ادبنئون

ڪفن
(ريخته ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: منشي پريم چند
جھوپڙيءَ جي ٻنڀي تي ٻئي پيءُ پٽ، اجهاڻل ٽانڊن آڏو، ماٺڙي ڪيو ويٺا ھئا ۽ اندر پٽس جي نوجوان زال ٻڌيا، در سان پنھنجو پاڻُ سٽي رھي ھئي ۽ رکي رکي سندس واتان اھڙي ته ھيانءُ ڏاريندڙ آھ پئي نڪتي جو ٻنھي جون ھيانءَ ۾ مٺيون پئجي پئي ويون. سياري جي رات ھئي. فضا، سانت ۾ ٻڏل ۽ سڄو ڳوٺ اوندھ ۾ وڪوڙيل ھو.
گھيسوءَ چيو؛ ”خبر نه ٿي پوي، بچندي به الائي نه! سڄو ڏينھن ڦيٽون کائيندي گذريو اٿس. وڃ! ڏسي ته اچينس!“
ماڌوءَ ڏکايل لھجي ۾ چيس؛ ”مرڻو اٿس ته جلدي ڇو نه ٿي مري. ڏسي ڇا اچانس.“
”تون ته وڏو بيدردو آھين ڙي! سڄو سال جنھن مان زندگيءَ جو سک ورتئي، تنھن سان ايڏي بيوفائي!“
”مون کان سندس اھو تڙپڻ ۽ ڄنگهون ٻانھون ھڻڻ ڏٺو نه ٿو ٿئي.“
چمارن جي آڪھ ھئي ۽ سڄي ڳوٺ ۾ بدنام ھئي. گهيسو ھڪڙو ڏينھن ڪم ڪري ته ٽي ڏينھن آرام. ماڌو وري ايڏو ڪم چور جو ڪلاڪ ڪم ڪري ته ڪلاڪ ويھي حقو ڇڪي. جنھن ڪري ڪو به کين بيھارڻ لاءِ تيار نه ھو. گهر ۾ اٽي لپ ھجين ته ڪم ڪرڻ کان ئي قسم. ’اٽو ھجي پاڇي، جھنگ ڇو وڃي ماڇي‘، وارو ڪم. جڏھن ھڪ ٻه فاقو ڪڍن ته پوءِ گهيسو وڃي جهنگ مان ڪاٺيون ڪپي اچي ۽ ماڌو وڃي بازار ۾ کپائي اچي. وري جيترو وقت اھو پئسو ھلين، تيترو وقت ٻئي ھيڏي ھوڏي ٺونٺيون ٺوڪيندا وتن. وري جڏھن فاقن تي حالت پڄين ته پوءِ وڃي ڪاٺيون ڪري اچن يا ڪا مزدوري ڪن. ڳوٺ ۾ ڪم جي کوٽي ڪو نه ھئي. ھارين نارين جو ڳوٺ ھو. محنتي ماڻھوءَ لاءِ پنجاھ ڪم، پر ھنن ٻنھي کي ماڻھو تڏھن ڪم تي سڏين جڏھن ھڪ جو ڪم، ٻن ماڻھن کان وٺي قناعت ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو نه ھجين. ڪاش! ٻئي ساڌو ھجن ھا ته ٻنھي کي قناعت ۽ توڪل سان، نفس تي ضابطي جي ٺپ ضرورت نه پوي ھا. اھا صفت، سندن خِلقت ۾ پيل ھئي. عجيب زندگي ھئي سندن. گهر اندر ٺڪر جي ٻن چئن ٿانون کان سواءِ ڪا ميراث نه ھين. ليڙون ليڙون لٽن سان پنھنجا اگهاڙا انگ ڍڪيو، دنيا جي فڪرن کان آجا، اوڌرن سان اوڍيل، گاريون به کائين، پر ڪو ڏک ڏڙو نه! مسڪين ايڏا جو اوڌر موٽائڻ جو مور آسرو نه ھوندي به ماڻهو کين ڪجھ نه ڪجھ اوڌر پاڌر ڏيو ڇڏين. مٽرن يا پٽاٽن جي پوک مان مٽرن جون ڦريون پٽي اچن يا پٽاٽا کوٽيو ڪڍيو اچن ۽ سيڪي پيا کائين يا پنج ڏھ ڪمند جون ڇڙيون پٽيو اچن ۽ راتين جو ويٺا ڇِلي کائين، چٻين ۽ چُوپاڙين. گهيسوءَ انھيءَ زاھدانه انداز سان سٺ سالن جي ڄمار ڳاري ڇڏي ۽ ماڌو به ھڪ فرمانبردار پٽ وانگي پيءُ جي نقش قدم تي پئي ھليو. بلڪه سندس نالو اڃا به روشن پئي ڪيائين. ان وقت به ٽانڊن آڏو ويھي پٽاٽا سيڪي رھيا ھئا، جيڪي ڪنھن جي ٻنيءَ مان کوٽي ڪڍي آيا ھئا. گهيسوءَ جي زال، ڪئي سال اڳي گذاري وئي ھئي. ماڌوءَ جو پرڻو، پوئين سال ٿيو ھو. جڏھن کان ھيءَ مائي آئي ھئي، انھيءَ خاندان ۾ رھڻ جي سليقي جو بنياد وڌو ھو. جنڊ ڪڍي، گاھ ڪري، ھوءَ پاٽي کن اٽي جو بندوبست ڪري وٺندي ھئي ۽ ھنن ٻنھي بيغيرتن جو پيٽ ڀريندي رھندي ھئي. جڏھن کان اھا آئي آهي، تڏھن کان ھيءُ ٻئي اڃا ھڏ حرام ۽ آرسي ٿي ويا آھن. بلڪه ٿورو سيٽ به ڪرڻ لڳا آھن. ڪير ڪم تي سڏين ته لاپرواھيءَ واري شان سان، ٻيڻي مزدوري گهرنس.
گهيسوءَ، ٽانڊن مان پٽاٽا ڪڍي، کل لاھيندي چيس؛ ”وڃي ڏسينس ته ڇا حالت اٿس! ڏائڻ فساد ڪندئي ٻيو ڇا ڪندئي. ھتي ته پنڊت به پئسو ٿو گهري. سو اچي ته ڪٿان؟“
ماڌوءَ کي ڊپ ھو ته جي هاڻ جهوپڙيءَ ۾ ويو ته پويان گهيسو پٽاٽن کي ڏڙهو ڏئي ڇڏيندو. تنھن ڪري چيائينس؛ ”مون کي اتي ڊپ ٿيندو.“
”ڊپ ڪھڙي ڳالھ جو اٿئي؟ مان ھتي ويٺو آھيان نه!“
”ته پوءِ تون ئي وڃي ڏسي آ نه!“
”منھنجي مائي جڏھن مئي ھئي ته مان ٽي ڏينھن ساندھ وٽانئس ٿڙيو ئي نه ھئس ۽ ھيءَ مون کان لڄي به ٿيندي يا نه. ڪڏھن سندس منھن ڪو نه ڏٺو آھي، اڄ سندس اگهاڙو جسم وڃي ڏسان. کيس، بت جي سڌ به نه ھوندي. مون کي ڏسندي ته دل کولي ھٿ پير به ھڻي سگهندي الائي نه.“
”مان ٿو سوچيان ته جي ڪو ٻار ٻچو ٿيو ته پوءِ ڇا ٿيندو. سُنڍِ، ڳُڙُ، جِيرو ته ڇا، ھتي ته ڪجھ به ڪونھي گهر ۾.“
”سڀ ڪجھ اچي ويندو. ڀڳوان ٻچو ڏئي ته جيڪي ماڻھو ھاڻي ٽيڊي پائي نه ٿا ڏين سي به ان وقت سڏي ڏيندا. مون کي پٽ ڄاوا. گهر ۾ ڪجھ به نه ھو، پر سدائين ائين ڪم ٿيا.“
جنھن سماج ۾ رات ڏينھن ڪمائڻ وارن جي حالت، ھنن جي حالت کان ڀلي نه ھئي ۽ ھارين نارين جي ڀيٽ ۾ اھي ماڻھو جيڪي ھارين نارين جي ڪمزورين مان فائدو وٺڻ چاھيندا ھئا، گھڻو سُکيا ھئا. اتي ان قسم جي ذھنيت جو پيدا ٿي پوڻ، ڪا تعجب جھڙي ڳالھ نه ھئي. اسان ته چونداسين، گهيسو ھارين نارين جي ڀيٽ ۾ گهڻو سُريلو ۽ سگهڙ ھو ۽ ھارين نارين جي سادڙي ذھنيت واري ٽولي ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ، شاطرن جي فتنا اٿاريندڙ ٽولي ۾ شامل ٿي ويو ھو. ھا! منجهس اھا صلاحيت ڪا نه ھئي جو شاطرن جي آئين ۽ اصولن جي پابندي به ڪري. ان ڪري جتي ھن جي ٽولي جا ماڻهو، ڳوٺ جا چڱا مڙس ۽ مُکي بڻيا ويٺا ھئا، تن تي سڄو ڳوٺ آڱر کڻندو ھو. پوءِ به کيس اھا تسڪين ھئي ته جيڪڏهن پاڻ ڀينگيو آھي ته گهٽ ۾ گهٽ ھارين نارين واري ھيانءُ ھڄائيندڙ محنت ته نه ٿي ڪرڻي پويس ۽ سندس سادگيءَ ۽ ماٺ مان ٻيا اجايو سجايو فائدو به نه ٿا وٺن.
ٻئي ڄڻا، پٽاٽا ڪڍي ڪڍي، ڪوسا ڪوسا ئي کائڻ لڳا. ڪالھ کان ڪجھ نه کاڌو ھئائون. ايترو صبر نه ھئن جو انھن کي ٿڌو ٿيڻ به ڏين. ڪيترا ڀيرا ٻنھي جون ڄڀون به سڙي پيون ھيون. کل لاھڻ پڄاڻان پٽاٽن جو ٻاھريون کوپو ته گهڻو ڪوسو نه لڳندو ھين، ليڪن ڏند ڏني کان پوءِ اندريون ڳڀ وارو حصو ڄڀ، نڙگهٽ ۽ تارونءَ کي ساڙي رکندو ھو. ان ٽانڊي کي وات ۾ جهلي رکڻ کان وڌيڪ چڱائي ان ۾ ھئي ته اھو اندر پھچي وڃي، جتي ان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڪافي سامان ھو. ان ڪري ٻئي جلدي جلدي ڳِھندا پئي ويا. حالانڪ ان ڪوشش ۾ سندن اکين مان ڳوڙها به ڏڙھ ڏڙھ ڪري پئي ڪريا.
