خاص

مڪاني چونڊون: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي کي برتري، پي ٽي آءِ کي ڌچڪو

ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن مان مڪاني چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ ڪراچي جي 246 يوسين مان 71 يوسين جا نتيجا سامهون آيا آهن، جن ۾ پيپلزپارٽي 37  يوسيز سان گڏ پهرين، پي ٽي آءِ 14 سان گڏ ٻئي ۽ جماعت اسلامي 14سيٽن سان گڏ ٽئين نمبر تي آهي. ڪراچي ۾ هڪ سيٽ جي يو آءِ ف ۽ هڪ تحريڪ لبيڪ کي ملي آهي، جڏهن ته  ڏکڻ ضلعي جي چيئرمين جا نتيجا مڪمل ٿي ويا، جنهن ۾ 26 مان 15 يونين ڪميٽين تي پيپلز پارٽي ۽ 9 تي تحريڪ انصاف ڪامياب ٿي آهي، ڏکڻ ضلعي ۾ هڪ سيٽ تي تحريڪ لبيڪ جو پينل چونڊجي ويو آهي ۽ هڪ سيٽ تي چونڊ ملتوي ٿي وئي آهي. ملير ۾ غير حتمي نتيجن موجب  30  يونين ڪميٽين مان پ پ 24  تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، ملير جي ٽن يونين ڪميٽين تي پي ٽي آءِ ۽ ٽن يونين ڪميٽين تي جماعت اسلامي جا اميدوارڪامياب ٿيا.