سندس تحقيقي انداز نهايت شاندار محسوس ٿئي ٿو جيڪو پنهنجي منفرد اُسلوب جي حوالي سان به منفرد مقام رکي ٿو. سندس مقالن جي مطالعي مان جا ڳالھ ڏسجي ٿي انهيءَ ۾ نرالپ واري خوبي نهايت اتم نظر اچي ٿي. جتي ڪنهن ٻئي محقق جي تقليد نظر نٿي اچي، جنهن ۾ سندس نئون رنگ کيس ٻين کان الڳ بيهاري ٿو.
نثري نظم جي حوالي سان ڏسون ٿا، ته هي مقالو 1993ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايم. فل لاءِ پيش ڪيو ويو، جيڪو 838 صفحن تي مشتمل آهي ان کان علاوه پندرهن صفحن جو مقدمو الڳ شامل آهي، جيڪو محقق طرفان لکيل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي وضاحتون به پيش ڪيون ويون آهن. 1990ع کان 1993ع تائين، ڏٺو وڃي ته انهيءَ دور ۾ سنڌيءَ ۾ نثري نظم تي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ يا ڪو تحقيقي مقالو به نظر نٿو اچي. ها البته هجي صحيح پر اهڙو جامع نموني وارو تحقيقي ڪم ڊاڪٽر ”شاد“ سومرو ئي ڪري سگهيو آهي.
بقول ڊاڪٽر تنوير عباسي جي، ”شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ هن کان اڳ ڪو اهڙو معياري ۽ منفرد مقالو اڳ پيش نه ٿيو آهي، جيڪو سائنسي تحقيقي اصولن پٽاندر لکيو ويو هجي“. (هيءَ ڳالهه ڊاڪٽر ملڪ نديم ٻڌائي هئي) ان کان علاوه جڏهن هي مقالو جائزي لاءِ ڪنهن ايڪسپرٽ ڏانهن موڪليو ويو، ايڪسپرٽ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو صاحب هو، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ هن مقالي کي ساراهيو آهي ۽ مصنف کي چيو ته مون کي ڏک ٿو ٿئي ته توهان کي هن تي ايم فل جي ڊگري ٿي ڏني وڃي، نه ته ”هي مقالو پي ايڇ. ڊي جي چڱين ڀلين ٿيسزن کان گهڻو مٿانهون آهي“.
هن مقالي جو پهريون باب: ”نثري نظم جو تاريخي پسمنظر، عالمي ادب جي روشني ۾“ آهي ٻيو باب: ”نثري نظم جي فن جو تحقيقي جائزو“ آهي باب ٽيون: ”نثري نظم جا قسم ۽ انهن جو تحقيقي اڀياس“ آهي باب چوٿون: ”صنفن ۾ فرق جو تحقيقي جائزو“ آهي، باب پنجون: ”ورهاڱي کان اڳ سنڌي ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ آهي، باب ڇهون: ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ آهي، باب ستون: ”ڀارتي سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ آهي.
سندس بابن جي عنوانن مان ئي عيان آهي، ته مقالي تي ڪيتري محنت ڪئي ويئي آهي. پهريون باب چار سئو چوڏهن صفحن تي مشتمل آهي. 93-1992ع جي زماني ۾ ڪمپيوٽر نه هوندو هو، پر هٿ سان ٿيسز لکيون وينديون هيون. هيءَ ٿيسز به هٿ سان لکيل آهي، تنهن ڪري صفحا نمبر به قلمي ٿيسز تان ورتا ۽ ڳڻيا ويا آهن.
ٻيو باب 415 صفحي کان 498 تائين ٽيون باب، 499 کان 597 تائين، باب چوٿون 568 کان 592 تائين، باب پنجون 593 کان 612 تائين، باب ڇهون 613 کان 766 تائين، باب ستون 767 کان 820 تائين ببليوگرافي 821 کان 837 تائين ڏنل آهي.
پهريون باب تقريبن دنيا جي ساهتي ٻولين واري ادب ۾ نثري نظم جي شروعات ۽ ارتقا تي روشني وڌل آهي، جيڪو عالمي ادب جي روشنيءَ ۾ نثري نظم اسان جي آڏو اچي بيهي ٿو. هن باب ۾ تمام گهڻي محنت ڪري محقق ڪيئي مثال آڏو رکيا آهن. جنهن مان محقق جي مطالعي جي پروڙ پوي ٿي، وڏي ڳالهه اِها آهي، ته هن باب ۾ ڏنل نثري نظم جا نمونا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا ويا آهن، جيڪي تقريباً محقق جا ئي ترجمو ڪيل آهن. جنهن مان سندس ترجمي جي فن کان واقفيت معلوم ٿئي ٿي. ترجمو سولي سنڌيءَ ۾ ڪيو ويو آهي، جيڪو پڙهڻ وقت دل تي ٻوجهه نٿو وجهي، بلڪه اتساهه ملي ٿو، ته اڳتي پڙهجي ته ڇا ٿو لکي! ان کانسواءِ دنيا جي مذهبي ڪتابن ۾ نثري نظم جا آثار عنوان سان پهرين باب جي سب ٽاپڪ آهي، جنهن ۾ توريت، زبور، انجيل شامل آهن. مشرق جي قديم ڪتابن ۾، رگويد، يجرويد، اٿر ويد، سام ويد، ڀڳوت گيتا، مها ڀارت، ڌماپد وغيره مان مثال ڏنا ويا آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته نثري نظم دنيا جي قديم ترين صنف سخن رهي آهي.
ٻئي باب ۾ نثري نظم جي فن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي. ٽئين باب ۾ نثري نظم جا قسم ڏنا ويا آهن ۽ انهن جو تحقيقي اڀياس شامل ڪيو ويو آهي. چوٿين باب ۾ صنفن ۾ فرق بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نثر ۽ نثري نظم ۾ فرق، نثري نظم ۽ آزاد نظم ۾ فرق کي کولي سمجهايو ويو آهي.
هر باب جي آخر ۾ بحث جو نتيجو به ڏنو ويو آهي. پنجين باب ۾ ورهاڱي کان اڳ نثري نظم جي ارتقا تي تحقيقي روشني وڌي ويئي آهي. ڇهين باب ۾ ورهاڱي کان پوءِ يعني پاڪستاني دور ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ترجمو ۽ طبعزاد، ٻنهي صورتن جي حوالن سان ارتقا بيان ڪئي ويئي آهي. آخري ستين باب ۾ ڀارتي ادب ۾ سنڌي نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس ڪيو ويو آهي.
مصنف ۽ محقق ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ ٿيسز جي مقدمي ۾ لکي ٿو، ته ”تحقيقي ڪم ۾ دنيا جا ٻيا ترقي يافته ملڪ اسان کان اڳرا رهيا آهن. ايتري قدر جو تحقيق واسطي محقق کي خاص رعايتون ڏنيون وينديون آهن، پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ رعايتون ته پنهنجي جاءِ تي پر رڳو سکڻي شاباس به نٿي ڏني وڃي ۽ تحقيق کي اسان جي ملڪ ۾ تمام گهٽ اهميت ڏني وڃي ٿي. انهيءَ اڻانگي سفر دوران جيڪي به مشڪلاتون درپيش آيون انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي. خاص طور تي نثري نظم جو تاريخي پسمنظر لکڻ وقت ڏکيائي محسوس ٿي، يعني دنيا جي ادب جو مطالعو ڪرڻو پيو. ۽ ان مان اِهو ڳولڻو پيو ته انهيءَ ملڪ ۾ نثري نظم جو آغاز ڪڏهن ٿيو ۽ ڪنهن پهريون پهريون لکيو منهنجي نثري نظم تي ايم فل لاءِ سنڌيءَ ۾ هيءَ پهرين ٿيسز آهي.“ (سومرو، 1993: 100)،
هن ٿيسز کي محقق سن ٻه هزار تائين محدود ڪيو آهي ۽ ان ۾ واڌارا ڪري اپڊيٽ ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه ثابت ڪري ٿي، ته محقق رڳو ڊگري وٺڻ لاءِ ٿيسز نه لکي آهي بلڪه ان جي سنڀال ۽ پوئواري به ڪئي آهي ۽ ان کي سن 2000ع تائين مڪمل ڪري نثري نظم جي مڪمل تاريخ جوڙي آهي، جيڪا سنڌي ادب لاءِ بي بها خزانو آهي. اپڊيٽ رڳو سنڌي ادب تائين نه ڪيو آهي، بلڪه دنيا جي ادب ڏانهن ڪي مخصوص اشارا ڪيا ته، انهيءَ ۾ اڃا ڇا ڪرڻ گهربو هو؟ پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ به نثري نظم جي ارتقا تي مختصر روشني وڌي آهي. انهن ۾ اردو، پنجابي، سرائيڪي، بروهڪي، بلوچي ۽ پشتو ادب قابل ذڪر آهن. يقينن هيءَ ٿيسز جڏهن پڌري ٿي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيندي ته ملڪ جي ادبي تاريخ ۾ هڪ نئون تحقيقي دلچسپيءَ جو سبب ضرور بڻبي. مذڪوره ٿيسز ۾ ڪيترائي سوال اٿاريا ويا آهن جن جا جواب ايندڙ دور جا محقق ۽ نقاد پنهنجي تحقيقي صلاحيتن سان ضرور ڏيندا. مذڪوره ٿيسز جو پسمنظر نهايت ئي وسيع آهي، جنهن ۾ نه صرف ارتقا بيان ڪئي ويئي آهي، بلڪه ان جو پسمنظر ۽ سبب به بيان ڪيا ويا آهن ۽ تنقيدي ادب جي اوسر ۾ هيءَ ٿيسز بيحد اهم آهي.
