13 مارچ 2025 تي سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جو خاص اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي اسپيڪر اسيمبلي پينل آف چيئرمين جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ قاسم سومرو، عبدالوسيم، ندا کهڙو سميت چئن ميمبرن جو اعلان ڪيو ويو. پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار اسپيڪر کان ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي منظور ڪيو ويو. اجلاس دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ڄام خان شورو چيو ته هي هڪ اهم ۽ تفصيلي ٺهراءُ آهي، جيڪو ليڊر آف دي هائوس پيش ڪيو آهي. سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي مسئلي تي انتهائي حساس آهن ۽ پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي ماڻهن ڪالا باغ ڊيم کي هميشه لاءِ رد ڪيو، محترمه بينظير ڀٽو ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو هو، جڏهن ته قائم علي شاهه ۽ نثار کهڙي ٿل ڪئنال خلاف ٻه ٺهراءُ پيش ڪيا هئا. جڏهن ته پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي مسئلي تي سنڌ جو موقف واضح رکيو آهي. آصف علي زرداري 18 هين ترميم منظور ڪرائي صوبن کي خود مختياري ڏني، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي مخالفت باوجود ارسا جلال پور ڪئنال جي منظوري ڏني. نثار کهڙي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته اسان کان غلطي ٿي وئي جو اسان هن اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ٺهڻ جي حمايت ڪئي؟ سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، نون ڪئنالن ڪڍڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو.