سوشل ميڊيا جي دور ۾ اها ڳالھه لڪائي نٿي سگهجي ته ملڪ ۾ ٿئي ڇا پيو. پنجاب جا اهي اعتراض ته صوبا گيس جي حقن تي نه اٿيا ته هاڻي پاڻي تي اعتراض ڇو آهي، (اها ڳالهھ اسان مڃون ٿا ته اسان ۾ قومي غيرت ۽ جاڳرتا جي کوٽ رهندي آئي آهي ۽ مرڪزي قيادت سدائين جيان ڀاڙي رهندي آئي آهي)، پر هاڻي وڪيلن، هارين، قومي سياست ۽ مذهبي ٽولن جون رڙيون ان ڳالهھ جو واضح ثبوت آهن ته چولستان سميت متنازع ڪينال هر صورت بند ڪيا وڃن. ان ڪري ملڪ جا ٿنڪ ٽينڪ (ڌڻي) ان ڳالهھ تي به غور ڪن ته ملڪ جي جن علائقن ۾ صنعتون نٿيون هڻي سگهجن، اتي جا زرعي نظام بهتر ڪيا وڃن، پر ٿنڪ ٽينڪ جي سياست جي ڪري (سواءِ پنجاب جي) ٻين صوبن جا ٻه به ويا ته ٻارنهن به ويا. جنرل ايوب جي دور کان وٺي ملڪي سياست مرڪز مائل ٿي وئي آهي، پر ڏک اهو به آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي سياست نه مرڪز مائل رهي آهي ۽ نه ئي صوبائيت تي آڌاريل آهي. پيپلزپارٽيءَ جي مرڪزي قيادت صوبيءَ جي ماڻهن کي اسلام آباد جي آسري لڳائي ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽيءَ وارا اهو سمجهائين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته جيئن مرڪز چئي تيئن ڪيو ته جيئن ڪرسي سنڀالي سگهجي ۽ اقتدار باقي رهي، باقي سنڌين جو مڙئي خير آهي، پر هيل تائين پنجاب پاران سنڌوءَ تي پاڻيءَ جي ڌاڙن ۽ سامونڊي ٻيٽن جي سوداگيرين جي ڪري سنڌ ۾ عوامي شعور جاڳي پيو آهي ۽ ننڍي صوبي جي باقي اسٽيڪ هولڊرن پاران سخت ڳڻتيءَ جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي.