بلاگنئون

گوگل والٽ جو پاڪستان ۾ آغاز، توهان جي بينڪ ڪارڊ جو ڊجيٽل متبادل

گوگل والٽ آخرڪار پاڪستان ۾ پنهنجون خدمتون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهو 12 مارچ 2025 تي لانچ ٿيو. هيءَ هڪ اهڙي ايپ آهي، جيڪا نه صرف توهان جي بينڪ ڪارڊن کي ڊجيٽل شڪل ۾ محفوظ ڪري ٿي، پر روزاني جي ادائگين کي به آسان ۽ تيز بڻائي ٿي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي ڊجيٽل ادائگين جو رجحان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، گوگل والٽ جو اچڻ هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. اچو ته ان جي تفصيلن، فائدن ۽ پاڪستاني صارفين لاءِ ان جي اهميت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.

گوگل والٽ ڇا آهي ۽ هي ڪيئن ٿو ڪم ڪري؟:

گوگل والٽ هڪ ڊجيٽل والٽ ايپ آهي، جيڪا توهان جي Android  اسمارٽ فون کي ادائگي جو ذريعو بڻائي ٿي. ان جي مدد سان توهان پنهنجا ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ ايپ ۾ محفوظ ڪري سگهو ٿا ۽ پوءِ انهن کي رابطي کانسواءِ (Contactless) ادائگي لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا.

استعمال جو طريقو:

(1) گوگل پلي اسٽور تان Google Wallet ڊائونلوڊ ڪريو.

(2) جيڪڏهن توهان جو بينڪ ڪارڊ اڳ ۾ ئي گوگل اڪائونٽ سان ڳنڍيل آهي ته اهو پاڻمرادو ايپ ۾ ظاهر ٿيندو.

(3) جيڪڏهن ڪارڊ نه آهي ته “Add a Card” تي ڪلڪ ڪريو، ڪارڊ جي تفصيل داخل ڪريو ۽ بينڪ جي تصديق جو انتظار ڪريو.

(4) هڪ دفعو تصديق ٿي وئي ته توهان جو ڪارڊ استعمال لاءِ تيار آهي!

گوگل والٽ جي سڀ کان وڏي خاصيت ان جي سيڪيورٽي آهي. هيTokenization ٽيڪنالاجي استعمال ڪري ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته توهان جي اصل ڪارڊ نمبر دڪاندار يا آن لائين مرچنٽ سان ڪڏهن به شيئر نه ٿيندو. هر ٽرانزڪشن لاءِ هڪ نئون ڊجيٽل ٽوڪن ٺهي ٿو، جيڪو ڪارڊ جي معلومات کي محفوظ بڻائي ٿو.

بينڪ ڪارڊ جو متبادل ڇو ۽ ڪيئن؟:

گوگل والٽ جي ضرورت ڇو پيش آئي، جڏهن اسان وٽ اڳ ۾ ئي بينڪ ڪارڊ موجود آهن؟ جواب آهي سهولت، رفتار ۽ جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگي. جيڪڏهن توهان گهران نڪرندي پنهنجو ڪارڊ وساري ڇڏيو ته به توهان فون ذريعي ادائگي ڪري سگهو ٿا. رابطي کانسواءِ (Contactless) ادائگي تيز آهي ۽ نقد يا ڪارڊ سوائپ ڪرڻ کان وڌيڪ آسان آهي.آن لائين خريداري لاءِ به وڏو فائدو آهي، ڇو ته توهان کي هر دفعي ڪارڊ نمبر داخل ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. مثال طور: جيڪڏهن توهان  Draz، گل احمد يا ٻئي ڪنهن پراڊڪٽ جي آن لائين خريداري ڪريو ٿا ته توهان کي هر دفعي ڪارڊ نمبر ۽ سي وي وي ڪوڊ داخل ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، بسGoogle Wallet  چونڊيو ۽ ادائگي چند سيڪنڊن ۾ مڪمل ٿي ويندي.

