بلاگنئون

مهانگائي، بيروزگاري ۽ خودڪشيون

پاڪستان، خاص ڪري سنڌ، اڄ هڪ اهڙي سنگين صورتحال مان گذري رهي آهي، جتي عام ماڻهو جي زندگي مهانگائي، بيروزگاري ۽ مايوسي جي ور چڙهيل آهي. زندگي جي معمولي ضرورتن جي فراهمي به مشڪل ٿي وئي آهي. روز مره جون شيون عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر نڪري ويون آهن، روزگار جا موقعا گهٽجي ويا آهن ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ذهني دٻاءُ سبب خودڪشيون وڌي رهيون آهن. هي مسئلا هاڻ صرف فردن جا ناهن، پر رياست جي ناڪام پاليسين ۽ سماج جي بيحسيءَ جا نتيجا آهن. مهانگائي جا اثر پاڪستان ۾ اسٽيٽسٽڪس بيورو آف پاڪستان (PBS) جي مطابق مارچ 2025 ۾ مهانگائي جي شرح 28.4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا پوئين ڏهن سالن ۾ بلند ترين سطح تي پھچي چڪي آهي. گيهه، اٽو، کنڊ، ڀاڄيون، دالون، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون روزانو مهانگيون ٿين ٿيون. عوام جي خريداري جي سگهه ختم ٿي رهي آهي. روزانو اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور، گهٽ آمدني وارا ملازم ۽ پينشن تي گذارو ڪندڙ بزرگ سخت متاثر آهن. گئس، بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ لڳاتار اضافو، ٽرانسپورٽ، تعليم ۽ علاج کي پڻ مهانگو بڻائي ڇڏيو ويو آهي. سرڪاري سبسڊيءَ جي کوٽ سبب غريب ماڻهو بنيادي حقن کان محروم ٿي رهيو آهي، عام گهرن ۾ ٻن وقتن جي ماني جو بندوبست به مشڪل سان ٿئي ٿو.

بيروزگاري: بين الاقوامي مزدور آرگنائيزيشن جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 9.2 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي، پر حقيقت ۾ اها شرح اڃان به وڌيڪ آهي. تعليم يافته نوجوان روزگار جي تلاش ۾ دربدر آهن. هر سال لکين شاگرد يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪن ٿا، پر مارڪيٽ ۾ سندن لاءِ نوڪري ناهي فني تربيت جي کوٽ، صنعتي زوال، نوان انويسٽمينٽ پروجيڪٽ نه هئڻ ۽ ادارن ۾ پنهنجي کي نوازڻ بيروزگاريءَ جا بنيادي سبب بڻيا آهن. سنڌ ۾ خاص ڪري علاقائي ناانصافي سبب نوجوان پنهنجي ئي صوبي ۾ بيروزگار ٿي رهيا آهن.

خودڪشيون: پاڪستاني انساني حقن جي ڪميشن جي رپورٽ مطابق هر سال پاڪستان ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو خودڪشي ڪن ٿا، جن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان معاشي دٻاءُ جي ڪري خودڪشي ڪندا آهن. خاص ڪري لاڙڪاڻو، ٺٽو، بدين، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ جيڪب آباد جهڙن ضلعن ۾ غربت ۽ بيروزگاري سبب خودڪشيون وڌي رهيون آهن. ماڻهو جڏهن پنهنجن ٻارن لاءِ کاڌو، دوائون يا اسڪول جي في نه ڏئي سگهن ته نفسياتي دٻاءُ وڌي ٿو. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته نه صرف مرد، پر هاڻ عورتون به خودڪشيون ڪري رهيون آهن. پاڻمرادو زندگي ختم ڪرڻ جا واقعا رڳو انگ نه آهن، پر معاشري جي اندروني گهاون جو اظهار آهن. مجبورين ۽ محرومين جا ڪجھه انساني پاسا غربت رڳو بک ناهي، پر اها عزت نفس جو قتل آهي. بيروزگار نوجوان پنهنجي صلاحيتن تي بي يقينيءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن. عورتون، جيڪي گهر سنڀالين ٿيون، مهانگائيءَ ۾ سخت ذهني اذيت ۾ اچن ٿيون. ٻار، جيڪي تعليم جا خواب ڏسندا آهن، غربت سبب اسڪول ڇڏڻ تي مجبور ٿين ٿا. اهو سڄو منظر هڪ انساني الميي کان گهٽ ناهي ان سڄي وارتا پويان حڪومتي پاليسين جي ناڪامي سرڪاري سطح تي واعدا، اسڪيمن ۽ پاليسين جي اعلانن کانسواءِ عملي طور تي ڪو اثرائتو قدم نظر نٿو اچي. وزيرن ۽ مشيرن جا بيان عوام لاءِ ٺٺول بڻجي ويا آهن. معيشت جي بحاليءَ لاءِ نه ته زرعي پاليسي آهي، نه صنعتي ترقيءَ جو روڊ ميپ.

قرضن جي بنياد تي هلندڙ ملڪ جو عام ماڻهو رڳو ٽيڪسن ۽ مهانگائيءَ جي بار هيٺ دٻجي رهيو آهي. ھڪ پاسي ھي سڀ ڪجھه ته ٻئي پاسي ميڊيا، اڪيڊيميا ۽ سماج جو ڪردار به عجب ڏسجي ٿو جتي ميڊيا کي گهرجي ته اهي مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جي انساني پاسن کي اجاگر ڪن. اڪيڊيميا کي تحقيق ۽ شماريات ذريعي مسئلي جا پاٽ پڌرا ڪرڻ گهرجن. سماج کي مايوس ماڻهن لاءِ ساٿ، روزگار جا موقعا ۽ نفسياتي مدد ڏيڻ گهرجي. انساني قدرن جي بحالي لاءِ اجتماعي جاڳرتا ضروري آهي.

مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ڪنٽرول لاءِ ايمرجنسي منصوبا جوڙيا وڃن  تعليم ۽ فني تربيت کي مارڪيٽ سان ڳنڍيو وڃي عورتن لاءِ گهريلو صنعتون قرض ۽ سبسڊي فراهم ڪئي وڃي. بيروزگار نوجوانن لاءِ Start-up اسڪيمن کي آسان بڻايو وڃي. نفسياتي هيلپ لائنز، ڪائونسلنگ سينٽرن ۽ جاڳرتا مهمون هلائجن، خودڪشي ڪندڙ خاندانن لاءِ فوري مالي مدد ۽ بحاليءَ جا ادارا قائم ڪيا وڃن مهانگائي، بيروزگاري ۽ خودڪشيون هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. هي انساني الميو صرف معاشي بحران نه، پر رياستي ناڪاميءَ ۽ سماجي بيحسيءَ جو آئينو آهن. جيڪڏهن انهن مسئلن کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته سماج تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي ويندو. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته رياست، سماج، ميڊيا، ادارا ۽ فرد سڀ هڪ نئين ذميواريءَ سان قدم کڻن. عوام کي زنده رکڻ لاءِ، انهن مسئلن جي بنيادن تائين پهچي حل ڪڍڻ ضروري آهي.