”اسان تائين دنيا جي مختلف شاعرن جي جيڪا به شاعري پهتي آهي، اها نثري نظم جي صورت ۾ ترجمو ٿي پهتي آهي. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو، ته نثري نظم دنيا کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ ۽ هڪ ٻئي کي متعارف ڪرائڻ لاءِ سولو ۽ ڪامياب ذريعو آهي. نثري نظم دنيا ۾ هڪ چينل جي حيثيت رکي ٿو.“ (سومرو، 1993: 105)،
”جديد نظم ۾ نثري نظم جو دائرو گهڻو وسيع آهي. دنيا جي ڪنهن به شاعريءَ جو ترجمو ڪبو ته اهو نثري نظم جي صورت ۾ ڪاميابيءَ سان لکيو ويندو، جيڪڏهن ان کي ڪنهن مخصوص انداز ۾ يا بحر وزن ۾ يا مقرر پدن ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته فڪر وَ تخيل کان گهڻو ٻاهر نڪري پڃبو، تنهن ڪري بهتر آهي، ته فڪر وَ تخيل کي نظر ۾ رکيو وڃي. نثري نظم ۾ وزن بحر لازمي نه آهي. دنيا ۾ وزن جي ڪابه اهميت نه آهي، بلڪه خيال کي به پڙهيو ۽ پرکيو ويندو آهي. اِهو سمورو ڪم نثري نظم ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. نثري نظم دنيا ۾ رابطي جو ڪم ڏنو آهي ڪنهن به ملڪ جي شاعر جو جيڪڏهن دنيا جي ٻين ٻولين ۾ متعارف ڪرائجي ته ان جي شاعريءَ جو ترجمو نثري نظم ۾ ئي ڪامياب نموني ڪرائي سگهجي ٿو.“ (سومرو، 1993: 104، 105)
مجموعي طور هيءَ ٿيسز پڙهڻ لائق آهي فڪري ۽ فني حوالي سان به وضاحتن سان ٽمٽار آهي. ههڙي ٿيسز يا معياري مقالو منهنجي نظر مان نه گذريو آهي. هن ٿيسز کي جيترو جلد ٿي سگهي ڇپائي هيٺ آڻجي. ادارا متوجهه ٿين ته هيءَ معياري ٿيسز منظر عام تي اچي سگهي ٿي.
پروفيسر ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“سومرو جو ٻيو تحقيقي مقالو آهي، ”سنڌي نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ هي مقالو پي ايڇ. ڊي سنڌي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سنڌي شعبي ۾ 2020ع ۾ پيش ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌي عروضي نظم کي نظر هيٺ رکي لکيو ويو آهي.
هن مقالي جي ترتيب محقق اهڙي رکي آهي، جو مقالي جو تسلسل ۽ ڳانڍاپي سان جوڙ جڙي ٿو. بابن جي ورڇ رکندي آهي، ڄڻ قاري ڪنهن رستي سان مسلسل هلي رهيو آهي، کيس ڪنهن به قسم جي ٿڪاوٽ ۽ بوريت محسوس نٿي ٿئي، بلڪه اڃا به تجسس جي سحر ۾ کيس اڳتي پڙهڻ جو الڪو رهي ٿو.
ارتقا ۽ اوسر جي حوالي سان ورلي محقق ملندا جيڪي پنهنجي تحقيق جي حوالي سان اڳتي وڌندا. خاص طور تي Ph.D لاءِ يا ايم فل جي تحقيق لاءِ ڪنهن هڪ شخصيت کي کنيو وڃي ٿو. جيئن سولائي سان ڪم ڪري سگهجي. پر ڊاڪٽر ”شاد“ سدائين پنهنجي تحقيق جو دائرو وسيع رکيو آهي ۽ ارتقا يا اوسر تي سندس مقالا ملن ٿا. اهڙن محققن مان ڊاڪٽر ”شاد“ صاحب به هڪ آهي، جنهن ساري سنڌ لاءِ سنڌي ادب جي ارتقا تي ڪم ڪيو آهي. پهرين سندس مقالو ايم فل لاءِ نثري نظم جي ارتقا تي هو ۽ هاڻي Ph.Dلاءِ سنڌي نظم جي ارتقا تي آهي، جنهن ۾ عروضي نظم جي فن فڪر ۽ تاريخ تي تسلسل سان بيان ڪيو آهي، توڙي جو پهرين Ph.D لاءِ ”سنڌي جديد نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ تي پوري ٿيسز منهنجي نظر مان گذري چڪي آهي، جنهن کي پڙهي مون کي بيحد حيرت وٺي ويئي ته ڊاڪٽر ”شاد“ هيترو ڪم ڪيئن ڪيو آهي. پر اِها ٿيسز خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ Ph.D لاءِ لِکي ويئي هئي پر گائيڊ سندس ڪم کي ڏسي سندس مخالفت ڪئي. حالانڪه گائيڊ اسڪالر جا وڪيل هوندا آهن، پر هرو ڀرو مخالفت سبب کيس ڊگري نه ڏني ويئي ۽ وقت برباد ڪيو ويو. پر پوءِ ڊاڪٽر ”شاد“ همت نه هاري ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي نئين موضوع تي مقالو لکي ثابت ڪيو ته کيس ڪوبه رستو روڪي نٿو سگهي.
هن ڪامياب ٿيسز لکي سنڌي ادب تي وڏو احسان ڪيو آهي. عنوان: ”سنڌي نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“Ph.D لاءِ مقالو سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل آهي. هن ٿيسز کي ڇهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ آخر ۾ نتيجا ۽ ببلوگرافي پڻ ڏني ويئي آهي. هيءَ ٿيسز 417 صفحن تي مشتمل آهي ٻه اکر ۽ مقدمي جا صفحا انهن صفحن کان علاوه آهن.
ڊاڪٽر اياز قادري کان پوءِ ڊاڪٽر شريف ”شاد“ واحد ماڻهو آهي جنهن ارتقا ۽ اوسر جي حوالي سان موضوع سان نڀايو آهي. اياز قادري جي ضخيم ٿيسز ”غزل جي اوسر“ تي لکيل آهي جيڪا ٻن جلدن ۾ سنڌالاجي وارن شايع ڪرائي هئي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر ”شاد“ جي هيءَ ٿيسز ”سنڌي نظم جي ارتقا” بابت آهي. جنهن ۾ نظم جو درجي به درجي وڌڻ ۽ مختلف صنفن جي تاريخي ارتقا سان اڳتي وڌڻ نه صرف نظم جي مختلف قسمن جي پروڙ پوي ٿي، بلڪه مختلف فن سان نروار ٿيل صنفون به سامهون اچن ٿيون. هن مقالي ۾ ايم. ايل اي وارو طريقو ڪتب آندو ويو آهي.
هن ٿيسز جو پهريون باب ”نظم جو فني اڀياس“ عنوان سان ڏنو ويو آهي، جيڪو صفحي پهرين کان ڏهين صفحي تائين ڦهليل آهي. حوالا هر باب جي آخر ۾ ڏنا ويا آهن. نظم جي لغوي معنيٰ، نظم جي وصف، نظم جي تعريف، نظم جي هيئت، نظم جو فني مزاج، نظم جا موضوع قابل ذڪر عنوان آهن.
ٻئي باب کي ”سنڌي نظم جي فن جو ارتقائي اڀياس“ عنوان سان قائم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سنڌي نظم جو فني سٽاءُ، عروضي نظم جو فني اڀياس، مثنوي نظم جي وصف، فن، بحر، موضوع شامل آهن. مثنوي جون خصوصيتون غزل ۽ مثنوي نظم ۾ فرق، مسمط نظم جو فني اڀياس، جنهن ۾ مثلث، مربع، مخمس، مسدس، مسبع، مثمن، مثمن ترجيح بند، مثمن ترڪيب بند، متسع، معشر، نظم ترجيع بند نظم ترڪيب بند، سنڌي نظم جي فن جو بنياد، سنڌي نظم جي اهميت ۽ افاديت جهڙا عنوان شامل آهن ۽ آخر ۾ حوالا ڏنل آهن. هي باب صفحي 11 کان 35 تائين ڦهليل آهي.
ٽين باب کي ”سنڌي نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ عنوان ظاهر ڪيو ويو آهي. هن باب ۾ سنڌي نظم جي شروعاتي پسمنظر ۾ تاريخي پسمنظر ڏنو ويو آهي، جيڪو صفحي 36 کان 43 تائين محيط آهي، آخر ۾ حوالا آندا ويا آهن.
چوٿين باب ۾ ”مثنوي جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ عنوان قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مثنوي نظم جو مختصر تاريخي پسمنظر، مثنوي نظم جي اهميت ۽ افاديت، سنڌي مثنوي نظم جو ارتقائي اڀياس، جنهن ۾ 69 شاعرن جو مثنوي سان گڏ اپٽار ڪئي ويئي آهي. هي باب صفهي 44 کان 159 صفحي تائين محيط آهي. اِهو ارتقائي عمل سمن جي دور کان 1980ع تائين بيان ڪيو ويو آهي.
باب پنجين جو عنوان: ”سنڌي متسع نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس آهي، جنهن ۾ مثلث نظم جي شاعرن ۾ پندرهن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مربع نظم جي حوالي سان چوويهن شاعرن کي نروار ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ماهوار نئين زندگي، ماهوار پيغام ۽ ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڇپيل نظمن جا عنوان ۽ سال ڄاڻا ويا آهن. اِهي مسمط نظم جي هر صنف سان گڏ لکيا ويا آهن. مخمس نظم جي ارتقا جي حوالي سان 38 شاعرن جو ڪلام ۽ احوال آندو ويو آهي. اهڙيءَ طرح مسدس نظم ۾ 53 شاعرن کي ڏيکاريو ويو آهي. مسبع نظم ۾ ٻارهن شاعر آندا ويا آهن. مثمن نظم ۾ تيرهن شاعر اچن ٿا. متسع نظم جي ارتقا ۾ پنجن شاعرن جو اڀياس شامل آهي. معشر نظم ۾ ستن شاعرن کي تحقيق ۾ شامل ڪيو آهي. ان کان علاوه نظم جا اهي ڪتاب جن ۾ مسمط نظم يعني عروضي نظم ڇپيو انهن کي تحقيق جي دائري ۾ داخل ڪيو ويو آهي. آخر ۾ حوالا آندا آهن. هي باب ٿيسز جو اهم باب آهي، جنهن ۾ عروضي نظم جو تحقيقي اڀياس ڪيو ويو آهي. هي باب 160 صفحي کان وٺي 366 صفحن تائين ڦهليل آهي.
آخر باب ڇهون، ”سنڌي نظم جي سماجي ڪارج جو اڀياس“ عنوان سان آندو آهي. جنهن ۾ (الف) ”سنڌي نظم جو سماجي ڪارج“، (ب) ”سنڌي نظم جو مزاج ۽ ٻولي جي اهميت“، (ج) ”سنڌي نظم سنڌي سماج جو ترجمان“ تحت سب ٽاپڪ قائم رکيا ويا آهن، جنهن ۾ ڀرپور نموني ڊاڪٽر ”شاد“ صاحب پنهنجي اڀياس کي تحقيقي طور نروار ڪيو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته سنڌي نظم سنڌي سماج جو ترجمان ۽ آئينه دار آهي. آخر ۾ حوالا آندا آهن. هيءَ ٿيسز 417 صفحن تائين مشتمل آهي، جنهن ۾ ببلوگرافي به شامل آهي. ۽ ڪيل تحقيق جا نتيجا ۽ نظم جي پذيرائي ڏانهن درست رويا اختيار ڪرڻ جون سفارشون شامل آهن. ايڏي وڏي تحقيق کي احسن نموني نڀايو ويو آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر ”شاد“ جس لهڻو. سچ پچ ته ڊاڪٽر ”شاد“ ئي انهيءَ موضوع سان نڀايو آهي، نه ته چڱا ڀلا اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي وڃن ها. مگر هن باهمت ۽ جاکوڙي محقق ۾ مستقل مزاجي سبب صبر آزما مرحلن مان گذري پنهنجي تحقيق کي وقت اندر مڪمل ڪري ورتو، اِهو ئي سندس عظيم ڪارنامو آهي. ڳالھ ورجائڻي پوي ٿي ته هن ٿيسز کي منظر عام تي جلد اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته نوجوان محققن جي نمائندگي هن مقالي ۾ ٿيل آهي، جيئن هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”ڪو اهڙو مسئلو نه رهيو آهي، جيڪو سنڌي نظم ۾ بيان نه ڪيو ويو هجي، سنڌي نظم گو شاعرن پنهنجين ڪيفيتن کي وڏي فنڪارانه مهارت سان روايتي نظم ۾ داخل ڪيو آهي. سنڌي روايتي يا عروضي نظم جو پهلو بيحد طويل ۽ وسيع آهي، جنهن لاءِ گهڻو وقت درڪار آهي، سماجي حوالي سان سنڌي نظم تي ڪم ڪيو ئي نه ويو آهي. سنڌي نظم سنڌي سماج جي ترجماني ڪندڙ ۽ تاريخ سان رشتو جوڙيندڙ رهيو آهي. حقيقي ۽ سچي سماجي تاريخ ته سنڌي نظم ۾ رکيل آهي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ تائين سنڌي نظم جو تحقيقي اڀياس سماجي روشنيءَ ۾ ڇو ڪونه ڪيو ويو آهي؟ سماجي اڀياس نه ڪرڻ ڪري الائي نقصان ٿيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته هر شاعر جي نظمن جو سماجي اڀياس ڪرايو وڃي، جيئن سماجي پسمنظر ۾ سنڌي نظم جو ڪارج ۽ عمل ظاهر ٿئي.“ (سومرو، 2020: 396)
مذڪوره ٿيسز جي مطالعي مان ڊاڪٽر ”شاد“ جي محنت ۽ سنجيده نوعيت ۾ ڪيل بحث مباحثن کي ڏسڻ کانپوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته، سندس علمي بحث ۾ جيڪي استعمال ڪئي وئي آهي سا نهايت ئي چٽِي بيان ۾ صاف سولي ڪتب آندي ويئي آهي، هڪ عام قاري به آرام سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. وڏي ڳالهه ته ڊاڪٽر ”شاد“ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ئي ڪتب آندو آهي ۽ انگريزي يا اردو ٻولين جي استعمال کان پرهيز ڪئي آهي، جيڪا سندس خاص خوبي آهي.
نتيجو: مجموعي طور تحقيق مان جيڪو نتيجو آڏو آيو آهي ته، ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ سومرو جي شخصيت کي سنڌي ادب ۾ جيڪو مقام حاصل آهي اهو سڀ کان منفرد آهي. علمي ادبي موضوع نهايت ئي وسيع آهن جيڪي علمي ادبي لحاظ کان کيس وڏو مانُ بخشين ٿيون. هي هڪ تعليمدان، تخليقڪار، محقق ۽ نقاد جي حيثيت ۾ هڪ وڏو نالو رکي ٿو. هن جا مرغوب موضوع لسانيات، لوڪ ادب، لطيف شناسي ۽ ادبي تاريخ جهڙيون اهم خوبيون سندس موضوعن جا مکيه مرڪز آهن انهن خدمتن جو احاطو ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. مذڪوره مقالي ۾ مختصر خدمتن کي آڏو رکي جنهن نتيجي تي پهچجي ٿو ته، ڊاڪٽر ”شاد“ سومرو شڪارپور جي اها شخصيت آهي، جيڪا ادبي لحاظ کان چوڏهين جي چنڊ مثل چمڪي رهي آهي.
حوالا:
سومرو، جبران علي، سووينيئر (مرتب)، ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي، شڪارپور/ڪراچي، 2018ع
سومرو، عبدالخالق ’راز‘ ڊاڪٽر، تاريخ شڪارپور مرتب: پروفيسر محمد شريف ’شاد‘ سومرو، (ڇاپو پهريون)، پيڪاڪ ڪراچي، 2017ع
سومرو محمد شريف ”شاد“ پروفيسر-سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس (مقدمو)شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايم فل لاءِ پيش ڪيل ٿيسز، (قلمي سنڌي)، 1993ع
سومرو محمد شريف ”شاد“ پروفيسر ڊاڪٽر- سنڌي نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سنڌي شعبي ۾ پي. ايڇ ڊي لاءِ پيش ڪيل ٿيسز. (قلمي سنڌي) 20220ع.