پاڪستان ۾ گوگل والٽ جو استقبال ۽ سپورٽ: ڪهڙا ڪهڙا بينڪ گوگل والٽ سان ڪم ڪن ٿا؟

في الحال، بينڪ الفلاح جا ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ گوگل والٽ سان مطابقت رکن ٿا. توقع آهي ته  HBL، NBP، ۽ UBL  پڻ جلد شريڪ ٿيندا. صارفين کي صلاح ڏني وڃي ٿي ته هو پنهنجي بينڪ کان تصديق ڪرائين ته سندن ڪارڊ گوگل والٽ سان ڪم ڪندو يا نه.

اين ايف سي (NFC)  جي ضرورت:

گوگل والٽ استعمال ڪرڻ لاءِ توهان جي فون ۾ Near Field Communication (NFC) فيچر هجڻ ضروري آهي. ڪيترن ئي پراڻن يا گهٽ قيمت وارن Android  فونن ۾ هي فيچر نه هوندو، تنهنڪري صرف اهي ماڻهو ان مان فائدو وٺي سگهندا، جن وٽ جديد فون هوندو.

شروعاتي حدون ۽ مستقبل جا امڪان:

في الحال، گوگل والٽ صرف رابطي کانسواءِ ادائگين ۽ آن لائين ٽرانزڪشن لاءِ ڪم ڪري ٿو.

مستقبل ۾: *  وفاداري ڪارڊ (Loyalty Cards) شامل ڪرڻ. * ٽرانسپورٽ پاسز ۽ شناختي ڪارڊ اسٽور ڪرڻ. * سرڪاري خدمتن ۾ ان جو استعمال شامل هوندو.

چئلينج: ڪيترائي پاڪستاني اڃان تائين نقد کي ترجيح ڏين ٿا. ڊجيٽل ادائگين تي مڪمل اعتماد پيدا ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. سيڪيورٽي بابت خدشا، پر گوگل والٽFind My Device  جهڙا محفوظ لاڪ سسٽم مهيا ڪري ٿو.

گوگل والٽ جا فائدا ۽ پاڪستان جي معيشت تي اثر:

ادائگيون تيز ۽ آسان ٿي وينديون.POS  ، 99 سيڪڙو مشينون اڳ ۾ ئيContactless ادائگي کي سپورٽ ڪن ٿيون، تنهنڪري سروس سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪري سگهي ٿي. مالياتي نظام وڌيڪ شفاف ٿيندو، جنهن سان ٽيڪس چوري گهٽ ٿيندي ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو. جيئن ماڻهو وڌيڪ آن لائين خريداري ڪندا تيئن اِي ڪامرس کي وڌيڪ هٿي ملندي.

مستقبل جون اميدون ۽ مقابلو:

گوگل والٽ جا مقامي حريف: ايزي پئسا، جيز ڪيِش ۽ نَيا پي مستقبل ۾، گوگل والٽ ذريعي بس ۽ ٽرين جا ٽڪيٽ خريد ڪري سگهبا ننڍن ڪاروباري مالڪن لاءِ نيون سهولتون متعارف ٿي سگهن ٿيون. گهڻن مقامي اسٽورن تي سڌيءَ ريت ادائگيون ممڪن ٿي سگهن ٿيون. گوگل والٽ جو پاڪستان ۾ اچڻ هڪ نئين ڊجيٽل دور جي شروعات آهي. جيڪڏهن توهان جو فون اين ايف سي سپورٽ ڪري ٿو ۽ توهان جو بينڪ گوگل والٽ سان مطابقت رکي ٿو ته پوءِ هيءَ سروس ضرور آزمايو! گوگل والٽ ڊائونلوڊ ڪريو، پنهنجو ڪارڊ شامل ڪريو ۽ ڊجيٽل ادائگين جي هن نئين سفر جو حصو بڻجو! پاڪستان هاڻ ڊجيٽل دنيا ۾ پوئتي ناهي، ۽ گوگل والٽ ان سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي!