بلاگنئون

اسان جي سول سوسائٽي سجاڳ آهي

سوشل ميڊيا جي دور ۾ اها ڳالھه لڪائي نٿي سگهجي ته ملڪ ۾ ٿئي ڇا پيو. پنجاب جا اهي اعتراض ته صوبا گيس جي حقن تي نه اٿيا ته هاڻي پاڻي تي اعتراض ڇو آهي، (اها ڳالهھ اسان مڃون ٿا ته اسان ۾ قومي غيرت ۽ جاڳرتا جي کوٽ رهندي آئي آهي ۽ مرڪزي قيادت سدائين جيان ڀاڙي رهندي آئي آهي)، پر هاڻي وڪيلن، هارين، قومي سياست ۽ مذهبي ٽولن جون رڙيون ان ڳالهھ جو واضح ثبوت آهن ته چولستان سميت متنازع ڪينال هر صورت بند ڪيا وڃن. ان ڪري ملڪ جا ٿنڪ ٽينڪ (ڌڻي) ان ڳالهھ تي به غور ڪن ته ملڪ جي جن علائقن ۾ صنعتون نٿيون هڻي سگهجن، اتي جا زرعي نظام بهتر ڪيا وڃن، پر ٿنڪ ٽينڪ جي سياست جي ڪري (سواءِ پنجاب جي) ٻين صوبن جا ٻه به ويا ته ٻارنهن به ويا. جنرل ايوب جي دور کان وٺي ملڪي سياست مرڪز مائل ٿي وئي آهي، پر ڏک اهو به آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي سياست نه مرڪز مائل رهي آهي ۽ نه ئي صوبائيت تي آڌاريل آهي. پيپلزپارٽيءَ جي مرڪزي قيادت صوبيءَ جي ماڻهن کي اسلام آباد جي آسري لڳائي ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽيءَ وارا اهو سمجهائين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته جيئن مرڪز چئي تيئن ڪيو ته جيئن ڪرسي سنڀالي سگهجي ۽ اقتدار باقي رهي، باقي سنڌين جو مڙئي خير آهي، پر هيل تائين پنجاب پاران سنڌوءَ تي پاڻيءَ جي ڌاڙن ۽ سامونڊي ٻيٽن جي سوداگيرين جي ڪري سنڌ ۾ عوامي شعور جاڳي پيو آهي ۽ ننڍي صوبي جي باقي اسٽيڪ هولڊرن پاران سخت ڳڻتيءَ جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي.

چولستان ڪينال سميت نون پاڻي منصوبن بابت سنڌ پنهنجا خدشا 2023 ۽ 2024 ۾ گڏيل مفادن جي ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ جمع ڪرايا هئا، پر انهن تي فيصلو اڃان تائين ناهي آيو. (سي سي آءِ هڪ اهڙو فورم آهي، جنهن وٽ پاڻيءَ جي تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ خاص اختيار حاصل آهي). سنڌ پاران سوال ڪيل ٽي سڀ کان وڌيڪ تڪراري پاڻي جا منصوبا، جيڪي پنجاب جي هيٺين دريائي علائقن ۾ واقع آهن، تن تي سنڌ پنهنجي مستقل پاڻيءَ جي مفادن جي حفاظت لاءِ سي سي آءِ جي سامهون اعتراض واري انهن تي ترت فيصلي لاءِ پيش ڪيا هئا. ڇاڪاڻ ته سنڌ صوبو اهڙن ڌاڙن کي پنهنجي صوبي جي ماڻهن لاءِ نقصانڪار سمجهي ٿو. انهن ۾ لنڪ ڪينال ذريعي پاڻي منتقل ڪندي آبپاشي زراعت ننڍي چولستان جي توسيع ۽ پاڻي جي دستيابي جو درست ٿيل سرٽيفڪيٽ شامل آهي، جيڪو سي سي آءِ ۾ موجود آهي. سرٽيفڪيٽ اپريل کان سيپٽمبر 2025 جي (خريف) جي عرصي لاءِ جاري ڪيو ويو آهي. ساڳي جاءِ تي گريٽر ٿل ڪينال فيز-II پڻ تڪراري آهي. (چشمه جهلم لنڪ ڪينال سنڌو درياءَ مان نڪرندو آهي ۽ ان جو فيز-II چوبارا برانچ ڪينال ۽ ان جي منڪيرا، ڍنگانا، نورپور ۽ محمود سب برانچ سسٽم کي سيراب ڪندو آهي)، سنڌ حڪومت ساڳي طرح جلالپور آبپاشي ڪينال سسٽم جي خلاف داخل ڪيل اعتراض تي به 2022 کان سي سي آءِ جي فيصلي جي انتظار ۾ آهي.

جڏهن کان انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) 17 جنوري 2024 تي تڪراري منصوبي لاءِ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ۽ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي آڪٽوبر 2024 ۾ ان جي منظوري ڏني. فلڊ فيڊر چولستان ڪينال (جنهن کي ڪاغذن ۾ چولستان فلڊ فيڊر پڻ سڏيو ويندو آهي)، جنهن جو مقصد ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ جي فراهمي کان علاوه ستلج درياءَ جي وهڪري تي منحصر ڪري سگهجي ٿو ۽ ان منصوبي تحت مرحليوار نئين طئي ڪيل ايراضي کي زرعي ترقي ڏيارڻ پڻ آهي. سنڌ جي موقف موجب ستلج جو وهڪرو 1960 جي “سنڌو پاڻي معاهدي” تحت هندستان جي حوالي ٿيڻ کان وٺي هندستان کان اضافي پاڻي جي ڇڏڻ تي ٻڌل آهي. سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ نگران وڏي وزير مقبول باقر جنوري 2024 ۾ ان تي سوال اٿاري سنڌ جي خدشن کي ان وقت جي نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ تائين پهچايو هو. موجوده وڏي وزير مراد علي شاهه 2024 ۾ انهن دستاويزن تي به سوال اٿاريو هو، ڇاڪاڻ ته 1991 جي پاڻي جي معاهدي ۾ مختص نه هجڻ جي ڪري ارسا وٽ ان کي جاري ڪرڻ جو اختيار نه هو. پر شروع کان وٺي سنڌ ان کي سڀ کان وڌيڪ تڪراري ڪينال منصوبو سمجهي ٿي، جيڪو چولستان ۾ نئين ڪمانڊ ايريا کي نشانو بڻائي ٿو، فيز-I ۾ چار لک پنجونجاھ ايڪڙ ۽ فيز-II ۾ ست لک چوئيتاليھه هزار ايڪڙ جيڪو چولستان ۾ 67 لک ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل آهي، سنڌ جي ڪل ڪمانڊ ايريا 13.2 ملين ايڪڙ جو اڌ آهي، جنهن کي ويجهڙ مستقبل ۾ زرعي ترقي ڏياري ويندي. ارسا اهو ڏيکاري ٿي ته ننڍي چولستان ۾ 20 لک ايڪڙ ۽ وڏي چولستان ۾ 46 لک ايڪڙ زمين آهي. چولستان ڪينال انهن ڇهن اسٽريٽجڪ ڪينالن مان هڪ آهي، جيڪي گرين پاڪستان انيشيئيٽو (GPI) جو حصو آهن. جلال پور ڪينال منصوبو جيڪو سي سي آءِ ۾ فيصلو ٻڌڻي هيٺ هو، جيڪو رسول بئراج مان نڪرندو آهي ته جيئن 2 لک ايڪڙ برساتي زمين کي سيراب ڪري سگهجي، جنهن جي طلب ان جي پي سي آءِ مطابق پنجاب جي حصي مان پوري ڪئي ويندي. جلال پور ڪينال لاءِ پاڻي جي اجازت رڳو 6.75 ڪيوسڪ في 1,000 ايڪڙ آهي، جيڪا سنڌ جي ڪينالن جي اجازت کان 2.5 ڀيرا وڌيڪ آهي (يعني 2.75 ڪيوسڪ في 1,000 ايڪڙ) اهي. ان ڪري جلالپور ڪينال سنڌ ۾ تقريبن 5 لک ايڪڙن تي پوک کي متاثر ڪندو، جيڪا سنڌ جي 2024 ۾ ٻيهر جمع ڪرايل سمري ۾ ڏنل آهي. سنڌ ان ”سي جي لنڪ ڪينال“ کي باقاعده سدائين هلائڻ وارو منصوبو سمجهي ٿي يا ان کي شروعاتي قدم سمجهي ٿي. هڪ تڪراري ٻوڏ چينل اپ اسٽريم گڊو بئراج جيڪو سنڌو درياءَ جي مٿان نئين علائقن ۽ غيرآباد زمينن کي آبادي هيٺ آڻڻ لاءِ هيٺين درياءَ جي موجوده ڪينال ڪمانڊ علائقن تي ٺاهيو ويندو. جڏهن ته پاڻي آهي ڪونه، پر اهي چوبارا ۽ جلالپور ڪينال پاڻي جي کوٽ وارن علائقن ۾ ٺاهيا ويا آهن. سنڌ اهو عطيو ڏيندڙن يعني ”اي ڊي بي“ سان انهن منصوبن لاءِ فنڊنگ فراهم ڪرڻ بابت اٿاريو هو، جيڪي ٻين علائقن کي پاڻي کان محروم ڪندا. ”اي ڊي بي“ بعد ۾ ٻڌايو ته اهي منصوبن مان فنڊنگ واپس وٺي رهيا آهن، سنڌ آبادگار بورڊ (ايس اي بي) مطابق ٻوڏ جي وهڪري مان هڪ نئين ڪينال سسٽم لاءِ مختص ان وقت تائين طئي نٿو ٿي سگهي، جيستائين ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جي ضرورت کي پاڻي جي ورڇ معاهدي (1991) جي ”پيرا 7“ تحت حتمي نٿو ڪيو وڃي. ايس اي بي مطابق 1976-1998 تائين ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سراسري ڊسچارج تقريبن 40.69 ملين ايڪڙ فيٽ (ايم اي ايف) تائين هئي، پر موسمياتي تبديلي جي ڪري ۽ اپر انڊس بيسن ۾ منصوبن جي ڪري، 1999 کان 2023 تائين پاڻي جي سراسري گهرج يا ڊسچارج گهٽجي گهٽجي 14.035 ايم اي ايف تائين پهتي. 25 سالن (1999 کان 2023) ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم صرف 12 سالن ۾ 0.286 ايم اي ايف کان 9.489 ايم اي ايف رهيو، پر پاڻيءَ جي ماهرن ۽ بين الاقوامي پينل ڪوڊ مطابق ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ وهڪري جي 8.6 ايم اي ايف تائين جي سفارش ڪئي هئي.

سنڌ جي جمع ڪرايل اعتراضن مطابق پنجاب پاران ارسا ۾ شيئر ڪيل ڊيٽا اڳ ۾ ئي قادرآباد تائين وهڪري ۾ سخت گهٽتائي جو اشارو ڏئي ٿو، جيڪا 15.25 MAF (سراسري 1976-1998) کان 7.89 MAF (سراسري 1999-2023) تائين آهي، تنهن ڪري ننڍي چولستان منصوبي ذريعي علائقن کي سيراب ڪرڻ سان قادرآباد جي هيٺان وهڪري کان وڌيڪ گهٽجي ويندو ۽ ٻين بيراجن کي وڌيڪ پاڻي جي ضرورت پوندي. سنڌو کان اوڀر جي ڳنڍيل ندين ڏانهن سي جي ۽ تونسا پنجند (ٽي پي) لنڪ ڪينال ذريعي (جيڪي ٻئي متنازع آهن، جن ۾ هاڻي اعتراضن جي باوجود پاڻي وهايو ويو آهي). سنڌ کي بلوچستان جي هڪ منصوبي (ڪڇي ڪينال) تي به سنگين خدشا آهن. 500 ڪلو ميٽر ڊگهو ڪڇي ڊيرا بگٽي، نصير آباد، بولان ۽ جهل مگسي کي سيراب ڪرڻ لاءِ تونسا بيراج کان نڪرندو آهي. فيز-I، II ۽ III ۾ ڪڇي کي طوفاني وهڪري کان بچائڻ لاءِ هڪ ”ڊرين“ تعمير ڪيو پيو وڃي، جيڪو قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ همل ڍنڍ ۾ ”آئوٽ فال“ ٿيڻ وارو آهي. سنڌ جو اعتراض اهو به آهي ته ڊرين کي ڍنڍ جي نڪرڻ واري نقطي جي گنجائش کي غور ڪرڻ کانسواءِ تصور ڪيو ويو هو. سنڌ ۾ ٻوڏ جي نيڪال جو موجوده نظام ڪنهن به طرح ڪڇي ڪينال جي نيڪال جي حصي جي ”چينلائيزڊ“ وهڪري جي قابل نٿو ٿي سگهي.

چولستان کان علاوه GTC ۽ ان جي ڪمانڊ ايريا ڊولپمينٽ فيز-II (چوبارا برانچ ڪينال)، ٿر ڪينال، ريڻي ڪينال فيز-II ۽ ڪڇي ڪينال تي سنڌ پاران CCI اڳيان سوال اٿاريا ويا آهن. 4,120 ڪيوسڪ سان گڏ 176 ڪلوميٽر ڊگهو چولستان ڪينال  جنهن ۾ لنڪ ڪينالن جي هڪ زنجير RQBS لنڪ (رسول قادرآباد بلوڪي ۽ سليمانڪي) جي ري ماڊلنگ کي شامل ڪري ٿو، جنهن جي لاڳت سوا ٻه هزار ارب رپين تائين آهي، جنهن جي لاڳت فيز-I ۾ 4 لک 55 هزار ايڪڙ ڪمانڊ کي زرعي ترقي ڏيارڻ آهي. ٻئي مرحلي ۾ 7 لک 74 هزار ايڪڙ زمين کي 120 ڪلوميٽر ڊگهي ماروٽ ڪينال ۽ ان جي 452 ڪلوميٽر کان وڌيڪ پکيڙ واري ننڍين زمينن سان گڏ ترقي ڏني ويندي. آر ڪيو لنڪ جي گنجائش 19 هزار کان 25 هزار ڪيوسڪ تائين وڌائي ويندي؛ ڪيو بي لنڪ 22 هزار کان 25 هزار ڪيوسڪ ۽ بي ايس لنڪ 24 هزار کان کان 28 هزار ڪيوسڪ تائين آهي. سنڌ جي ڪنهن به وڏي ڪينال، روهڙي يا نارا ۾ اهڙي طرح ڊيزائن ڪيل ڊسچارج ناهي. سڀ کان وڏي نارا ڪينال جو ڊزائين ڪيل ڊسچارج 13,649 ڪيوسڪ آهي. آر ڪيو بي ايس جي موجوده گنجائش جو لڳ ڀڳ اڌ، جي واڌ جي ڳالهھ ته ڇا ڪجي. پنجاب چوي ٿو ته اهو آر ڪيو بي ايس ذريعي پنهنجي حصي جو پاڻي موڙيندو، پر سنڌ چاهي ٿي ته پنجاب ان تي صاف ظاهر ڪري ته نئين ڪينال سسٽم کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪهڙي موجوده ڪينال جي پاڻي جي حصي کي ڪٽيو ويندو.