ڊائري جا ورق

ڊسمبر جون ڳالهيون هر سال ڳائجن ٿيون پوءِ ڪهڙو به روپ اختيار ڪري ڪٿي سک جا سانباها ته ڪٿي ڏک جا ڏوراپا، خوشي جا لاڏا توڙي غمي جي ڪوڪ، ملاقاتن سان مرحبا يا وري غمي جا گاڏڙ ۽ وڇوڙي جا ورلاپ مطلب ته ڊسمبر هر سال يادگار ئي رهي ٿو…!!

ٿڌين راتين ۾ خاص ڪري رونقون اجاڙ جو ڏيک ڏيڻ جيئن تنها محسوس ٿينديون آهن.

شهرن جا شور سردين ۾ آڌي ڪريو ڇڏين، پر ڳوٺن جون ساديون سيبتيون حياتيون ننڊ سان نينهن لڳائي انيڪ خوابن ڀري سندر رات کي پار پڄائينديون آهن.

سياري جون شامون شفق لالاڻ سان لهندي درد جي ڪيفيت توڙي اداسي جا پاڇا لاڙڻ جيئن محسوس ٿينديون آهن، باقي سردين ۾ صبح سُهانا ۽ سندرتا بخشيندڙ ٿين ٿا.

حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته نومبر ته ڳالهين ۾ ڳائجي ٿو مگر ڊسمبر پاڻ کي ڪتابن ۾ لکائي ٿو ڇڏي.

ورهين پڄاڻان وسريل واعدا ۽ ڏنل ڏوراپا ڊسمبر ۾ وري ڇرڪ جي ڇال سان جاڳي پوندا آهن.

دلبرين جا ديس ڪڏهن ڪڏهن دردن سان جڙندا به آهن ته بي دردي سان ڇڄڻ جو عذاب به ڀوڳيندا آهن.

هيلوڪي سال ڊسمبر جي آخري سج کي الوداعي سلامي ڪٿي مرڪن جي متل ميلي سان ڏني ويندي ته ڪٿي وري تنها وجود جي اک جي موتي ڳوڙهن سان به ڏيڻ جو سڏڪو برپا ٿيندو.

پنهنجي ديس جون اجڙيل رونقون شال ايندڙ نئين سال ۾ رنگ برنگي روپ سان نروار ٿين. دعاگو هٿ اڀا رهندا ۽ اکيون آڪاش کي تڪيندي گلابي چپن جي ڪپن تي آمين جي ورد جا الفاظ ضرور ورلائبا.

هيل مسافر پکين جا ٽولا ڍنڍن، ڍورن ۽ سمنڊن کان پري انهن ٻوڏ ۾ ٻڏل اجڙيل ڳوٺن تي لهي ڊٺل گهرن سان ڊگها درد اوريندي به بي رحم مارين جي هٿان اجل جو شڪار بڻجي ويا. افسوس انهن جي تعزيت جا تڏا ڀلا ڪٿي رکجن.

الا منهنجي سنڌ…!! برساتن ۾ بي گهر ٿيل انهن معصومن سان ڀريل ڪٽنب جو ڀلا هي سيارو ڪيئن پيو گذري.

هيل ڪيترائي ڳوٺ برساتي ٻوڏ ۾ ٻڏڻ ڪري، سياري جي ساڳ جي تحفي کان انيڪ شهرن ۾ پلجندڙ ڳوٺاڻا روح به چکڻ کان محروم رهجي ويا.

اي خدايا..!! سنڌ تي موسمون شال مهر سان مٽبيون رهن ۽ هر قهر کان پري پنھنجي پناھ ۾ رکجان.

سياري ۾ سرسبز گلن جي جهومندڙ پيلاڻ هر ڏسڻ واري اک توڙي غمن ڀري دل کي راحت بخشي گهڙي کن لاءِ مرڪڻ تي مجبور ڪيو ٿي ڇڏي.

ڊسمبر جي الوداعي ۽ جنوري جي آجيان هيراڪ دليون هر سال ملهائڻ جي مڌر رسم روح سان نڀائينديون آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
1 Comment
Oldest
Newest Most Voted
Inline Feedbacks
View all comments
beach cafe ambiance
26 days ago

beach cafe ambiance