بلاگنئون

ڊاڪٽر علامه محمد اقبال

خاندان: ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جمعي واري ڏينھن 9 نومبر 1877ع سيالڪوٽ ۾ ڄائو ۽ سندس وفات خميس ڏينھن 21 اپريل 1938ع 61 سالن جي ڄمار ۾ ٿي. سندس آخري آرام گاھه بادشاھي مسجد لاھور جي ڀرسان آھي. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي والد جو نالو شيخ نور محمد ھو ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ محمد رفيق ھو ۽ پڙڏاڏي جو نالو شيخ جمال الدين ھو، والده جو نالو امام بيبي ھو، ڀاءُ جو نالو شيخ عطا محمد ھو ۽ چار ڀيڻون ھئس. فاطمه بيبي، طالع بيبي، ڪريم بيبي ۽ زينب بيبي. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ٽي شاديون ڪيون، 1895ع ۾ پھرين شادي ڪريم بيبي سان ڪئي جيڪا گجرات جي ھئي. ٻي شادي 1910ع ۾ سردار بيگم سان ڪئي جيڪا لاھور جي ھئي (ڪتاب لکن ٿا ته ان سان ٻه دفعا نڪاح ڪيو ھئائين). ٽين شادي 1914ع ۾ مختار بيگم سان ڪئي ھئائين، جيڪا لڌيانه (انڊيا) جي ھئي (چون ٿا علامه اقبال جي ھن گھر واري کي ٻليون پالڻ جو گھڻو شوق ھو، ھڪ ٻلي پسيءَ نالي ھئي جيڪا کيس تمام گھڻي پياري ھئي)، ان کان علاوه ھن کي پان کائڻ جو به تمام گھڻو شوق ھوندو ھو، شادي جي وقت اقبال کي بنگلو به کيس ڏيڻ جي آڇ ٿي، ليڪن ھن نه ورتو ھو. ھن جي گھر واري جو انتقال 21 آڪٽوبر 1924ع ۾ ٿيو. پھرين گھر واري ڪريم بيبي مان اولاد وڏو پٽ آفتاب اقبال ۽ ڌي معراج بيگم ٿي. ٻي گھر واري سردار بيگم مان ننڍو پٽ جاويد اقبال ٿيو. روايت موجب علامه اقبال کي ھڪ ڌيءُ به ھئي، پر ان جو نالو معلوم نه ٿي سگھيو آهي.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال پنھنجا آخري ڏينھن جاويد منزل ميو روڊ لاھور ۾ گذاريا. کيس گلي جي بيماري ھئي. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال کي سر جو خطاب جنوري 1923ع ۾ مليو، ان کان علاوه شاعر مشرق، مفڪر پاڪستان، مصور پاڪستان، حڪيم الامت، خان بھادر ۽ شمس العلماءَ جا خطاب مليا.
ڊاڪٽر علامه اقبال انڊيا جو قومي ترانو لکندڙ به آھي، ”سارے جہاں سے اچھا ھندستان ہمارا“ ھي ترانو سڀ کان پھريان لکنوءُ جي ھڪ رسالي شايع ڪيو ھو.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي تعليم: ڊاڪٽر علامه محمد اقبال شروع ۾ پنھنجي والد جي دوست سيد مير حسن وٽ عربي پڙھيو, مئٽرڪ اسڪاچ مشن اسڪول سيالڪوٽ 1893ع ۾ پاس ڪئي. ٻارھين جماعت 1895ع ۾ اسڪاچ مشن ڪاليج سيالڪوٽ مان پاس ڪئي. ايم اي 1899ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاھور مان فلاسافي ۾ پاس ڪيائين. پنجاب ۾ پھريون نمبر آيو. ان کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ پنھنجي استاد ٽي ڊبليو آرنلڊ کان مشورو وٺي 1905ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. وڪالت جو امتحان لنڪتران مان 1906ع ۾ پاس ڪيو. 4 نومبر 1907ع ۾ جرمني جي يونيورسٽي ميونخ مان پي ايڇ ڊي ڪئي. پي ايڇ ڊي ايم اي جيان فلاسافي ۾ ڪيائين. انگلينڊ ۽ جرمني جا استاد ھي ھئس: پروفيسر آرنلنڊ، پروفيسر نڪلسن، پروفيسر برئون ۽ پروفيسر وائيٽ بيڊ، مس سبسجي نائٽ شمني شيل جرمني ۾ استاد ھيون.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو روحاني استاد مولانا رومي ھو، ننڍپڻ کان ئي سندس شعر پڙھندو رھندو ھو. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال 1913ع ۾ ھڪ ڪتاب “تاريخ ھند” به ترتيب ڏنو ھو، جيڪو سليبس ۾ شامل پڻ ڪيو ويو ھو. ھي ڪتاب پروفيسر آرنلڊ جي تعاون سان لکيو هئائين. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال کي حڪيم الامت جو خطاب خواجه حسن نظامي ڏنو ھو. 1913ع ۾ انگلينڊ جي علمي ادبي انجمن انڊيا سوسائٽي جو نائب صدر رھيو.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي ملازمت ۽ وڪالت جي شروعات: ڊاڪٽر علامه محمد اقبال 1903ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاھور ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ استاد مقرر ٿيو، اتي انگريزي ۽ فلسفو پڙھائيندو ھو. 1908ع ۾ چيف ڪورٽ لاھور ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي، ھڪ دفعو ٻيھر وري 10 مئي 1910ع ۾ لاھور ڪاليج ۾ پڙھائڻ شروع ڪيو، جنھن تان 31 ڊسمبر 1910ع ۾ استعيفيٰ ڏنائين. 1919ع ۾ اورينٽل فيڪلٽي جو ڊين مقرر ٿيو. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال 1907ع ۾ عربي جي شعبي جو لنڊن ۾ پروفيسر ٿيو ھو. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال 23 نومبر 1926ع تي پنجاب ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال 1926ع ۾ ٿيندڙ پنجاب ليجسليٽو جي چونڊن ۾ ملڪ دين محمد جي مقابلي ۾ بيٺو ھو، جنھن ۾ پڻ ڪاميابي مليس. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال لنڊن ۾ ٿيندڙ ٽين گول ميز ڪانفرنس ۾ پڻ شريڪ ٿيو ھو.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو سياست ۾ اچڻ ۽ ڪردار: ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي سياسي وابستگي سڀ کان پھرين اپريل 1920ع ۾ انجمن حمايت اسلام جي ميمبر طور ٿي، جنھن جو پاڻ 1920ع ۾ ئي جنرل سيڪريٽري، ان کان پوءِ ان جو صدر 1934ع تائين رھيو. انجمن حمايت اسلام کانپوءِ 1924ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو ۽ 4 مارچ 1934ع ۾ صدر ٿيو، جنھن کان پوءِ 1926ع پنجاب مسلم ليگ جي صوبائي شاخ جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. ھن جي سياست ۾ وسعت ان وقت آئي، جڏھن آل انڊيا مسلم ليگ جا اھم اڳواڻ برطانيا ۾ گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ ھئا ۽ ھن کي آل انڊيا مسلم ليگ جي 30ھين اجلاس 30 ڊسمبر 1930ع ۾ صدارت ڪرڻ جو موقعو مليو، ان ۾ ھن جيڪو انگريزي ۾ صدارتي خطبو پڙھيو، اھو ھندستان جي مسلمانن کي گھڻو پسند آيو، جنھن ۾ انگريز گورنمينٽ ۽ ھندستان جي غير مسلم اڳواڻن کي نشانو بڻايو ويو، جنھن ۾ ھن چيو ته “مان ڏسي رھيو آھيان جتي مسلمانن جي اڪثريت آھي اتي نئين رياست وجود ۾ ايندي، جتي مسلمان حڪمراني ڪندا اھي علائقا ھن ئي ڪوڊ ڪيا، “سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان ۽ ڪشمير” واقعي ھن جي ڳالھه سچ ثابت ٿي ۽ ٿيو به ائين پاڪستان مسلمانن جو نئين رياست وجود ۾ آئي ۽ اھي ئي علائقا آيا جيڪي ڊاڪٽر علامه محمد اقبال بيان ڪيا ھئا، ان ڪري ڊاڪٽر محمد اقبال کي پاڪستان جي نظريي جو خالق چيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي باري ۾ قائد اعظم محمد علي جناح وقتن فوقتن ھي فرمايو:
1. منھنجي لاءِ ھو دوست، رھنما ۽ فلسفي ھو ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي تاريخ ۾ ھو جبل وانگر بيٺو رهيو.
2. افسوس اڄ ڊاڪٽر علامه محمد اقبال اسان ۾ موجود نه آھي، جي ھجي ھا ته ھو ڏسي ھا ته اسان اھو ئي ڪيو آھي، جنھن جي ھن اسان ۾ اميد رکي هئي.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال سان منسوب ادارا:
1. علامه اقبال ميڊيڪل ڪاليج لاھور.
2. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد.
3. اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد.
4. علامه محمد اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاھور.
5. گلشن اقبال ڪراچي.
6. علامه اقبال ٽائون لاھور.
7. علامه محمد اقبال لائبرري، يونيورسٽي آف ڪشمير.
8. علامه اقبال ھال، علي ڳڙھ مسلم يونيورسٽي انڊيا.
9. اقبال جي نالي سان منسوب ھڪ گھٽي ھائيڊ برگ جرمني ۾ پڻ آھي.
10. اقبال بازار لاھور.
11. علامه اقبال روڊ لاھور، وغيره
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال (شاعر ، مفڪر، فلاسافر ۽ عالم):
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال شاعري جي شروعات 1896ع کان ڪئي ۽ شاعر مشرق تائين سفر طئي ڪيو، ٿوري عرصي ۾ ايڏو وڏو اعزاز ملڻ وڏي ڳالهھ آھي. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال پھريون ڪتاب “علم الاقتصاد” لکيو، ۽ سندس پھريون شاعري جو مجموعو بانگ درا 1924ع ۾ شايع ٿيو. ان کان علاوه بال جبرائيل ۽ ضرب ڪليم آھي ھي 1935ع ۾ ڇپيو، ھنن ٽنھي مجموعن ۾ گھڻا شعر بانگ درا ۾ آھن.
علامه محمد اقبال جي ھڪ ڪتابچي “اڪبري اقبال” ۾ مزاحيه قصا لکيل آھن، جيڪي اڪبر الاآبادي جي انداز ۾ ڇپيل آھن. علامه اقبال پيام مشرق ۾ ٽي عدد ڪشمير جي باري ۾ نظمون لکيون آھن، انھن جا عنوان ھي آھن: (1) ڪشمير ، (2) غني ڪشمير، (3) ساقي نامه.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال بانگ درا ۾ ھڪ نظم نالهء فراق پروفيسر آرنلڊ جي ياد ۾ لکيو آھي. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال قائد اعظم محمد علي جناح تي ھڪ ڪتاب به لکيو آھي جنھن جو نالو “ميراث قائد اعظم” آھي اهو ڪتاب محترمه فاطمه جناح جي نالي منسوب آھي. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو آخري ڪتاب جيڪو سندس پنھنجي حياتي ۾ ئي شايع ٿيو ان جو نالو، ھڪ فارسي مثنوي “پس چه بايدکرد اي اقوام مشرق” آھي. ڊاڪٽر علامه محمد اقبال پنھنجي پي ايڇ ڊي واري مقالي (ڪتاب) “ايران ميں فلسفہ الھیات کا ارتقا” تي پنھنجي ڄم جي تاريخ به لکي آھي. علامه اقبال جي نظم “ترانهء ملي” جو پھريون نالو ترانه اقبال ھو، فقير سيد وحيد الدين جي ڪتاب “روزگار فقير” جو انتساب ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي نالي آھي. علامه محمد اقبال جي ھڪ نظم “زمين و آسمان” جيڪا ضرب ڪليم ۾ آھي. علامه اقبال جو ھڪ مضمون “اسلام ۽ احمدي ازم” سڀ کان پھريان پندره روزه انگريزي اخبار “اسلام” ۾ شايع ٿيو.
علامه محمد اقبال “اسرار خودی رموزے بے خودی ” کان پوءِ ٽين مثنوي لکي ھئي. جنھن جو نالو “حيات مستقبل اسلاميه” آهي. مثنوي اسرار خودی جو ٻيون حصو “رموزے بے خودی” آھي.