هتي اهو ڪير طئي ڪندو ته دنيا جو وڏي ۾ وڏو دماغ ڪهڙي حصي ۾ پيدا ٿيو؟ ملڪن جي ترقي شخصي حيثيت ۾ ٿي يا اجتماعيت انفراديت کي ڌڪيو ته اهي علم حاصل ڪن، ترقيون ڪن، صنعتون هڻن، ٽيڪنالاجي ۾ پاڻ ملهائين، ملڪن کي ڪري ڏيکارين ته ترقي ڪيئن ڪبي آهي. دنيا ۾ کنڊن جي ورهاست، پهرين، ٻين ۽ ٽين دنيا جي درجابندي، علمن جا حصول، عملي ڊگرين جا ماڊل ۽ نمونا، انجنيئرنگ، ميڊيڪل، ٽيڪنالاجي، ڪمپويٽر، جهازرانيون، جهازن جون اڏامون، ڪمپيوٽر جي ايجاد جا ڪرشما وغيره وغيره، اهي سڀ ترقيون ڪيئن ممڪن ٿيون، عين ممڪن آهي ته اهي آهستي آهستي، وڏي ڊوڙ سان ممڪن ڪيون ويون، اهي سڀ ترقيون پوءِ رڳو يورپ يا مغربي ملڪن جي حصي ۾ ڇو آيون، اهي ايٽمي طاقتون به بڻجي ويا، اهي صنعتي ترقيون به ڪري ويا، اهي سپر پاور به بڻجي ويا ته پوءِ انهن جي اڳواڻن ۾ اها ئي طاقت هئي، جيڪا دنيا جي وڏن دماغن جي طاقت ڪري پئي ڏيکاري، اهي ملڪ صنعتي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ايتري ته ترقي ڪري ويا جو دنيا جا ٻيا ملڪ ڏسندا رهجي ويا ۽ اهي به انهن جي ماڊل (نموني) تي رهي ٿوري ٿَڪي ترقي ڪري پئي سگهيا (يا ڪري رهيا آهن) ان ڪري ته صعنتي ترقي ڪري ويا ۽ مسلسل ڪري رهيا آهن (۽ ڪندا رهندا) ان ڪري ته اهي ملڪ، ماڻهو، ليڊر، سياست، سماجي ۽ معاشي طرح هڪٻئي کي ترقيون ڪرائي رهيا آهن ۽ هڪٻئي جا حال ڀائي به آهن. ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا ڏٺو ته يورپ جي جنگي توپن جا منهن ايشيائي ملڪن ڏانهن ڦري آيا، انهن ۾ پوءِ روس هجي يا چين يا عربن جا سڀ ملڪ هجن يا برصغير جا مڙئي ملڪ، پر يورپ پوءِ به سڪون ۾ آهي ته اهي انهن ئي سوچن ۽ دماغن کان ڪم وٺي اڳ کان اڳرا آهن ۽ مسلسل ترقي ڪري رهيا آهن ۽ اسان جهڙا ملڪ جيڪي رڳو انهن جي پوئلڳيءَ ۽ خاص ڊڪٽيشن ۾ رڌل آهن ۽ جيڪي ڪيون ٿا، اهي سڀ انهن جي طاقت ۽ ڊڪٽيشن ۽ ،ڊو مور” جو نتيجو آهي، ان ڪري دنيا کي هلائڻ لاءِ وڏن دماغن ۽ بردبار شخصن، اڳواڻن ۽ اعليٰ درجي جي ليڊرن جي اشد ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ ملڪن کي جاکوڙڻو پوندو نه ته ٻي صورت ۾ غريب ۽ اٻوجھه ملڪ پنهنجو پاڻ مذهبن ۽ لساني ويڙھ جو شڪار ٿي ويندا ۽ پاڻ مري ڳري ويندا، جو سڀاڻي ترقي ته پنهنجي جاءِ تي، اهي پاڻ بچائڻ لاءِ عاجز هوندا. ان ڪري اها شيءِ ضروري آهي ته اڳواڻن جا دماغ اعليٰ درجي جا هجن جيڪي ملڪ ڀلي آئن اسٽائن پيدا نه ڪن، پر ان نور کان به نه هليا وڃن جو سڀاڻي ڪير انهن سان وڻج واپار به نه ڪري.