گهيسوءَ کي ان ويلي ٺاڪر جي ڄڃ ياد اچي وئي، جنھن ۾ ويھ سال اڳي، ھيءُ ويو ھو. ان سڏ ۾ جيڪو کيس ڍءُ نصيب ٿيو ھو، سو سندس زندگيءَ جو ھڪڙو يادگار واقعو آھي ۽ اڄ به ان جي ياد تازي ھئس. چيائين؛ ”اھو جُڃُ نه ٿو وسري، جڏھن ته ان کان پوءِ اھڙو کاڄ ۽ ڍءُ وري نه مليو آ. ڪنواريتن، مڙني کي پُوريون کارايون ھيون ۽ سچي گيھ ۾ چٽڻي، رائتو ۽ ٽن قسمن جا سڪا ساڳ، ھڪڙي رس ۾ ٻڏل ڀاڄي، ڌونئرو، چٽڻي، مٺائي. ھاڻ ڇا ٻڌايانءِ ته ان جُڃَ ۾ ڇا ته سواد آيو. ڪا جهل پل نه ھئي. جيڪا شيءِ گهر، جيتري کپئي، سا کاءُ. ماڻھن ته ايڏو کاڌو جو ڪنھن کان پاڻي ئي نه پيجي سگهيو ھوندو، پر ورھائڻ وارا ھئا جو اڳيان ڪوسيون ڪوسيون ڪچوريون وجهندا وڃن. جهلين ته نه کپن، ٿالھ کي ھٿ سان روڪيو بيٺا آھيون، مگر ھو آھن جو ڏيندا وڃن ۽ جڏھن مڙني وات ڌوتا ته مٿان وري ھڪ ھڪ ٻيڙو پان جو به مليو. مگر مون کي پان وٺڻ جي سُڌِ ڪاٿي ھئي. بيھي نه پئي سگهيس، ستت گهر وڃي، پنھنجي ڪمبل ۾ ويڙھجي آھِلي پيس. اھڙو درياھ دل ھو ٺاڪر!“
ماڌوءَ انھن کاڄن جي خبرن مان مزو وٺندي چيس؛ ”ھاڻي ڪو اسان کي به اھڙو ڪو جُڃُ ڪرائي.“
”ھاڻي ڪير ڇا کارائيندو. اھو زمانو ئي اور ھو. ھاڻ ته مڙني کي ڪفايت جي لوري آهي. شادي مراديءَ ۾ متان خرچ ڪيو اٿو. ڪرياڪرم تي متان خرچ ڪيو اٿو. پڇين، غريبن جو مالڙو وٽي، ڪاٿي وڃي لڪائيندئو؟ مگر وٽڻ ۾ ته گهٽتائي ڪانھين. ھائو باقي خرچڻ ۾ اچي ڪفايت جي لوري لڳي اٿن.“
”تو ته ويھارو کن پوريون کاڌيون ھونديون؟“
”ويھن کان ته وڌيڪ کاڌيون ھيون.“
”مان ھجان ھا ته پنجاھ کن کائي وڃان ھا.“
”پنجاھ کان گهٽ ته مون به ڪو نه کاڌيون ھونديون. چڱو وٽر سٽر ھيس. تون ان جو اڌ به ناھين.“
پٽاٽا کائي، ٻنھي پاڻي پيتو ۽ اتي ٽانڊن آڏو پنھنجا پوتڙا اوڍيون، پير پيٽ ۾ ڪيون سمھي پيا. ڄڻ ٻه وڏا ازدھا، ڪنڊلي ھنيو پيا ھجن.
صبوحڙي ماڌوءَ وڃي ڪوٺڙيءَ ۾ ڏٺو ته سندس زال سڄي ٿڌي ٿي وئي آھي. سندس وات تي مکيون پيون ڀڻ ڀڻ ڪن. پٿرايل اکيون مٿي ٽنگيل ھئس. سڄو جسم مٽيءَ ۾ لت پت ھئس. سندس پيٽ ۾ ٻار مري چڪو ھو.
ماڌو ڀڄندو گهيسوءَ وٽ آيو. پوءِ ٻئي ٽاڙهيون ڏئي ھاءِ ھاءِ ڪندا ۽ ڇاتيون پٽڻ لڳا. پاڙي وارن اھي دانھون ڪوڪون ٻڌيون ته ڊوڙندا اچي پڳا ۽ آڳاٽين رسمن آھر، ڏکايلن کي آٿت ڏيڻ لڳا.
مگر وڌيڪ روڄ راڙي جو موقعو ڪو نه ھو. ڪفن ۽ ڪاٺيءَ جي ڳڻتي ڪرڻي ھئي. گهر ۾ پئسو ائين اڻ لڀ ھو، جيئن سرڻ جي آکيري ۾ ماس.
پيءُ پٽ روئندا پٽيندا ڳوٺ جي زميندار وٽ ويا، جنھن کي ٻنھي جي شڪل کان ئي نفرت ھئي. ڪيترا ڀيرا ته کين پنھنجي ھٿان موچڙا به ھنيا ھئائين. چوريءَ جي علت ۽ واعدو ڪري ڪم تي نه اچڻ واري ھير سبب. پڇيائينس؛ ”ڇا ھي گهيسوا! روئين ڇو ٿو؟ ھاڻ ته تنھنجي شڪل به ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي. ھاڻ لڳي ٿو تون ھن ڳوٺ ۾ رھڻ ئي نه ٿو چاھين.“
گهيسوءَ زمين تي مٿو ٽيڪي، اکين ۾ ڳوڙها آڻي چيس؛ ”سرڪار! وڏي ويڌن ۾ آھيان. ماڌوءَ جي زال رات گذاري وئي. سڄو ڏينھن تڙپندي رھي. سرڪار اڌ رات تائين اسان ٻئي سندس مٿان بيٺا ھئاسين. دوا دارون، جيڪو ٿي سگهيو، سڀ ڪجھ ڪيوسين مگر دغا ڏئي وئي. ھاڻ ته ڪو ھڪڙي ماني به ڏيڻ لاءِ تيار ناھي. مالڪ، تباھ ٿي وياسين. گهر ئي ڊھي ويو. اوھان جو غلام آھيان. ھاڻ اوھان وٽ آيو آھيان. ھن جي مٽيءَ جو پنوڙو ڪير توڙ لڳائيندو. اسان جي مٺ ۾ جيڪي ڪجھ ھو سڀ جو سڀ دوا دارونءَ تي دڦ ٿي ويو. سرڪار جي ئي ڏيا ٿيندي ته ھن جو مٽيءَ پنوڙو کڄندو. اوھان کي ڇڏي ڪنھن جي در تي وڃان.“
زميندار صاحب، رحمدل ماڻھو ھو. مگر گهيسوءَ تي رحم ڪرڻ، ڪارن ٿنڀن کي رڱڻ برابر ھو. اندر ۾ آيس ته چوين: ”ٽرو! ھتان نڪرو! لاش گهر ۾ رکيو پيو سڙي. ائين سڏڻ تي به نه اچو. اڄ جڏھن گتي پئي اٿو ته اچي لِلِ مِچِ پيا ڪيو. حرام خور ڪٿان جا! بدمعاش!“ مگر ھيءُ ڪاوڙ ڪرڻ يا بدلو وٺڻ جو موقعو نه ھو. چاھيندي يا نه چاھيندي، ٻه روپيا ڪڍي اڇلايائين. مگر آٿت ڏيڻ جا ٻه اکر به واتان نه اُڪليس. کين تڪيائين به نه. ڄڻ مٿي تي پيل ٻوجھ، اڇلي ڇڏيائين.
جڏھن زميندار صاحب ٻه روپيا ڏنس ته پوءِ ڳوٺ جي واڻين ۽ وياجين کي ناڪار جي ڪھڙي ھنياري ٿيندي. گهيسو، زميندار جي نالي جو ڍنڍورو ڏيندو پئي ويو. ڪنھن ٻه آنا ڏنس، ڪنھن پائلي…. ھڪڙي ڪلاڪ اندر گهيسوءَ وٽ، پنجن روپين جي ٺيڪ ٺاڪ رقم ڪٺي ٿي وئي. ڪنھن ان ڏنس ۽ ڪنھن ڪاٺيون ۽ منجھند ڌاري، گهيسو ۽ ماڌو، بازار مان ڪفن وٺڻ لاءِ ويا. ھيڏانھن ماڻھو بانس وغيره ڪپڻ لڳا.
ڳوٺ جون ڀورڙيون مايون، لاش کي اچي اچي ڏسن پيون ۽ سندس بيوسيءَ ته ٻه ڳوڙها وھايون ھلي پئي ويون.
بازار ۾ پھچي گهيسوءَ چيو؛ ”ڪاٺي کيس ساڙڻ لاءِ جام ملي وئي آھي. ڪيئن ماڌو؟“
ماڌوءَ چيو؛ ”ھائو ڪاٺي ته کوڙ ٿي وئي آھي. ھاڻ ڪفن کپي.“
”ته پوءِ ڪو سادڙو ئي ڪفن وٺون.“
”ھا! ٻيو وري ڇا! لاش کڄندي کڄندي رات ٿي ويندي. رات جو ڪفن ڪير ٿو ڏسي.“
”ڪھڙي نه ڪني رسم آھي جو جنھن کي جيئري انگ ڍڪڻ لاءِ اڳڙي به نه پئي ملي، تنھن کي مرڻي تي نئون ڪفن کپي.“
”ڪفن، لاش سان گڏ سڙي ته وڃي ٿو.“
”ٻيو ڇا رکيو آھي! اھي پنج رپيا ئي ملن ھا ته دوا دارون نه ڪرايونس ھا.“
ٻئي ھڪ ٻئي جي اندر جون ڳالھيون اندرئون اندرئون سمجهي رھيا ھئا. بازار ۾ ھيڏي ھوڏي رلندا رھيا، تان جو شام ٿي وين. ٻئي اتفاق سان يا ڄاڻي واڻي ھڪ شراب جي گُتي وٽ پھچي ويا. ڄڻ ڪنھن ٺاھيل پروگرام تحت اندر گهڙي ويا. گهڻي دير تائين ته ٻڏتر جي حالت ۾ بيٺا رھيا. پوءِ گهيسوءَ ھڪڙي بوتل شراب جي ورتي ۽ ٿورا ڪباب به ورتا ۽ ٻئي ويرانڊي ۾ ويھي، پيئڻ لڳا.
ڪيترا ئي لاڳيتا پيگ پيئڻ پڄاڻان، ٻئي سرور ۾ اچي ويا.
گهيسوءَ چيو؛ ”ڪفن پارائڻ سان ڇا ٿو ملي؟ نيٺ سڙي ئي ته وڃي ٿو. ڪو مائيءَ سان ساڻ ته ڪو نه ٿو وڃي.“
ماڌو آسمان ڏانھن ڏسي چوڻ لڳو، ڄڻ فرشتن کي پنھنجي معصوميت جو يقين ڏياريندو ھجي؛ ”دنيا جو وھنوار آھي. ماڻھو برھمڻن کي ھزارين رپيا ڇو ٿا ڏئي ڇڏين. ڪنھن ڏٺو آ ته پرلوڪ ۾ ملي ٿو يا نه؟“
”وڏن ماڻھن وٽ ڌن آھي، پيا ڦوڪين. اسان وٽ ڦوڪڻ لاءِ ڇا ھي؟“
”ليڪن لوڪ کي جواب ڪھڙو ڏيندين؟ ماڻھو پڇندا ڪو نه ته ڪفن ڪاٿي آهي؟“
گهيسو کليو؛ ”چونداسينِ؛ ڏوڪڙ چيلھ مان ڇڙي ويا. گهڻو ئي ڳوليا، نه مليا.“
ماڌو به کليو. انھيءَ اڻ ڄاتل خوشيءَ جي موقعي تي قدرت کي اھڙيءَ طرح شڪست ڏيڻ تي چيائين؛ ”ڏاڍي ڀلي ھئي ويچاري. مئي به ته ڏاڍو کارائي پياري.“
اڌ کان مٿي بوتل ختم ٿي وئي ھئي. گهيسوءَ ٻه سير پوريون گهرايون. گوشت، ٻوڙ، چٽ پٽا جيرا ۽ ٿورو تريل مڇي. شراب خاني جي سامھون ئي دڪان ھو. ماڌو سٽ پائي ٻن پاتلن ۾ سڀئي شيون وٺي آيو. پورو ڏيڍ روپيو خرچ ٿي وين. صرف ٿورا پئسا بچيا ھين.
ٻئي ان وقت اھڙي شان سان ويھي پوريون کائي رھيا ھئا جيئن جهنگ ۾ شينھن پنھنجو ڪيل شڪار پيو ڪُرٽي. نه جواب ڏيڻ جي ڳڻتي ھئن، نه بدناميءَ جو ڀؤ. ڪمزوريءَ جي اھڙن مرحلن کي، ھيءُ گهڻو اڳي اورانگهي چڪا ھئا. گهيسو فلسفيانه انداز ۾ چوڻ لڳو؛ ”اسان جي آتما پئي ڍائجي ته ڇا ھن کي ثواب نه ملندو ھوندو؟“
ماڌوءَ عقيدت وچان ڪنڌ ھيٺ ڪري تصديق ڪيس؛ ”ضرور به ضرور ملندو. ڀڳوان تون اندر جا راز ڄاڻندڙ آھين. کيس جنت ۾ جايون ڏجانءِ. اسان ٻئي دل سان دعائون ٿا ڏيونس. اڄ جيڪو کاڄ مليو آھي سو ڪڏھن به سڄي عمر ۾ نه مليو آھي.“
جھٽ کان پوءِ ماڌوءَ جي دل ۾ ھڪڙي ڳڻتي پيدا ٿي پئي؛ ”ڇو دادا! اسان ماڻھو به ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن اتي وينداسين نه!“
گهيسوءَ انھيءَ ٻاراڻي سوال جو جواب نه ڏنو. ماڌوءَ ڏانھن ملامت واري انداز سان ڏٺائين.
”جي اتي اسان ماڻھن کان ھوءَ پڇي ته مون کي ڪفن ڇو نه ڏنو ھُيَوَ ته ڇا چوندينس؟“
”چونداسينس تنھنجو مٿو.“
“پڇندي ته ضرور.“
”تون ڪيئن ٿو سمجهين ته کيس ڪفن نه ملندو. تون مون کي اھڙو گڏھ ٿو سمجھين ڇا؟ مان سٺ سال ڇا دنيا ۾ گاھ کوٽيندو رھيو آھيان ڇا؟ کيس ڪفن ملندو ۽ ان کان گهڻو ڀلو ملندو، جيڪو اسان کيس ڏيون ھا.“
ماڌوءَ کي يقين نه آيو. پڇيائينس؛ ”ڪير ڏيندو؟ پئسا ته تو تُڦُ ڪري ڇڏيا.“
گهيسو تيز ٿي ويو؛ ”مان ٿو چوان ان کي ڪفن ملندو. تون مڃين نه ٿو.“
”ڪير ڏيندو؟ ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“
”اھي ئي ماڻھو ڏيندا جن ھاڻي ڏنو. ھا! اھي پئسا اسان کي ھٿ نه ايندا ۽ جي ڪنھن نموني سان ھٿ اچي وڃن ته اسان وري ساڳئي نموني ويٺا ھتي پيئنداسين ۽ ڪفن ٽيون گهمرو ملندس.“
جيئن جيئن اوندھ ورڻ لڳي، تيئن تيئن تارن جي چمڪڻ ۾ پڻ تيزي اچڻ لڳي. مئيخاني جي رونق به وڌي پئي. ڪنھن ڳاتو پئي، ڪو ٿڙندو ٿاٻڙندو پنھنجي ساٿيءَ جي ڳچيءَ ۾ پيو ڀاڪر وجهي. ڪنھن پنھنجي ساٿيءَ جي وات سان ساگر پئي ڇھيو. اتان جي فضا ۾ سرور ھو. ھوا ۾ نشو ھو، ڪيترا ته ڍُڪ ۾ چِٻَ ٿي ويندا آھن. ھتي ايندا آھن فقط پاڻ کي وسارڻ جو مزو وٺڻ. شراب کان وڌيڪ ھتان جي ھوا سان مسرور ٿيڻ. جيئري ھجڻ واري بلا، ھتي ڇڪي ايندي اٿن ۽ ٿوري دير لاءِ اھو وساري ويھندا آھن ته ھو جيئرا آھن يا مئل آھن يا جيئري قبر ۾ آھن.
۽ ھيءُ پيءُ پٽ، اڃا به مزا وٺي وٺي چسڪيون ڀري رھيا هئا. مڙني جون نگاھون، ھنن ۾ کُتل ھيون؛ ”ڪيڏا نه خوشنصيب آھن ٻئي. پوري بوتل وچ ۾ اٿن.“
کاڄ کان واندا ٿيا. ماڌوءَ بچيل پورين جي پاتل کڻي، ھڪڙي پينوءَ کي ڏئي ڇڏي، جيڪو بيٺو نماڻن نيڻن سان، ڏانھن نھاري رھيو ھو ۽ ’پيئڻ‘ جي غرور ۽ ولولي جو پنھنجي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو احساس ٿيس.
ماڌوءَ پوءِ آسمان ڏانھن نھاري، چيو؛ ”بھشت ۾ ويندي دادا! بھشت جي راڻي ٿيندي.“
گهيسو اٿي بيٺو ۽ ڄڻ خوشيءَ جي لھرن مٿان ترندي چوڻ لڳو؛ ”ھا پٽ! بھشت ۾ ويندي. ڪنھن کي ستايو ڪو نه ھئائين. ڪنھن کي دڙڪو نه ڏنو ھئائين. مرندي گهڙيءَ اسان جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي آرزو پوري ڪري وئي. اھا بھشت ۾ نه ويندي ته ڇا ھي ٿلها ٿنڀرا ماڻھو ويندا، جيڪي غريبن کي ٻنھي ھٿن سان ٿا پيا لٽين ۽ ڦرين. وري پنھنجي پاپن کي ڌوئڻ لاءِ گنگا ۾ ٿا وڃي وھنجن ۽ مندرن ۾ پڙ چاڙھين.“
اھو دل ۾ کِڳين ھڻڻ وارو ڏھاڙو گذريو. ان رنگيلي نشي جي خاصيت آھي؛ نااميديءَ ۽ ڏک جو دورو چڙھين. ماڌو چيو؛ ”دادا! مگر ويچاريءَ حياتيءَ ۾ وڏا ڏک ڏٺا. مئي به ته ڪيڏو نه لوڙي مئي.“ ٻئي ھٿ اکين تي رکي روئڻ لڳو.
گهيسوءَ سمجهايس؛ ”ڇو ٿو روئين پٽ! خوش ٿيءُ ته ھن مايا ڄار مان، جان آجي ٿيس. جنجال کان ڇٽي پئي. وڏي ڀاڳ واري ھئي جو ايڏو جلدي مايا جي موھ جا ٻنڌڻ ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيائين.“
پوءِ ٻئي اتي بيھي ڳائڻ لڳا؛
ٹھگن کیوں نیناں جھمکادے ٹھگن
(ٺڳين ڇو ٿا نيڻ، ڇِنڀي ٿا ٺڳين.)
سڄو مئيخانو، تماشو ڏسڻ ۾ پورو ھو ۽ ھيءُ ٻئي مئخوار، بيخوديءَ جي جھان ۾ ڳائيندا پئي ويا. وري ٻئي نچڻ لڳا. ٽپا ڏنائون، ڪُڏيا ڪيا، ڪريا به، لڏيا لميا به، اگھ پاگھ به ٻڌايائون ۽ آخر ۾ نشي ۾ ڌُتِ ٿي اتي ئي ڍير ٿي پيا.
***