موجود هاڻ ٽئين ماڻهو کي ليوڪيميا جهڙي ڪينسر کان نجات ملي وئي آهي، جنهن تي پهرين سموريون دوائون ناڪام ٿي چڪيون هيون. آمريڪا مان هڪ سٺي خبر آئي آهي. جنهن ۾ ”ري ويونِب“ نالي گوري سان ٽئين مريض جو بلڊ ڪينسر مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي. هن طبي آزمائش جو هڪ ڊگهي عرصي کان انتظار هو جنهن تي ماهر مسرور آهن. هيءَ تحقيق ڊاڪٽر غياث عيسيٰ ڪئي آهي جيڪو ٽيڪساس يونيورسٽي ۾ ليو ڪيميا جو ماهر آهي.

