ماضي ۾ پيش ايندڙ مختلف واقعن جو مطالعو ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو ته مھينو به آگسٽ جو آهي ته ڇو نه آگسٽ جي مهيني ۾ پيش ايندڙ مختلف شخصيتن ۽ عالمي واقعن کي اجاگر ڪرڻ گهرجي، جن انساني تاريخ جي رخ کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. منهنجي خيال ۾ ته ان سلسلي ۾ پاڻ آگسٽ مھيني متعلق حاصل ڪيل معلومات کي نظر مان ڪڍندي پنھنجي اصل موضوع طرف ايندا سين ته آگسٽ مھينون عيسوي سال جو اٺون مهينو آهي. هن مهيني تي اهو نالو مشهور رومي حڪمران “اگسٽس” (AUGUSTUS) جي نالي تي پيو. آگسٽس جي لفظي معنيٰ آهي دانا. هن مهيني دوران اتر اڌ گول ۾ ڏينهن ننڍا ٿيندا آهن، ان جي برعڪس ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏينهن وڏا ٿي ويندا آهن. هن مهيني ۾ مينهن وسن ٿا. هن مهيني ۾ 31 ڏينهن ٿيندا آهن هن مھيني ۾ ٿيندڙ واقعن طرف ليئو پائينداسين ته تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهڻ لاءِ اهو ٿو ملي ته گذريل صديءَ جي اهم واقعن مان هڪ ٻي عالمي جنگ جو وڏي ۾ وڏو واقعو جنهن جنگ ۾ ٿيندڙ تباهي زمين کي رت سان وهائي ڇڏيو. عالمي طاقت جي غلبي جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ انساني، مالي ۽ ٻين نقصانن جو اڃا تائين صحيح اندازو نه لڳايو ويو آهي. ٻي عالمي جنگ دوران، جاپاني فوجن جو حوصلو ايترو بلند هو جو انهن آمريڪا ۾ هزارين ڪلوميٽر پري پرل هاربر کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. بھرحال، 6 ۽ 9 آگسٽ 1945 تي جاپاني شھرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرائڻ سان ٻي عالمي جنگ جو خاتمو ٿيو. خوفناڪ ايٽمي حملي جاپاني قيادت کي مايوس ڪيو ۽ پوءِ 15 آگسٽ تي جاپاني شهنشاهه سرڪاري طور تي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جيئن ئي جاپان شڪست تسليم ڪئي، عالمي تاريخ ۾ وڏيون تبديليون اچڻ شروع ٿيون. عالمي طاقتن جي حڪم تي، نوان ملڪ دنيا جي نقشي تي اڀرڻ لڳا. بدلجندڙ حالتن جي مطالبن جي جواب ۾، مختلف نوآبادياتي ملڪن ۾ آزادي جون تحريڪون زور وٺڻ لڳيون، جن ۾ برطانوي هندستان به شامل آهي. هر سال 14 آگسٽ تي آزادي جو ڏينهن ملهائيندي، ڪڏهن ڪڏهن اهو سوال پڇيو ويندو آهي ته جڏهن ٻنهي ملڪن گڏجي آزادي حاصل ڪئي ته پاڪستان 14 آگسٽ تي ۽ هندستان 15 آگسٽ تي پنهنجو آزادي جو ڏينهن ڇو ملهائيندو آهي؟ ان حوالي سان، بي بي سي اردو هڪ جاچ رپورٽ ۾ ڪجهه تمام دلچسپ حقيقتون ظاهر ڪيون آهن. برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن موجب، آزادي جي پهرين سال ۾، ڪنهن کي به پاڪستان جي آزادي جي ڏينهن تي ڪو شڪ نه هو. جڏهن ته، 29 جون 1948 تي، وزيراعظم لياقت علي خان جي صدارت ۾ ڪراچي ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾، اهو فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان جي پھرين آزادي جي ڏينھن جي تقريب 14 آگسٽ 1948 تي ملهائي وڃي. اردو جي هڪ ليکڪ رئيس امروهي به ڪٿي لکيو هو ته: 14 آگسٽ: پاڪستان قائم ٿيڻ بعد ڪراچي ۾، علامه شبير احمد عثماني ۽ ڍاڪا ۾، مولانا ظفر احمد عثماني پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب اد ڪئي ان ڪري پاڪستاني هر سال پابندي سان پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن 14 آگسٽ تي ملهائيندا آهن، پر اهو سوال اڃان زير بحث آهي ته آزاديءَ جو ڏهاڙو 14 آگسٽ ملهائجي يا 15 آگسٽ پاڻ ان بحث ۾ ٽٻي هڻندا سين ته مضمون جو رخ تبديل ٿي ويندو ان ڪري پاڻ ترتيبوار چند اهم ڳالهين کي نمايان ڪيون ٿا ته 15 آگسٽ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ گڏيل دفاع ڪائونسل قائم ڪئي وئي. 16 آگسٽ بهاولپور رياست جي وزيراعظم مشتاق احمد گرماني، پاڪستان سان الحاق جي درخواست جمع ڪرائي. مصر پاڪستان کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جي درخواست جمع ڪرائي. وزيراعظم لياقت علي خان گڏيل دفاع ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نئين دهلي روانو ٿيو. 17 آگسٽ حڪومت اعلان ڪيو ته پاڪستان فوج جو هيڊڪوارٽر راولپنڊي ۾ هوندو ۽ هوائي فوج جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ هوندو. ياد رهي ته 17 آگسٽ 1988ع ۾ تي صدر جنرل ضياءُ الحق ۽ آمريڪي سفير رافيل هڪ پراسرار هوائي حادثي ۾ پنھنجون حياتيون وڃائي ويٺا. 18 آگسٽ صدر پرويز مشرف سياسي الزام جي خوف کان پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو. 18 آگسٽ سيڪيورٽي ڪائونسل پاڪستان کي گڏيل قومن جو ميمبر بڻائڻ جي تجويز کي منظور ڪيو. حافظ عبدالمجيد کي پنجاب جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 19 آگسٽ پاڪستان جي سرڪاري آفيسن ۾ ڪم شروع ٿيو. 21 آگسٽ حيدرآباد دکن جي نظام حيدرآباد دکن کي هڪ آزاد خودمختيار رياست قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو. 22 آگسٽ پاڪستان حڪومت جمعي تي آفيسن ۾ اڌ موڪل جي منظوري ڏني. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. ايران پاڪستان کي پنهنجي قيام جي پهرين ڏينهن تي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. 25 آگسٽ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن قائداعظم جي اعزاز ۾ هڪ استقباليه منعقد ڪئي. 27 آگسٽ گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن پاڪستان ۾ هڪ ماتحت تنظيم بڻجي وئي. 28 آگسٽ قائداعظم هندستان ۽ پاڪستان جي گورنر جنرل جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ لاهور پهتو. 29 آگسٽ پاڪستان جي پهرين دستاويزي فلم ڪراچي جي سينيما گهرن ۾ ڏيکاري وئي. هن فلم ۾ 12 آگسٽ ۽ 15 آگسٽ 1947 جي وچ ۾ ٿيندڙ واقعن تي مشتمل هئي. 31 آگسٽ پنجاب بائونڊري فورس کي ختم ڪيو ويو. پنھنجي مطالعي جي آڌار تي تمام مختصر آگسٽ ۾ ھڻي ۾ ٿيندڙ واقعن سان گڏ پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪافي حقيقتن کي به قلم بند ڪيو آهي، پر جيڪڏهن آئون آگسٽ مھيني ۾ پيدا ٿيندڙ اديبن جو ذڪر نه ڪندس ته زيادتي ٿيندي جنھن سلسلي ۾ سائين در محمد پٺاڻ صاحب جي مختلف لکڻين کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ کان علاوه خاص طور تي سنڌ جي نالي واري ليکڪ فقير محمد سنڌيءَ جيڪا سنڌ جي اديبن جي جنم ڏهاڙن، وفات جي تاريخن کي جنھن انداز سان ترتيب ڏني آهي انھن مان ڪنجوسي ڪندي ڪجھ اديبن کي مون به ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اسان پنھنجي انھن اديبن جي نالن کان واقف ٿي سگهون جن سنڌ ۾ پنھنجي محنت سان نالو ڪمايو انهن ۾ پهرين آگسٽ 1975ع تي شاعر زاهد عباسي سوڀو ديرو شهر جي ڀرسان ڪلهوڙا ڳوٺ ۾ جنم ورتو.