ايڊيٽوريلنئون

ٿر ۾ ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي پن بجليءَ کان به سستي

            سينو سنڌ ريسورسز پرائيويٽ لميٽيڊ (SSRL) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر لي جيگن چيو آهي ته ٿر جي علائقي جي بلاڪ- 1 مان بجليءَ جي پيداواري لاڳت 5.52 رپيا في يونٽ آهي، جيڪا پاڻيءَ تي پيدا ٿيندڙ بجلي کان تمام گهڻي سستي آهي. اسان کي خبر آهي ته ٿر ۾ ڪوئلي جو تمام وڏو ذخيرو موجود آهي، سنڌ کي قدرت جتي ٻين ڪيترين ئي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي اتي قدرت ٿر جي ريگستان اندر ڪوئلو ڪاري سون جي صورت ۾ سنڌ کي عطا ڪيو آهي. ذريعن مطابق  ٿر ۾ لڳ ڀڳ 9000 يا 9100 اسڪوائر ڪلو ميٽر جي ايريا تي ڪوئلي جون کاڻيون موجود آهن، جيڪي سنڌ جي ڏکڻ واري علائقي ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود آهن. هن وسيع ايريا ۾ ڪاري ڪوئلي سان گڏ ڀورو ڪوئلو به موجود آهي، جنهن کي لگنائيٽ ڪول چيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي معيار ۾ گهٽ درجي جو سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو گهڻو ڪري وڻن ۽ ٻوٽن جي دٻجي وڃڻ سان زمين جي اندر هڪ عمل تحت ٺهي ٿو. معلومات مطابق ٻڌايو وڃي ٿو ته ان ۾ ڪاربان جو مقدار 25 کان 35 سيڪڙو هوندو آهي ۽ ان جي اندر پاڻيءَ جو ڪجهه تعداد به موجود هوندو آهي. ٿر مان جيڪو ڪوئلو مليو آهي اهو مختلف قسمن جو ڪوئلو آهي، جنهن جي درجابندي مختلف طريقن سان ٿيل آهي، جنهن ۾ لگنائيٽ کان علاوه سببٽيومنس ۽ اينٿراسائيٽ ڪوئلو به مليو آهي.

            هن وقت ٿرپارڪر ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي گڏيل پروگرامن سان مختلف ڪمپنيون بجلي پيدا ڪري رهيون آهن، جنهن ۾ اينگرو پاور جنريشن ٿر (پرائيويٽ لميٽيڊ) سڀ کان وڏي ڪمپني جي طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هيءَ ڪمپني ٿرپارڪر ضلعي مان لگنائيٽ ڪوئلي جي ذريعي بجلي پيدا ڪندي آهي، جنهن ۾ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن، حبيب بينڪ لميٽيڊ ۽ لبرٽي ملز لميٽيڊ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه ٿر ۾ حبڪو، فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽيڊ ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن به بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ان سڄي پروجيڪٽ ۾ اينگرو ڪمپني ئي واحد ڪمپني آهي جيڪا ڪوئلي جي مائننگ ڪندي آهي. 14 مارچ 2025 تي ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ (ٽي سي اِي بي) طرفان ٿر ڪول فيلڊ جي بلاڪ-1 ۾ واقع پنهنجي 78 لک ٽن ساليانه لگنائيٽ کاڻ جي ڪمرشل آپريشنز جي تاريخ (COD) اسٽيج ٽيرف جي تعين لاءِ ‘ايس آر ايل جي’ درخواست جي حوالي سان ڪوٺايل عوامي ٻڌڻيءَ سان خطاب ڪندي اظهار ڪيو.

            ٻڌڻيءَ ۾ مختلف اسٽيڪ هولڊرن سان گڏ هن شعبي جا ماهر ۽ عوام جا نمائندا شريڪ ٿيا. ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ (ٽي سي اِي بي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طارق علي شاهه ۽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ فنانس جي ميمبر/عمار حبيب خان ۽ مائننگ جي رڪن ٿر ڪول ٽيرف ڊٽرمنيشن ڪميٽي ڊاڪٽر فهد عرفان صديقي ٻڌڻي ڪئي. پريزنٽيشن جي دوران لي جيگن سڀني کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هي منصوبو سنڌ جي اولهه اتر حصي جي ٿر واري علائقي ۾ موجود آهي ۽ ان منصوبي ۾ 660 ميگا واٽ جا ٻه هاءِ پيراميٽر سپر پريڪٽيڪل ڪوئلي سان هلڻ وارا پاور جنريشن يونٽ شامل آهن، جن کي لگنائيٽ اوپن پِٽ ڪوئلي جي کاڻ مان ساليانو 78 لک ٽن پيداوار جي سپورٽ ملي ٿي. هن ٻڌايو ته پروجيڪٽ کي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي ميرٽ آرڊر لسٽ ۾ هڪ سازگار پوزيشن تي رکيو ويو آهي، جيڪا 5.52 رپيا يا 0.02 سينٽ في ڪلو واٽ هڪ ڪلاڪ ۾ بجليءَ جو يونٽ تيار ڪري توانائي جي ٻين ذريعن جي مقابلي ۾ انهن سان مقابلي واري قيمت ۽ لاڳت ۾ بجلي تيار ڪري رهي آهي.

            ٿر بلاڪ-1 انٽيگريٽيڊ انرجي پروجيڪٽ، بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو (بي آر آءِ) جي توانائيءَ واري شعبي  ۾ هڪ اهم قدم آهي ۽ هي چين- پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) فريم ورڪ تحت ڪم ڪري رهيو آهي. هي منصوبو شنگهائي، چين ۾ واقع سرڪاري ۽ عوامي طور تي درج ڪمپني شنگهائي اليڪٽرڪ جي طرف کان تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان جي مالي مدد به شنگهائي اليڪٽرڪ ڪندي آهي.  اميد آهي ٿر ڪول انرجي پروگرام سان پاڪستان جي توانائي واري بحران کي قابو ڪري سگهبو ۽ مستقبل ۾ گهريلو کان وٺي صنعتي بجليءَ جي استعمال ۾ ماڻهن کي سستي بجلي مهيا ٿيندي، جيڪا اڃان تائين ممڪن نه ٿي سگهي آهي.