ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان جنگ ۾ ڪڏهن به اڳرائي نه ڪندو: نائب وزيراعظم

            پهلگام واقعي جي گذرڻ کانپوءِ ڏهن منٽن اندر ڀارتي ميڊيا سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيو ته ان واقعي ۾ پاڪستان ملوث آهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري ڀارت جو رچايل ڊرامو فلاپ ٿي ويو ۽ دنيا ان اسڪرپٽ کي خريد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي تجزيه نگارن ٻنهي طرفن کان ان ڳالهه جو امڪان ظاهر ٿي ڪيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ان واقعي کانپوءِ 36 ڪلاڪن اندر ڪابه اڻوڻندڙ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي يا جنگ جي شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ڇو ته انهن ٽن ڏينهن جي اندر ڀارت حملو ڪري سگهيو ٿي.

            ڀارت حملو جيستائين ڪري تيستائين ڀارتي ميڊيا پنهنجي ليکي ميڊيا تي ويهي پاڪستان جي مٿان لڳ ڀڳ حملو ڪري خدانخواسته پاڪستان کي هن ڌرتيءَ تان ختم به ڪري چڪو آهي. سوشل ميڊيا تي ويهي اينڪر اهڙا بيان ڏيئي رهيا آهن جنهن سان لڳي ٿو ته هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ سخت جنگ جاري آهي ۽ پاڪستان ميدان مان ڀڄي ويو آهي ۽ ڀارت طرفان يڪطرفه سنڌ طاس معاهدي کي منسوخ ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ڀارت ۾ اهو تاثر ملي ٿو ته پاڪستان جو عوام هن وقت اڃ مري رهيو آهي. ان قسم جي نفرت خطي ۾ مودي سرڪار پکيڙي هن خطي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڀارت جو آئين هڪ سيڪيولر آئين آهي. جيڪا ڀارت جي سونهن هئي ۽ هن وقت به ڀارت کي ان تي فخر هجڻ گهرجي.

            مودي حڪومت هٿ وٺي ڀارت کي هڪ انتها پسند مذهبي روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان جي ڊرم بيٽنگ سوشل ميڊيا تي تمام زور و شور سان ڪئي وڃي ٿي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اڄ به ڀارت پنهنجي مزاج ۾، پنهنجي اصل ۾، پنهنجي خمير ۾ هڪ سيڪيولر رياست آهي. صرف مودي سرڪار جي ظالماڻي رويي جي ڪري اهي ماڻهو خاموش آهن ۽ اهڙن واقعن تي انهن ماڻهن جا موقف اچڻ شروع ٿين ٿا جڏهن نفرت جي باهه کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پهلگام واقعي کانپوءِ هڪ عورت جيڪا ان حادثي جي متاثر آهي، جنهن جي مڙس کي ان حادثي ۾ قتل ڪيو ويو، ان بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اهي دهشتگرد نه مسلمان هئا نه هندو، اهي صرف دهشتگرد هئا، اها آهي ڀارت جي سيڪيولر سماج جي فتح. ان سوچ کي مودي ڪيترن ئي سالن کان وٺي ختم ڪرڻ چاهيندو اچي، پر هو اڄ ڏينهن تائين ختم نه ڪري سگهيو آهي. اهو مسئلو صرف ڀارت جو نه، پر اسان جي ملڪ پاڪستان جو به آهي. هتي به وقت بوقت اهڙي قسم جا حادثا رونما ٿيندا رهن ٿا ۽ مذهب جي بنياد تي ماڻهن کي هڪٻئي سان ويڙهايو وڃي ٿو، مذهبي منافرت پکيڙڻ لاءِ ماڻهن جي مٿان ڪوڙا الزام لڳايا وڃن ٿا ۽ مختلف طريقن سان مذهب جي بنياد تي ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪيو وڃي ٿو. شايد اهو رويو ٻنهي رياستن جي زنده رهڻ جي لاءِ ضروري آهي.

             خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت جيڪو جنگي جنون ڀارت جي مٿان پهلگام واقعي کانپوءِ سوار آهي ۽ شايد ان کي ڪنهن قسم جي فيس سيونگ جي به ضرورت آهي، ان لاءِ ان کي پنهنجي جارحيت ڏيکارڻ جي لاءِ ڪو نه ڪو حملو ڪري پنهنجي عوام کي خوش به ڪرڻو آهي، پر اسان جي پاسي اسان جي رياست جو اهو ئي فيصلو آهي ته جنگ ڪرڻ ۾ اڳرائي نه ڪئي ويندي. پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت خطي کي جنگ طرف گهلي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، پر پاڪستان هن ۾ ڪڏهن به اڳرائي نه ڪندو، پر جيڪڏهن اسان جي مٿان جارحيت مسلط ڪئي وئي ته پوءِ قومي عزم ۽ طاقت سان جواب ڏينداسين. هن وقت ڀارت دنيا کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي ۽ پهلگام ڊرامي جو مقصد ڀارت ۾ جاري تحريڪن سان ڌيان هٽائڻ آهي. نائب وزيراعظم اها ڳالهه ڪندي به چيو ته ڀارت يڪطرفه طور تي سنڌ طاس معاهدي کي معطل يا ختم ڪرڻ جو مجاز ناهي.

سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. اسحاق ڊار ان ڳالهه جو اظهار به ڪيو ته هن وقت سڄي دنيا جا رهنما پاڪستان کي صبر کان ڪم وٺڻ جي درخواست ڪري رهيا آهن، هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ اسان جي پاليسي آهي. هن وقت خطي ۾ صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي. پاڪستان ڪڏهن به اهو نه چاهيندو ته هو جنگ ڇيڙڻ ۾ اڳرائي ڪري، پر پاڪستان پنهنجي تحفظ جي لاءِ پر عزم آهي ۽ ڀرپور صلاحيت رکي ٿو ۽ دشمن کي اڳرائي ڪرڻ واري صورتحال کانپوءِ ان جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو عزم رکي ٿو. نائب وزيراعظم اها ڳالهه ڪئي ته پاڪستان ڀارتي فضائيه جي مهم جوئي کي به ناڪام ڪري ڇڏيو. هن وقت ايران، سعودي عرب، ترڪيه، چين، يو اي اِي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. ترڪيه پنهنجو هڪ بحري جنگي ٻيڙو ڪراچي پهچائي پاڪستان سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته آمريڪا جيڪو هن وقت ڀارت جو ساٿي آهي اهو به ڀارت جي پکيڙيل بيانيي جي پٺڀرائي ڪرڻ کان قاصر آهي.

            اسان جي عوام کي ان ڳالهه جو يقين هجڻ گهرجي ته اسان جي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ واري اسان جي فوج سجاڳ آهي ۽ ايتري باصلاحيت آهي جو هو ڪنهن به ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪري سگهي ٿي، پر اهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ ڪڏهن به اڳرائي ڪري ملڪ کي ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال ۾ مبتلا نه ڪندي.