مُقَدمُو عربي زبان جي لفظ مقدمه يعني قدم مان ماخوذ ڪيو ويو آهي، جنهن جو جمع مُقَدما آهي ۽ نحوي لحاظ کان مذڪر: مقدمي جي لغوي معنيٰ: ڪنهن ڪتاب يا مضمون جي شروعات- آغاز، ابتدا، تمهيد، ديباچو، سرنامو، عبارت، ڪتاب شروع ڪرڻ کان اڳ لکيل ڪجهه عبارت، دانهن، ڪوڪ، فرياد، ڪيس، دعوا، معاملو.” (1)
ڪتاب تصنيف ڪرڻ هڪ طرف وڏي علميت ۽ ڄاڻ توڙي انداز ۽ اسلوب جو ڪمال ته چئي سگهجي ٿو، پر ٻئي طرف مصنف جي اصل ادراڪ، احساس، قابليت، سنجيدگي ۽ اعليٰ پايي جي ڳالهه آهي مقدمو تحرير ڪرڻ.
عالم ۽ اڪابر تصنيف ۽ مصنف جي علميت ۽ معيار جي مقام جو تعين مقدمي مان ئي مقرر ڪري سگهندا آهن. سنڌ ۾ مُقدمه نگاري جي ابتدا ته ايامن کان ڏسڻ ۾ اچي ٿي، مگر جديد علوم ۽ فن جي انگريزن جي دور ۾ تعليم، تدريس ۽ اشاعت جي سلسلن جي شروعات سان ٿي. مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، پروفيسر لطف الله بدوي، پير حسام الدين راشدي، مولانا دين محمد وفائي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، مولائي شيدائي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي بيشڪ اهميت ۽ افاديت جي لحاظ کان سرفهرست آهن.
ويهين صدي جي پوئين اڌ ۾ اعليٰ تعليمي ۽ اشاعتي ادارن جي قيام سبب ٻولي، ادب، تاريخ ۽ تحقيق ۾ ڪن خاص رٿائن سبب آڳاٽا ۽ نوان ڪتاب ترجمي، ترتيب تصحيح ۽ تدوين جي مرحلن مان گذري، تحقيق معيار مقرر ڪرڻ لاءِ اعليٰ پايي جي مقدمه نگاري ٿي، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ پير حسام الدين راشدي اولين حيثيت جا حامل آهن. ڊاڪٽر حامد علي خانائي انگريزن جي دور کان پوءِ ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ پڪو پختو عالم، اديب ۽ محقق هو. کيس نثر ۽ نظم جي هرهڪ صنف جي فن ۽ پسمنظر کان باخبر هو. تاريخ جي تحقيق ۾ به هرهڪ دور جي واقعن، ماخذن ۽ مخطوطن جو ادراڪ رکندڙ هو. ان ڪري وڏي جوابداريءَ سان، بنا ڪنهن نام ۽ نمود جي انڪساري کي اوليت ڏيندي، قلم کنيو ۽ بي نيازيءَ ۽ بي غرضيءَ سان موضوعات کي تڪميل تي رسائي، اشاعت هيٺ آندو. سندس تصنيفن ۾ ڪٿي به ڪنهن بيان يا قطرطاس تي بيجاءِ مبالغه آميز تحرير ڪونه محسوس ٿي آهي، جو چئي سگهجي ته هو خود ثنائي کان بچي سگهيو آهي. هو خود ثنائي کان بي نياز عالم ۽ محقق هو هروڀرو وڏا مقدما لکي، پاڻ کي بيجا تسڪين ڏيڻ وارو ڪونه هو. ڊاڪٽر خانائي همعصر دور جي مقدمه نگارن ۾ بيشڪ ان فن جو ڄاڻو هو ۽ مقدمه نگاري جا تجربا ڏسي کلي دليءَ سان کيس علم ۽ ادب جو ڄاڻو مقدمه نگار چئي سگهجي ٿو. مقدمي ۾ صرف الفاظي ڳالھ نه هوندي آهي، پر لغت نويسيءَ جو ڀرپور ذخيرو هوندو آهي. ان دور جي سياسي، معاشي، مذهبي ۽ ثقافتي ڳالهين جو احوال اوريل هوندو آهي. مطلب ته جنهن ڪتاب يا مقالي جو مضمون لکڻ وقت بي پايان بحر ۾ غواصي ڪرڻي آهي. صرف ونحو ٻولي جو ڀرپور اڀياس ڪرڻو پوندو آهي، ان جي لکڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪتابن کي اٿلائڻو پوندو آهي. هي کڙھ تي کير پيارڻ وارو ڪم نه آهي. هتي مغز جي مِکُ، دل جگر جو رت، اکين جو نورنچوئي جاکوڙ ڪرڻي آهي، ۽ بهتر آهي ته ان جي تعليقات به لکي وڃي. ڪنهن ڪتاب يا مقالي جي مقدمي لکڻ وقت مشاهدي ۽ مطالعي موجب، ان جا نتيجا اخذ ڪرڻا آهن. مقدمو ڪنهن ڪتاب يا نسخي بابت ٺوس ۽ بامقصد دلائل تي مبني هئڻ گهرجي. ان ۾ اجائي بي مقصد گفتگو نه هوندي آهي، جيڪي الڙائپ جو دليل آهن. اسان جڏهن ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جي ڪن مقدمن کي اڀياس هيٺ رکي ڏٺو ته، ڊاڪٽر خانائي جو اسلوب سادو ۽ پائيدار ۽ معنيٰ خيز سان گڏ عام واقفيت جو ڀنڊار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس مقدمن ۾ جيڪا شيءِ نظر اچي ته، هن پنهنجي دل جي سچائي، خاص جذبي ۽ وڏي محنت سان ڪنهن به ڪتاب کي اڳ ۾ چڱي طرح سان اڀياس هيٺ آڻي پوءِ ئي هرهڪ ڪتاب جي مقدمي کي تڪميل تائين رسايو آهي. مقدمي لکڻ لاءِ رڳو هن ڪتابن جي حوالن تي ڪو نه ڀاڙيو آهي، پر هر ننڍي وڏي ڳالھ جي تھ تائين پهچي هڪ محقق ۽ نقاد واري حيثيت سان مقدمي کي واضح تصورن جي روشنيءَ ۾ عالمانه انداز سان پيش ڪري ٿو، اهي سموريون ڳالهيون ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جي هت هيٺ پيش ڪيل ڪتابن جي مقدمن مان پسي سگهجن ٿيون:
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جي ڪتاب “نواب شاهه ضلعو: تاريخي شهر ۽ شخصيتون” جو مقدمو عبدالغفار سومري لکيو هو، جو ان وقت نواب شاهه ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو. اهو ڪتاب 1987ع ۾ نواب شاهه ڊسٽرڪٽ ڪلچرل سوسائٽي سنڌ ڇپايو.
تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي: نالي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر خانائي ٻه صفحا جامع مهاڳ لکيو، جنهن ۾ ڪتاب کي تواريخ جي وڃايل ڪڙين مان هڪ اهم ڪڙي سڏيو آهي. هن ڪتاب سان سنڌ جي سترهين صديءَ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي چٽائي ٿي.
تذڪره پوراني سادات سکر: هن تذڪري جو به ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي چئن صفحن جو مهاڳ لکيو آهي. جنهن ۾ سورهين صديءَ جي سنڌ جي حالتن ۽ پوراني ساداتن جي متعلق هن تاليف جي اهميت بيان ڪئي اٿس. سندس مهاڳ مان معلوم ٿئي ٿو ته پوراني ساداتن متعلق مولائي شيدائي به تاريخ لکي هئي، جا ڪو وٽائنس چورائي ويو هو. افسوس! مولائي جي عرق ريزيءَ جو قياس به ڪونه ڪيو ويو!
ڊاڪٽر حامد علي خانائي ‘الزليخا’ جو مقدمو لکي، اهو ثابت ڪيو آهي، ته کيس مقدمه نگاريءَ ۾ هو همعصر دور جي عالمن ۾ قابليت ۽ علميت ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندڙ هو. ان مقدمي ۾ فارسي زبان ۾ لکيل يوسف زليخا متعلق تحريرن ۽ سنڌي زبان ۾ لکيل قصن ۽ داستانن کان سواءِ قرآن مجيد ۽ تفسيرن جو گهرو مطالعو ڪري، مصر جي سلطنت، طرز حڪومت، فرعونيت، ثقافت، ريتن رسمن، قومن، قبلين، يعقوب عليه السلام جي آباءُ اجداد، پٽن ۽ پوٽن زليخا جي حسب نسب، عزيز مصر فوتيفار ۽ حضرت يوسف عليه جي ڄم کان موت تائين جو جامع ۽ مستند بيان ڪرڻ لاءِ سوين ڪتابن جي نه رڳو اٿل پٿل بلڪه اڀياس کان پوءِ استفاده ڪري باڪمال مقدمو لکيو آهي. ان مقدمي ۾ پير حسام الدين راشدي جي ناوليٽ “يوسف زليخا” جو جيڪو تنقيدي جائزو ورتو آهي، تنهن ۾ جنهن باريڪ بينيءَ سان فني ۽ فڪري نڪتن کي نروار ڪيو آهي، تنهن مان سنڌي ٻوليءَ جا اديب، اسڪالر ۽ تحقيق جا شائق سکيا حاصل ڪري سگهندا.
ايڇ ايم خوجا- هڪ مثالي استاد: ڊاڪٽر خانائي هي ڪتاب ترتيب ڏنو ۽ خوجا صاحب تي مفصل مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ تفصيلي طور تي سندس شخصيت، ڪردار ۽ تعليمي خدمتن تي لکيو آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته کيس ڪنهن خاص مقدمي يا مهاڳ لکڻ جي گهرج ڪونه محسوس ٿي ۽ پيش لفظ لکڻ تي ئي اڪتفا ڪيائين.
مقالات خانائي: ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي سنڌ جي اعليٰ پايي جي ويهن مختلف شخصيتن تي لکيل مقالا آهن، جن مان هر هڪ مقالي جي هر پهلوءَ کي روشن ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي اهڙيون معياري مطالعي ۽ اڀياس واريون ڪوششون اختيار ڪيون آهن، جو ڪٿي به ڪنهن مقالي ۾ ڪا تشنگي محسوس ڪونه ٿي ٿئي، جا مقدمي ۾ تقابلي جي طور تي، يا مباحثي ۽ شاهدين جي لحاظ کان لکي حقيقتن ظاهر ڪرڻ طرف پڙهندڙن کي وڌيڪ متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي. ان لاءِ ڊاڪٽر خانائي هن ڪتاب تي به ڏيڍ صفحي جو مهاڳ لکي هتي پيش ڪيل تعليمي ماهر هستين جو حق ادا ڪيو آهي.
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جون علمي ادبي خدمتون: ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي هي نادر تصنيف بيشڪ نئين عنوان، نئين تحقيق ۽ نئين زاويي جي لحاظ کان غير معمولي اهميت ۽ افاديت جي حيثيت رکندڙ آهي. ان ۾ موضوع جي مطابقت موجب سن 1931ع تائين سوسائٽي جي بهترين پروگرامن، عملي قدمن، اشاعتي خصوصيتن ۽ قيمتي مواد جي حفاظت جي لحاظ کان سرانجام ڏنل خدمتن جي تاريخ لکي هڪ عالم ۽ محقق مٿان عائد آيل ٿيل ذميوارين کي محسوس ڪندي، بخوبي نباهڻ جا ڪشالا ڪيا آهن. سوسائٽي جو زمانو ڪو ايڏو بعيد ۽ حقيقتون ڪي ناياب ڪونه ٿيون هيون، جو ڊاڪٽر خانائي انهن جي تعين ۽ واضح ڪرڻ لاءِ مفصل مقدمو لکي، تاهم پاڻ چار صفحا مهاڳ به اهڙو لکيو اٿس، جو چئي سگهجي ٿو ته مختصر مقدمي جي برابر آهي.
تاريخ نصرپور: ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي هي تحقيقي تصنيف نصرپور جي تاريخ نه هئڻ واري ڪميءَ کي پورو ڪري، تاريخ ۽ تحقيق جي علمي، عقلي ۽ دانشمندي توڙي دانائي جا ثبوت قائم ڪيا آهن. هن ڪتاب جي تحرير ڪرڻ وقت ڊاڪٽر خانائي بيش بها تصنيفن ۽ تاليفن توڙي مخطوطات مان اسفاده ڪيو آهي ۽ تحقيقي مباحثن کان پوءِ نتيجن تائين پهچي بابن کي ۽ عنوانن کي مستند بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان ڪري ڇهن صفحن جو مهاڳ لکي مختصر وضاحتون پيش ڪيون، ورنه ٽيهه ورهيه هڪ تصنيف جي تياريءَ ۾ سرزد ٿيا هجن ۽ تحقيق ۽ تقابلي، ڇند ڇاڻ ۽ پختي مواد ملڻ تائين، محقق جن ڪيفيتن مان لنگهيو هوندو، تن جو مقدمي ۾ احاطو ڪرڻ لاءِ قلم پيو ڪوڏ هوندو! البت ڊاڪٽر خانائي جو اهو تدبر به ٺهراءُ ئي هو جو پاڻ پنهنجي مزاج مطابق خود کي عالم ۽ محقق نه پر شاگرد ۽ سکندڙ سمجهي رڳو حقيقت تي اڪتفا ڪرڻ کي اهميت ۽ ترجيح ڏني.
وِکريل وٿُون: سيد عبدالحسين شاهه موسوي جي مضمونن تي تحقيق ڪري، ترتيب هيٺ آڻي، ڪتاب تي هڪ ئي وقت مهاڳ ۽ مقدمو لکي پنهنجي قابليت ۽ گهڻ رخي علميت محسوس ڪرائي آهي. ڊاڪٽر خانائي هن ادبي شهپاري جي مقدمي کي سهڻي سليقي سان رٿي، جيڪي عنوان قائم ڪيا آهن، سي هن ريت آهن: 1.سيد عبدالحسين شاهه موسوي جي سوانح حيات، 2.سيد عبدالحسين شاهه موسويءَ جي لکيل ڪتابن جو جائزو 3. سيد عبدالحسين شاهه موسويءَ جي مضمون نگار 4. موضوع ۽ مختصر نويسي 5. خيالن جي بلندي، 6. فطرت جو اڀياس، 7. روح ۽ جذبي جو هئڻ، 8. اخلاقي، اصلاحي ۽ ظريفانه انداز 9. عبارت ۽ اسلوب. ڊاڪٽر خانائي هي ڪتاب ترتيب ڏيئي، ان تي عالمانه مقدمو لکي، مضمون نويسيءَ جي صنف جي فن، فڪر اهميت ۽ افاديت کي خوبصورت نموني واضح ڪري، اعليٰ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ مقابلي جي امتحانن لاءِ تيار ڪندڙ اميدوارن جي وڏي علمي ۽ ادبي گهرج پوري ڪرڻ کان سواءِ مصنف جي خدمتن جي اعتراف سان گڏ ان جي تحريرن کي ايندڙ سون سالن تائين نئين حياتي بخشي ڇڏي. حقيقت ۾ محقق ۽ عالم جو ڪم به اهو ئي آهي ته هو پنهنجي زبان ۽ ادب ۾ موجود غير معمولي ۽ تاحيات تصنيفن ۽ تاليفن کي نسلن سان روشناس ڪرائي انهن مان فائدا حاصل ڪرڻ ڏانهن متوجهه ڪري.
قرآني گلدستو: جي مقدمي ۾، ڊاڪٽر خانائي لکي ٿو ته،“هي عاصي ۽ گنهگار پڙهندڙ مسلمانن ڀائرن کي التجا ٿو ڪري ته جڏهن اوهان هن “قراني گلدستي” جو مطالعو ڪيو ۽ ان مان لطف حاصل ڪريو ته هن عاجز جي حق ۾ دعا گهرندا ته الله پاڪ رحمت ۽ پنهنجي پياري حبيب ﷺ جن جي صدقي هن گنهگار عاصي جا سڀ صغيره ۽ ڪبيره گناھ معاف فرمائي. پاڻ سڳورن جي سنت جي پيروي ڪِماحق نصيب ڪري ۽ هن دنيا مان دين اسلام تي ايمان سان خاتمو بالخير ٿئي آمين.“ (2) هيءَ هڪ عاجزانه ڳالھ چئبي جيڪا هڪ مدبرعالم کي سونهين ٿي. اهڙيءَ طرح هن فن ۾ ڊاڪٽرخانائي جو ڪم نرالو ۽ منفرد آهي، سندس مقدما ڪتاب جي هرهڪ موضوع سان ٺهڪي بيهن ٿا ۽ غور سان ڏسنداسين ته، مقدمي جي مواد ۾ سمورا لوازمات برابر پورا ۽ قيمتي معلومات تي آڌاريل آهن.
فتوحات فيروز شاهي: ڪتاب جي مقدمي ۾ ضروري تفصيلات صفحه 23 کان وٺي 33 تائين نهايت ئي قابليت سان پيش ڪيا ويا آهن، سندس ولادت بابت لکيو ويو آهي: “سلطان فيروز شاھ راجپوت ڀٽي خاندان جي شهزادي “ناله عرف ڪزبانن” جي بطن مان 709ھ/ 1309ع ۾ ڄائو.” (3) وڌيڪ لکيو ويو آهي: “سلطان فيروز شاھ ستن سالن جي عمر جو مس هو ته، سندس سر تان والد جو سايو لهي ويو. ان يتيميءَ دور ۾ سندس تاجداريءَ ۽ قانون جهانداريءَ جي تعليم ۽ تربيت سلطان غياث الدين تغلق ۽ سلطان محمد بن تغلق ڪئي.” ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جي مقدمن ۾ ترتيب کان ويندي مقدمي جي خوبين کي اهڙي ته، وسعت سان پيش ڪري ٿو، جنهن مان ڪتاب جو بنيادي مقصد ۽ اهميت جو اندازو ٿي وڃي ٿو. فيروز شاهي جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر خانائي مقدمي نگار جي حيثيت سان مقدمي ۾ سلطان فيروز تُغلق جي فتوحات فيروز شاهي کان وٺي فتوحات فيروز شاهي جا قلمي نسخا، فتوحات فيروز شاهيءَ جا ڇپيل نسخا، “رايل بينگال ايشياٽڪ ڪلڪتي وارو نسخو”، “فيروز پرنٽنگ پريس لاهور وارو نسخو”، “ڊاڪٽر چغتائي وارو فارسي نسخو”، “مولوي احمد الدين مارهويءَ وارو اردو ترجمو”، “پروفيسر شيخ عبد الرشيد جو فارسي نسخو”، “پروفيسر محمد اسلم جو اردو ترجمو ۽ فيروز شاهي جو سنڌي ترجمو”، ۽ اهڙيءَ طرح، ڊاڪٽر عبد الرسول قادري واري جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن مقدمي جي اڀياس مان ڊاڪٽرخانائي جي ادبي بصيرت ۽ علمي وسعت جو ڏس ملي ٿو ته، هُو تاريخ جي علم جو ڪيترو ڄاڻندڙ هو، هن کي ڪيئي سنڌ جي تاريخ جا واقعا زباني ياد هئا.
ظهور نامه مُوئي مبارڪ: جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته: “ظهور نامه موئي مبارڪ مو مؤلف تيرهين صدي هجري جي پوئين دور جو نامور عالم ۽ فارسي زبان جو شاعرمولوي محمد علي “طالب” ولد حاجي محمد پناھ انصاري آهي. مولوي صاحب جي حياتيءَ جو مفصل احوال هن ڪتاب جي اندر ڏنو ويو آهي. مولوي صاحب پنهنجو ڪتاب “ظهور نامه موئي مبارڪ” سن 1272ھ ۾ فارسي ۾ منظوم تاليف ڪيو. هن منظوم فارسي قلمي نسخي جي سائيز 6X8 آهي ۽ هرهڪ صفحي تي 13 سٽون تحرير ٿيل آهن ۽ سمورو ڪتاب 29 صفحن تي ڦهليل آهي. ڪتاب جي هرهڪ باب کي الڳ الڳ عنوانن سان ڳاڙهي مس سان نروار ڪيو ويو آهي ۽ سمورو ڪتاب فارسي نظم ۾ مثنوي واري انداز ۾ جوڙيو ويو آهي. هن قلمي نسخي جو ڪاتب روهڙي شهر جو مشهور عالم، اديب ۽ شاعر آخوند فيض محمد ولد آخوند فتح محمد آهي. آخوند صاحب ان قلمي نسخي جي ڪتابت تاريخ 18 شوال 1302ھ/ 1888ع ۾ ڪئي آهي. يعني ته هي مذڪور قلمي نسخو اصل نسخي تان 34 ورهيه کن بعد ۾ نقل ڪيو ويو آهي. ڪتاب تمام سهڻي ۽ دلڪش خط نستعليق ۾ ڪيل آهي.” (4)
“تنهنجي واٽ وجود _ بِهر پڇ ۾ پيچرا”
جڏهن وجود جي اندر نظر ڪبي آهي ته، بنا ڪنهن سبب جي ساڃاھ يا سوجهرو به واسو ڪندو آهي، اهو احساس ايندي ئي بي آرامي، بي چيني، ٿڪاوٽ ۽ بي حسيءَ جا ڪڪر من تي مونجھ بڻجي ويندا آهن. هڪ دفعو ان مرحلي مان گذري ويا سين ته، پوءِ ٻاهريون ڏيک ويک، ڪوڙو ۽ ڪسارو پيو ڀاسبو. اسان پڙهيو آهي ته، زندگيءَ جي ڪنهن خاص درجي تي پهچڻ بعد ماڻهوءَ جي دل ڌن دولت ۽ شان، شان شوڪت ڀلجي ويندي آهي. درحقيقت ڊاڪٽر خانائي ان مقام تي پهتل شخص هو. وٽس شان ۽ ننڍ وڏائي ۽ تڪبر جي ڪا تمنا باقي نه رهي هئي. ان ڪري جڏهن کيس دلي سڪون حاصل ٿيو، دنيا جي ڪابه ڳڻ ڳوت يا ڳڻتي نه رهيس.
حوالا:
(1) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر- جامع سنڌي لغات (جلد پنجون) 1988ع. مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ، ص 273
(2) قريشي حامد علي خانائي، مرتب ۽ ۽ مترجم: “قرآني گلدستو” (حصو پهريون) 1997ع/ 1417ھ (قلمي سنڌي)
(3) فتوحات فيروز شاهي: (سلطان فيروز شاھ تُغلق جا اصلاحي ڪارناما) سنڌيڪار: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ساهتي ادبي اڪيڊمي نواب شاھ سنڌ 2002ع، (مقدمو)
(4) ظهور نامه مُوئي مبارڪ؛ (روهڙيءَ ۾ نبي ڪريمﷺ جن جي وار مبارڪ جي تاريخ)، مقدمو ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ص: 4 (قلمي سنڌي).
***