بلاگنئون

ڇا صنعتي ملڪ ئي ترقي يافته ملڪ آهن؟

هتي اهو ڪير طئي ڪندو ته دنيا جو وڏي ۾ وڏو دماغ ڪهڙي حصي ۾ پيدا ٿيو؟ ملڪن جي ترقي شخصي حيثيت ۾ ٿي يا اجتماعيت انفراديت کي ڌڪيو ته اهي علم حاصل ڪن، ترقيون ڪن، صنعتون هڻن، ٽيڪنالاجي ۾ پاڻ ملهائين، ملڪن کي ڪري ڏيکارين ته ترقي ڪيئن ڪبي آهي. دنيا ۾ کنڊن جي ورهاست، پهرين، ٻين ۽ ٽين دنيا جي درجابندي، علمن جا حصول، عملي ڊگرين جا ماڊل ۽ نمونا، انجنيئرنگ، ميڊيڪل، ٽيڪنالاجي، ڪمپويٽر، جهازرانيون، جهازن جون اڏامون، ڪمپيوٽر جي ايجاد جا ڪرشما وغيره وغيره، اهي سڀ ترقيون ڪيئن ممڪن ٿيون، عين ممڪن آهي ته اهي آهستي آهستي، وڏي ڊوڙ سان ممڪن ڪيون ويون، اهي سڀ ترقيون پوءِ رڳو يورپ يا مغربي ملڪن جي حصي ۾ ڇو آيون، اهي ايٽمي طاقتون به بڻجي ويا، اهي صنعتي ترقيون به ڪري ويا، اهي سپر پاور به بڻجي ويا ته پوءِ انهن جي اڳواڻن ۾ اها ئي طاقت هئي، جيڪا دنيا جي وڏن دماغن جي طاقت ڪري پئي ڏيکاري، اهي ملڪ صنعتي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ايتري ته ترقي ڪري ويا جو دنيا جا ٻيا ملڪ ڏسندا رهجي ويا ۽ اهي به انهن جي ماڊل (نموني) تي رهي ٿوري ٿَڪي ترقي ڪري پئي سگهيا (يا ڪري رهيا آهن) ان ڪري ته صعنتي ترقي ڪري ويا ۽ مسلسل ڪري رهيا آهن (۽ ڪندا رهندا) ان ڪري ته اهي ملڪ، ماڻهو، ليڊر، سياست، سماجي ۽ معاشي طرح هڪٻئي کي ترقيون ڪرائي رهيا آهن ۽ هڪٻئي جا حال ڀائي به آهن. ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا ڏٺو ته يورپ جي جنگي توپن جا منهن ايشيائي ملڪن ڏانهن ڦري آيا، انهن ۾ پوءِ روس هجي يا چين يا عربن جا سڀ ملڪ هجن يا برصغير جا مڙئي ملڪ، پر يورپ پوءِ به سڪون ۾ آهي ته اهي انهن ئي سوچن ۽ دماغن کان ڪم وٺي اڳ کان اڳرا آهن ۽ مسلسل ترقي ڪري رهيا آهن ۽ اسان جهڙا ملڪ جيڪي رڳو انهن جي پوئلڳيءَ ۽ خاص ڊڪٽيشن ۾ رڌل آهن ۽ جيڪي ڪيون ٿا، اهي سڀ انهن جي طاقت ۽ ڊڪٽيشن ۽ ،ڊو مور” جو نتيجو آهي، ان ڪري دنيا کي هلائڻ لاءِ وڏن دماغن ۽ بردبار شخصن، اڳواڻن ۽ اعليٰ درجي جي ليڊرن جي اشد ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ ملڪن کي جاکوڙڻو پوندو نه ته ٻي صورت ۾ غريب ۽ اٻوجھه ملڪ پنهنجو پاڻ مذهبن ۽ لساني ويڙھ جو شڪار ٿي ويندا ۽ پاڻ مري ڳري ويندا، جو سڀاڻي ترقي ته پنهنجي جاءِ تي، اهي پاڻ بچائڻ لاءِ عاجز هوندا. ان ڪري اها شيءِ ضروري آهي ته اڳواڻن جا دماغ اعليٰ درجي جا هجن جيڪي ملڪ ڀلي آئن اسٽائن پيدا نه ڪن، پر ان نور کان به نه هليا وڃن جو سڀاڻي ڪير انهن سان وڻج واپار به نه ڪري.

وري ساڳي ڳالھه ٿا ڪيون ته آئن اسٽائن وڏو دماغ هو يا موسيٰ الخوارزمي، بو علي سينا يا ابن بطوطا، پلوٽو، سقراط، ارسطو يا هاڻوڪي دور جا ايلون مسڪ، بل گيٽس، زڪربرگ، اسٽيوجابس يا اسٽيفن هاڪنگ يا اهي وڏا ماڻهو يا وڏا دماغ جن ميڊيڪل جي دنيا ۾ انقلاب پربا ڪيا، يا اهي جن انجنيئرنگ ۾ ڪمال ڪيا ۽ دنيا کي اڏڻ سيکارين، دنيا جي وڏي ۾ وڏي ايجاد يا ويهين صديءَ جا ازدها جن انقلابي ڪمپيوٽر ٺاهي دنيا کي ڪنهن ڪنڌيءَ هنيو، اهي معاشي ڏاها جن دنيا کي صنعتون بخشيون ۽ انسانذات سکي زندگي گذراڻ سکيو، پر انهن جو معيار ۽ تعين ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي ته ڪير ڪيترو وڏو آهي، آيا اسلام جا شروعاتي سائنسدان جن بنيادي نظريا ڏنا ۽ پوءِ صليبي جنگين جي ڊپ ۾ پاڻ پوئتي ٿي ويا ۽ دنيا جا ملڪ خاص مغربي ملڪ دولتن ۽ طاقتن جا مهندار بڻجي ويا، پر ڏسجي ته اهي سڀ صعنتي ترقي جا پيروڪار هئا (۽ آهن) ان ڪري ته معدني دولتون به هاڻي ويهين صدي جون ڪهاڻيون بڻجي وينديون ۽ ڪير جيڪڏهن ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳتي ناهي ته معنيٰ ترقي جي ڊوڙ کان ڪٽيل ۽ پوئتي رهجي ويندو (۽ دين ڌرم پنهنجي جاءِ تي). ان قسم جي مشهور شخصيتن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ، ذهن ۾ رکون ته هتي اسان جو مقصد ٿورڙي اعليٰ عقلي ۽ ذهني به ولوڙ آهي، يعني ابوالڪلام ۽ ايڊورڊ جو عقل ۽ ڪردار جو اهو نادر ميلاپ ۽ اثر آهي، جيڪي پنهنجي دور ۾ پاڻ ملهائي ويا.

شاھ ڀٽائي، امبيدڪر، شيخ اياز، بابا بلي شاھ، بابا فريد شڪر گنج، اروبندو، رابندرناٿ ٽيگور ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ماڻهو جيڪي رڳو ادب ۽ ٻولي جي خدمتن ۽ انقلاب پربا ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳڀرا هئا، انهن جي صنعتي ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ڪا ڄاڻ سڃاڻ نه هئي، اهي ماڻهن کي شعر ٻُڌائي جاڳائي ويا، انهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ انهن قوتن جي خلاف جنگي بغاوتن جي لاءِ پنهنجن قومن کي جاڳايو ته اهي پنهنجي ڌرتي تان ڌارين کي ڌڪي ڪڍن ۽ پنهنجي جياپي ۽ پنهنجي نسلن جي آجياپي لاءِ پاڻ پتوڙين ۽ دنيا کي هن آزاد حيثيت ۾ پاڻ مڃائي ڏيکارين، ٻيو ڪجھه به، پر جديد علمن ۽ جديد ٽيڪنالاجي انهن علمن ۽ تهذيبن جا علمبردار ئي سڏجن ٿا، ان ڪري ته بنياد پرستي پنهنجي جاءِ تي، پر اهي ملڪ جيئن ڪن ٿا، جيڪي پنهنجي ٻولي ۾ ايجاديون ۽ ترقيون ڪن ٿا، اهي ملڪ پنهنجي ٻوليءَ ۾ شين جا نالا به جوڙين ٿا، دنيا انهن ملڪن جي انتظار ۾ ويٺل آهي ته اهي هيل ڪمپيوٽر جي ٽيڪنالاجي ۾ ڪهڙا انقلاب پربا ڪندا ۽ صنعتي انقلابن جي ڪهڙي طوفان کي هوا ڏيندا. انهن جي پنهنجي ملڪن ۾ انهن جي باشدن جي عزت ۽ آبرو، جياپو، مال، ڌن، دولتون ڪٿي دنگ ڪنديون ۽ اهي هاڻي دنيا کي ڪاڏي وٺي ويندا. ان ڪري ته سعودي عرب ڀلي سون جي کاڻين جو مالڪ هجي، پر ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي ناهي، ان ڪري هو پنهنجون سڀ کاڻيون آسٽريليا کي ڏئي ٿو ڇڏي ته اهي هن کي سون صاف ڪري ڏين ۽ اهي پنهنجن ڪارخانن ۾ سون جي رفائنري ڪن. ان ڪري اسان به انهن جي ڏس تي بلوچستان جون کاڻيون انهن جي حوالي ڪري ڇڏيون هيون ته اهي ٽيڪنالاجي ۾ زور آهن ۽ آساني سان سون صاف ڪري ڏيندا. اها صفت جيڪا حقيقي عقل کي عوامي دانشورن ۽ فعل فضيلت جي عملي کان ڌار ڪري ٿي. گفتگو گونگي ٿي ٿي وڃي، خاص طور تي سوشل ميڊيا جي آمد کانپوءِ ڪراس ميڊيا ملڪيت يا مثال ڪوڪنگ آئل کان وٺي ريئل اسٽيٽ تائين ۽ ڊٽرجنٽ صابڻن کان وٺي تماڪ جي استعمال تائين، هڪ ٽي وي چينل کان اخبار تائين، اهي سڀ ڪجھه ڪري سگهن ٿا. مثال اهي ٽي وي اينڪرز جي ٽاڪ شوز ۽ عهدن جي وچ ۾ تبديلي ڪري سگهن ٿا، عبوري وزيراعليٰ کان وٺي قومي سلامتي جي صلاحڪارن کان گهرو وزيرن تائين سڀ ڪجهھ ڪري سگهن ٿا، جتي اڃان تائين بيروني ضابطا آهن.

صنعتن جي ترقي جي ڇنڊ ڇاڻ جاگرافيائي ليڪا ڪڍي ڇڏيا آهن، جن ملڪن جي سونهن کي يا ته وڌائي ڇڏيو آهي يا مورڳو ئي گهٽائي ڇڏيو آهي. ڪير به ائين نٿو چئي ته جيڪي ملڪ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون جوڙين ٿا، سي ناڪاره آهن، اهي ڪنهن ڪم جا ناهن. ان ڪري ته ترقي اها ئي آهي، جيڪا ڏسجي ٿي ۽ جنهن جي سونهن جي ڪري ملڪن جا ناموس برقرار آهن. ملڪن جي ترقي صعنتن جي ازدها مشينن جي ايجاد جي ڪري به آهي، ان ڪري ته جيڪي ملڪ اهي ترقيون ڪن ٿا، اهي ئي سوڀارا آهن، اهي ئي ليڊر ملڪ آهن، انهن جي هٿ وس واڳ آهي، اهي باقي ملڪن جي لاءِ طئي ٿا ڪن ته انهن کي ڪيئن هلائجي ۽ ڪٿي بيهارجي. انهن جي تنظيمن جي جڙت به ائين آهي ته ڪير جي-8 ۾ ويهندو ۽ ڪير جي-20 ۾ اڳواڻي ڪندو. آءِ ايم ايف کان وٺي، يونائيٽيڊ نيشنز جي مڙني تنظيمن جا ڍانچا به اهي ملڪ طئي ٿا ڪن انهن ملڪن (سپر پاور) جي هٿ وس آهي ته اهي جيئن چاهين ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪي چاهين چئي سگهن ٿا. اهي طاقتون پوءِ رات پيٽ ۾ جنم نه ٿيون وٺن، پر صنعتن جي ترقي، ٽيڪنالاجي جي ڀيڙ ۽ عملن جي حصول جا نتيجا آهن، جيڪي اهي پوکن ٿا ۽ لڻن ٿا. باقي ملڪ جيڪي مذهبي رواداري، لساني پوڄا پاٺ، ديسي ساخت جي نفرتن ۾ ورتل آهن، اهي ڪڏهن ان عروج کي نه پڄندا، ان ڪري ته دنياوي ترقي رڳو ائين ئي ممڪن آهي ته جيڪي ملڪ وڏا علم، مشاهدا، تجربا، چنڊ ۽ مريخ تي پهچڻ جي ڊوڙ ۾ رڌل آهن، جيڪي ملڪ ان ڊوڙ ۾ آهن ته ڪمپيوٽر ڪهڙي شڪل ۾ آڻي سگهجي ٿو، جيڪي ملڪ ان ڊوڙ ۾ آهن ته ميڪرو ڪمپيوٽر مان مائيڪرو ڪمپيوٽر هاڻي ڇا مان ڇا ڪري سگهي ٿو، جيڪي سوچن ٿا “اي آءِ” هاڻي ڪٿي بيهندي ۽ جيڪي چاهين ٿا “چَيٽ جِي پي ٽي” تي ڇا ڇا ڪري سگهجي ٿو، جيڪي سوچين ٿا ته هاڻي گاڏيون هائيبرڊ مان مورڳو ئي سولر انرجي تي ڪيئن پڄائجن، جيڪي سوچين ٿا ته روبوٽ هاڻي انهن ماڻهن جي جاءِ تي ڪم ڪن، جيڪي ڊرون ٽيڪنالاجي جي ذريعي ملڪ مٿان اي سي ڪمرن ۾ ويهي حملا ڪري سگهن ٿا. پوءِ طئي ٿيو ته اهي ئي وڏا دماغ آهن، جو هنن جي دور ۾ “آئين اسٽائين” جهڙا دماغ، جيڪي 100 سيڪڙو مان 7 سيڪڙو مس ڪم ڪندا هئا، اهي هاڻي چنڊ ۾ جهاتي پائي سگهن ٿا، اهي مريخ تي رهڻ جو پلان ٿا ڪن، اهي هٿراڌو آڪسيجن ۽ هائيڊروجن جا ميلاپ ڪري مريخ تي پاڻي به آڻي سگهن ٿا، ان ڪري اهي ملڪ ان لائق به آهن ته ترقي ڪن ۽ ٻيا ملڪ انهن جي ترقي کي پڏائين.