ڊائري جا ورق

01 سيپٽمبر 1992 منهنجي مٺڙي امڙ سنڌ اندر ظلم ۽ جبر جي شديد باهه پئي ٻري ۽ سڳا ڀائر، امڙ جا ٻچڙا ڀينرن جا ڀائر، ونين جا وَرَ گلن جهڙا ٻارڙا، سڙيو جليو پيا ڀسم ٿين، هر لمحي، هر منٽ ۾ ماروئڙا، جهانگيئڙا ۽ سانگيئڙا، سورن جو زهر پيا پين. سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ قدرتي وسيلن سان مالامال ۽ شاهوڪار سنڌ جي مال تي ايترا ته ڦورو، لٽيرا ۽ رهزن اچي مِڙيا آهن جو انهيءَ پٽ پٽان واري ويڙهه ۾ عجيب اندوهناڪ لٽ مار، ڦر، قتل ۽ اغوا جو دور جنهن ۾ ڪنهن کي به ڪو تحفظ ڪونهي ۽ ڪير به محفوظ نه آهي. ڪيڏي مهل به ڪنهن جي عزت، آبرو، مال ۽ دولت لٽجي سگهي ٿي. نه رڳو ايترو پر اُن جو ڪوبه انصاف يا داد فرياد ٿيڻ ناممڪن هوندو. هي مڪمل طور وحشياڻو قانون آهي.

انهي صورتحال ۾ منهنجي امڙ ۽ سندس ٻچا آهن، پر ها اُهي هاڻ سجاڳ آهن. هاڻ مسلسل ظلم ۽ جبر جي تجربن ۽ آس پاس آزادي ماڻيندڙ ملڪن ۽ قومن جا طريقا ۽ نظريه ڏسي، ميڊيا جي تيز ترين عمل اسانجي هر سنڌيءَ کي ڌونڌاڙي سجاڳ ڪري، بلڪه سنڌي اخبارن ته سنڌين کي ۽ ٻهراڙين جي عوام کي به ڪن کان اُٿاري بيهاري ڇڏيو آهي. سنڌ جو عوام سڀ ڪجهه ڏسي پيو، سڀ سمجهي پيو، هر ڪنهن کي پرکي پيو ۽ هر اهم وقت تي، اهم سوال تي، بلڪل درست موٽ ڏيئي هر لحاظ کان سچي کري فيصلي جو مڪمل ۽ منظم اظهار ڪري رهيو آهي. سنڌي قوم بيدار آهي. گذريل اليڪشن ۾ سنڌي قوم جو فيصلو شاندار فيصلو رهيو آهي، هر قومي سڏ تي ۽ قومي احتجاج تي سڄي سنڌ جي گڏيل سڏ تي پڪو پختو جواب ڏنو آهي ۽ آئيندا به سنڌي عوام جو فيصلو ائين ئي سچو، روشن ۽ وقتائتو هوندو، جيئن صبح جو روشن ۽ توانائي ڀريل سج.

***

16 سيپٽمبر 1992

امان، منهنجي پياري امان مونکي معاف ڪَج. مون تنهنجي دل ڏاڍي ڏکائي آهي. ابا کي به آئون خوشيون ڏيئي ڪونه سگهيو آهيان. شايد هي سماج ئي اهڙو خراب آهي جو ماڻهو مجبور ٿيو وڃي. بهرحال مونکي سڀ کان وڏو ڏک ۽ ارمان اهو آهي ته مون ماءُ ۽ پيءُ جو دل رنجائڻ جو ڏوهه ڪيو آهي. نتيجي ۾ مونکي به مائٽن جو پيار ڪونه مليو آهي.

***

22 سيپٽمبر 1992

پروڙ ۾ شيخ اياز جو زبردست انٽرويو شايع ٿيو آهي. ڇا ته نوان فڪر انگيز خيال آهن. دنيا سڄي جي جديد ۽ قديم علم و ادب ۽ تاريخ جو نچوڙ آهن. اياز سائين جا خيال. نور محمد به تازو ڪراچي مان شيخ اياز سان ملاقات ڪري آيو آهي. نور محمد مونکي چيو ته پاڻ شيخ اياز جي موجوده ذاتي زندگي، هن جون مصروفيات کي وڊيو ڪريون ۽ پوءِ هڪ شاندار انٽرويو به ڪريون ۽ ان ۾ شيخ اياز جا گيت به ڏيون. مون هڪدم چيو پاڻ تيار آهيون. انشاءَالله ان نور محمد جي پويان لڳي اهو ڪم ڪندس. جيڪڏهن اياز سائين اجازت ڏني ته.

***

24 سيپٽمبر 1992

سارنگ بئنڊ وارن سان پاڪستان ٽوئر تي ويل آهي. سارنگ 14 يا 15 سالن جو آهي. انڪري دل جهلي اجازت ڏيڻي پئي، پر هاڻ خبر پوي ٿي ته اولاد جي پري رهڻ يا مسلسل سفر ۾ رهڻ تي مائٽن کي ڪهڙي ۽ ڪيتري پريشاني ۽ فڪرمندي ٿيندي آهي. بهرحال سڀاڻي پندرنهن ڏينهن جي ٽوئر کانپوءِ واپس پيا اچن.

***

27 سيپٽمبر 1992

ساجن منهنجو جاني پُٽ سمجهو ۽ حساس آهي. مون ساڻ ته هن جو انتهائي جذباتي لڳاءُ آهي. منهنجو هر حڪم مڃيندو ۽ عمل ڪندو آهي. مونکي خوش ڪرڻ، مونکي آرام ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

***

30 سيپٽمبر 1992

وڊيو پروگرام ٽي مهينا ٿيا آهن بند آهن. ٻيو ڪوبه ذريعو آمدني ڪونهي. ٻه ٽي تولا سون پنهنجي زال ۽ نياڻين جو وڪڻي پيٽ گذر پيا ڪريون، ان صورتحال مونکي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي. هر وقت فڪر ۽ پريشاني، هر لمحو بي چيني آهي ته ڪيئن گذر سفر ٿيندو؟ ڪيئن نياڻين جي شادي ٿيندي، ڪٿان اهو سڀ ٿيندو؟ مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. بس منهنجي مالڪ تي ننگ آهي. مولا ڪونه ڪو رستو ۽ گس ضرور ڪڍندو. ابا، امان جن مونکي ڌڪاري ڇڏيو آهي، پر منهنجو خدا ته مون ساڻ آهي. ان مان آسرو آهي، ان تي ئي ننگ آهي.

***

9 نومبر 1992

عمر قاضيءَ جي اڄ شادي هئي. اڄ چوڏهين رات به آهي. عمر قاضي ڏهه ٻارنهن سال پراڻو نور محمد جو ۽ پوءِ اسان جو به دوست ٿي رهيو آهي. دادوءَ جي پاسي جو هوشيار ۽ چالاڪ قاضي آهي، هي ٽي چار ڀائر آهن، جن ۾ هي عمر ۾ ننڍو آهي، پر هنن سڀني ترقي ڪئي ۽ هن وقت سٺن عهدن تي آهن. عمر به ڪراچي ۾ سٺي سرڪاري نوڪري ۾ آهي، بهرحال عمر اسان سان ان وقت کان گڏ آهي جڏهن اڃا نوجوان هو، هاڻ جوان مڙس آهي، پر آهي درويش صفت ماڻهو، ڪم ڪار ۾ به مڙس ماڻهو، نماڻي طبيعت وارو سڌو سادو، سٺو سنهون ڊگهو جوان. عمر قاضي جنهن کي ڪنهن اديب چيو ته يار عمر تون پري کان ائين ٿو لڳين جهڙو هينگر تي صرف ڪپڙا ٽنگيا پيا آهن. عمر قاضي کي طارق اشرف مرحوم ڀائيندو هو. هن وقت به عمر، نور محمد معرفت شيخ اياز سان روز ٻي ڏينهن ملندو آهي، ٻين اديبن شاعرن سان به ملندو رهندو آهي. عمر پاڻ به صاحب ڪتاب آهي. هندوستان جو سفر نامون، ديسين وٽ پرديس ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو آهي. هاڻ وري ڪجهه افسانه به لکيا اٿس. مطلب ته سٺو ليکڪ ۽ پيارو دوست آهي.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments