بلاگنئون

نارائڻ داس ميوا رام ڀمڀاڻيءَ جي لطيف شناسي

ميوا رام ڀمڀاڻيءَ جي گهر ۾ نارائڻ داس 1912ع ۾ جنم ورتو. هن انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. اڳتي هلي پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪيائين. 1947ع کانپوءِ هندستان لڏي ويو، ڀمڀاڻي صاحب کي سنڌي ادب سان ۽ خاص ناول جي صنف ۽ لطيف شناسيءَ جو شغف هو، هن جا لکيل ناول “مالهڻ” 1943ع، “وڌوا” 1943ع، “غريبن جو ورثو” 1946ع گهڻا مشهور ٿيا. ان کانسواءِ هن ڪي ناول ترجمو ڪيا جن ۾ ٿامس هارڊي جو ناول “پاپ ۽ پاڪيزگي” خاص آهي، مضمون نويسيءَ جو پڻ ڪوڏيو هو. “ادبي گلشن” جي عنوان سان ٽن ڀاڱن ۾ مضمونن جا مجموعا شايع ٿيس.
لطيف شناسيءَ ۾ سندس ڪتاب “شاهه جون سورميون” انهيءَ وقت پڌرو ٿيو، جڏهن هن موضوع تي الڳ سان ڪنهن به قلم نه کنيو هو.
شاهه جون سورميون: جو پهريون ڇاپو 1944ع ۾ 110 صفحن تي مڪتبهءِ اسحاقيه ڪراچيءَ وارن شايع ڪيو. ٻيون 1953ع ۾ ٽيون 1983ع ۽ ان کانپوءِ به شايع ٿيو آهي.
هيءُ ڪتاب لطيفي فن و فڪر جي اوائلي ڪتابن ۾ اهم شمار ٿئي ٿو. پاڻ پروفيسر ڀمڀاڻيءَ ۾ شاهه عبداللطيف رح جي رسالي ۾ آيل سورمين جي ڪردار جو نقشو شاهه جي بيتن سان ڀيٽيو آهي. سندن ئي لفظن موجب، “هن ننڍي ڪتاب ۾ مون حضرت شاهه عبداللطيف جي ستن سورمين جي پنهنجي نقطهءِ نظر کان سيرتون چٽيون آهن ۽ هنن جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪئي اٿم (ص-7).
شاهه سائينءَ جي سورمين ۾ سندن پنهنجو عڪس ڄاڻائيندي ليکڪ لکي ٿو ته؛ “شاهه جو شعر سندس زندگيءَ مان اڀري ٿو ۽ شاهه جون سورميون سندس جدا جدا روپ آهن. شاهه شاعر هو ۽ عاشق هو، صوفي ۽ فلسفي هو ۽ سندس سڀاءُ جون اهي چارئي خاصيتون سندس سورمين ۾ نظر اينديون، پاڻ کي ويهي منجهن اوتيو اٿس. ڪهاڻيءَ ۾ ڪڏهن پاڻ ٿو ڳالهائي ته ڪڏهن سندس سورميون. جهڙيءَ ريت انڊلٺ جي ستن رنگن جو ڪارڻ سفيد روشني ٿئي ٿي تهڙيءَ ريت شاهه صاحب جون نظمي وارتائون سندس ئي شخصيت مان اُڀرن ٿيون، سڀني ۾ پاڻ پيو وسي.”
“شاهه پنهنجون گهڻيون سورميون حياتيءَ جي هيٺئين درجي مان چونڊيون آهن، مارئي ٿر جي غريب ڪڙمين جي نياڻي آهي ته نوري وري ذات جي مهاڻي آهي، سهڻي آهي ڪنڀر جي ڄائي ته سسئي هڪ ٻانڀڻ جي ڌيءَ، ڌوٻيءَ جي گهر ۾ پلجي وڏي ٿئي ٿي، باقي مومل آهي، راجا نند جي نياڻي ۽ ليلا چنيسر جي پٽ راڻي سورٺ اصل ۾ ڌيءَ راجا انيراءِ جي، رتني ڪنڀر جي نياڻي ليکجڻ ۾ اچي ٿي ۽ جڏهن راءِ ڏياچ کيس راڻي ڪري ٿو، تڏهن کيس به اهائي ڄاڻ آهي ته سورٺ ڪنڀارڻ آهي.” (ص 27، 22، 12).
نارائڻ داس ڀمڀاڻي هڪ حساس ليکڪ هئڻ جي حيثيت سان هن سماج جي طبقاتي فرق يعني اميري ۽ غريبيءَ کي گهڻو محسوس ڪيو آهي ۽ پاڻ غربت کي انساني ڪردار نگاريءَ جي سهڻين صفتن جو امين سڏيو اٿس. اهو اظهار سندن ناولن “غريبن جو ورثو” ۽ “مالهڻ” ۾ اُتم ملندو اهڙو ئي خيال هن شاهه جي سورمين جي ڪردارن سان ڄاڻايو آهي. سندن موجب ته: “شاهه صاحب کي دنيا جي اونهي آزمودي مان اها ڄاڻ پئي ته غريبي گُڻن جي کاڻ آهي، جيڪي ڌڻيءَ جا تلاشي آهن، تن ۾ گهرجي صداقت، بلند خيال، نوڙت ۽ قرباني. اهي صفتون شاهوڪارن کان وڌيڪ هن کي غريبن ۾ نظر آيون. شاهه صاحب ڏٺو ته دولت ۾ ناز آهي غريبيءَ ۾ نياز آهي ۽ مالڪ وٽ نياز کٽندو نه ڪِه ناز. ليليٰ ناز ڪري لائن لڌل چينسر هٿان وڃايو، پر نوريءَ پنهنجيءَ نياز ڀريءَ هلت سان ڄام تماچي کي موهي پنهنجي قبضي ڪيو.
“هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٽين وچ ۾.”
۽ ليلا لاءِ چوي ٿو ته:
ٿڙڪي پسي ٿوڪ، ترڪي تڪبر ۾ پئي.
ڀمڀاڻي صاحب موجب ليلا ۽ مومل وڏ گهراڻيون هيون ۽ اهي ئي ٿاٻڙجن ٿيون، مارئي هڪ غريب ڳوٺاڻي هئي، پر عمر جي لالچن تي ڀنڀلجي نه وئي.
پٽ نه پهريان سومرا! جانڪيتان جيان،
تيل نه لائيان تنهنجو، مون ماروءَ جو من،
ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي.
شاهه سائينءَ جي سورمين جي دکي جيوت جي باري ۾ ليکڪ جا خيال هن ريت آهن؛ “شاهه صاحب جي سورمين جي قسمت ۾ گهڻي ڀاڱي سک لکيل ڪونهي. هو ڄڻ ته ڄايون ئي آهن ڏکن ڏسڻ لاءِ سک انت ڪهاڻين جي سورمين، ليلا، مومل ۽ مارئيءَ جون حياتيون به دکن ۾ گذرن ٿيون. (ص 30 -31).
ڀمڀاڻي صاحب شاهه جي سورمين ۾ سهڻي ۽ سسئي، ليلا ۽ مومل کي پاڻ ۾ ڀيٽيو آهي باقي نوري، مارئي ۽ سورٺ کي عليحده انفرادي حيثيت سان بيان ڪيو آهي. سندن موجب ته؛ “شاهه جون سڀ سورميون هڪ طبقي اندر نه اچي سگهنديون، هرهڪ جي پدوي عليحدي عليحدي آهي، پر جيڪڏهن ڪوشش ڪبي ته سهڻي ۽ سسئي، هڪ درجي ۾ اينديون ۽ مومل ۽ ليلا ٻي ۾، نوري ته ليلا ۽ مومل جي مقابلي ۾ آيل آهي، باقي مارئي پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ سورٺ جي حالت مڙني کان نرالي نظر ايندي.” (ص-31).
سهڻي ۽ سسئيءَ جي ڀيٽ ڪندي ليکڪ لکي ٿو ته؛ “سهڻي ۽ سسئيءَ جي وچ ۾ ظاهري مشابهت آهي ٻئي ڄڻيون، سالڪ بڻجي محبوبن جي جستجو ۾ پنهنجيون حياتيون قربان ڪن ٿيون، ٻئي دک انت ڪهاڻين جون سورميون آهن. ٻنهي سورن جي ستايلن موت جي گود ۾ پنهنجن پريتمن جو مشاهدو ماڻيو. مگر انهيءَ ٻاهرينءَ هڪ جهڙائيءَ پٺيان ڪافي تفاوت نظر ايندو. سهڻيءَ جي محبت جون حالتون سسئيءَ جي حالتن کان ٻي طرح جون هيون. هوءَ چوٽيءَ تي آهي ۽ ان چوٽيءَ تي شاهه جي ٻي ڪا به سورمي پهچڻ جي سڌ نٿي ڪري سگهي. سسئي پنهونءَ جي آکاڻي شاهه جي وڏي ۾ وڏي ڪوتا آهي ۽ جنهن شوق ۽ باريڪيءَ سان هن سسئيءَ جي دلي جذبن جو نقش چٽيو آهي، اهڙو ٻي ڪنهن به سورميءَ جو نه ڪڍيو اٿس. سسئيءَ جي بيتن پڙهندي ايئن پيو معلوم ٿئي ته سسئي ڪا نه ٿي رڙي، پر شاعر جي دل ٿي دانهون ڪري، ڪوتا جي رَسَ ڪري شاهه جي ٻين سورمين کان ڪسر آهي. سسئيءَ جي سُرن ۾ جيڪو سوز ۽ شاعراڻي رواني نظر ايندي سا ٻين سُرن ۾ اڻ لڀ آهي. (ص 35-57).
ليلا ۽ مومل جي ڀيٽ ڪندي ليکڪ لکي ٿو ته، “هي ٻئي سورميون راجائي خاندان مان هيون، پر هنن جي سيرت ئي هنن جي قسمت آهي. شاهه جي ليلا جي دل ۾ سچائي آهي. شاهه هن کي پنهنجي خيالن جو عڪس بنائڻ ٿي چاهيو، شاهه به سمجهيو ته ههڙيءَ خطا کانپوءِ ليليٰ جو وري چنيسر اڳيان ناز ڪرڻ بي عقلي ٿيندي، هتي هو پڇتاءُ جو احتياج ٿو ڪري انهيءَ ڪري هن عام آکاڻيءَ وارا واقعا ڪڍي پنهنجي ليلا کي اوچو درجو عطا ڪيو آهي. جنهن ۾ صبر ۽ سهڻ جي شڪتي آهي ۽ چنيسر جي چڱائي ۾ ايمان ۽ اميد اٿس جو چوي ٿي ته؛
جي مون موڙهي مت ته تون پاڻ سڃاڻج سپرين!
اڳيان لکن ٿا ته؛ “مومل پڻ، راڻي کي آزي نيزاري ڪري، سندس وڃايل پيار کٽيو ۽ ٻنهي ڪهاڻين ۾ ايئن ڪرڻ سان شاهه پنهنجي مراد حاصل ڪري سگهيو آهي. کيس ڏيکارڻو هو ته جيتوڻيڪ “خدا ريساڻو آهي” ته به “سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.”
جڏهن ليلان چوي ٿي ته؛
ڍولا! ڍيل مَ مون، ڪانڌ! ڪميڻي آهيان،
ته ساڳئي نموني ۾ مومل پڻ راڻي کي منٿ ٿي ڪري؛
ميان مينڌرا! موٽ! بخش ڪر بڇايون.
هن حصي ۾ ڀمڀاڻي صاحب حفيظ تيوڻي واري “مومل راڻي” جا ڪجهه بيت ڏيئي سندس جوڙيل قصي ۽ شاهه جي “مومل راڻو” جي قصي جي ڀيٽ ڪندي شاهه جي ڪلام جون واڌو خاصيتون بيان ڪيون آهن.
شاهه جي سورميءَ نوريءَ جي لاءِ لکي ٿو ته، “نوري به مومل ۽ ليلا جيان نصيب واري هئي جو محبوب جي ميلاپ جو مزو ماڻيائين ليلا چنيسر جي پٽ راڻي هئي ته نوري ڄام تماچيءَ جي ليڪن نوري ليلا جيان، آنند جي آغوش ۾ رهي ڦونڊ ۾ نه ڀري.
“مهاڻيءَ جي من ۾، نه گيرب نه گاءُ”
شاهه صاحب جي ڪردار مارئيءَ کي ليکڪ اڏول ۽ مضبوط ڄاڻائيندي کيس “سچي سورمي” سڏيو آهي، جنهن جي سيرت بي عيب آهي. هن نٻل ناريءَ جي دل ٻلواڻ آهي سچائي ۽ پاڪيزگي سندس ٻل آهي. مارن ۽ پنهنجي ڀتار لاءِ پڪو پريم ئي سندس سيرت جي خوبي آهي. ڀمڀاڻي صاحب مارئيءَ جي داستان جي عام مروج تمثيل سان متفق نه آهي. سندس موجب سرمارئيءَ ۾ ڪابه تمثيل نه هئڻ گهرجي بلڪه هي مضمون شاهه صاحب جي شاعراڻي دماغ جي لاءِ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪشش رکندڙ آهي. “سر مارئي” ۾ شاهه فطرتي شاعر، محب وطن ۽ پنگتي تاريخ نويس نظر اچي ٿو.”
سر “سورٺ” تي رايو ڏيندي ليکڪ لکي ٿو ته: “سورٺ سان شاهه انصاف نه ڪيو سر سورٺ وڌيڪ وڻندڙ ٿئي ها، جيڪڏهن شاهه ان ۾ سورٺ جي دلي امنگن جو اظهار ڪري ها. سارو داستان عجيب عبارت سان سينگاريل آهي، پر سورٺ جي سيرت تي الائي ڇو پردو ڪيل آهي؟ تمثيلي نقطهءِ نگاهه کان ڪن پڙهندڙن ته وري سورٺ سان بيحد ناانصافي ڪئي آهي، جو سورٺ جي معنيٰ ڪئي اٿن “نفس” سورٺ ته سچي راجپوت استري ثابت ٿي، جا پتيءَ سان چکيا چڙهي. سورٺ جي قرباني نظر انداز ڪري کيس نفس سان مشابهت ڏيڻ وڏي ادبي غلطي آهي.”
منهنجي خيال ۾ شاهه صاحب کي سرود ۽ سماع جو بيحد شوق هو ۽ هن سڄي تاريخي حقيقت ۾ هڪ راڳ جي عاشق ٻئي راڳ جي عاشق جي تصوير ڪڍي آهي ۽ سماع جي طاقت بيان ڪندي راڳ جي روحاني برڪت کي بيان ڪيو آهي. “سر سورٺ” انهيءَ شاعر جو لکيل هو، جنهن جي روحاني غذا راڳ هو. راءِ ڏياچ جي قربانيءَ شاهه کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. سسئيءَ برابر سر ڏنو، سهڻيءَ جي قرباني به لاثاني آهي“ پر راءِ ڏياچ جو ذڪر ڪندي شاهه صاحب سورٺ جي سورن جو بيان انهيءَ خيال کان نه ڏنو ته راءِ ڏياچ جي اهميت جهڪي ٿي ويندي، پر ساڳئي وقت هن سيل ستيا جي مورت جي قربانيءَ کي ملهائڻ لاءِ پنهنجي نظم جو نالو ئي رکيائين “سر سورٺ” (ص 10، 105، 110).
ڀمڀاڻي صاحب شاهه صاحب جي سورمين جي جيڪا سيرت نگاري پيش ڪئي آهي، سا پنهنجي جڳهه تي منفرد آهي. سورمين جون انفرادي خوبيون، همت، صبر، سمجهه، سونهن، وفاداري ۽ حب الوطني بيتن جي حوالي سان سمجهائيندي گڏوگڏ کين پاڻ ۾ ڀيٽي سندن اجتماعي خوبين کي پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب سان شاهه جي سورمين جي اهميت اُجاگر ٿي ۽ خاص طور هن موضوع تي وڌيڪ لکجڻ جي شروعات ٿي جنهن ۾ چند مقالن ۽ مضمونن کان علاوه ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ٿيسز شمار ٿين ٿيون. جيئن منوهر مٽلاڻيءَ جي مقالي ۾ هن حوالي سان هڪ مڪمل باب آهي ته ڊاڪٽر فهميده حسين جو مقالو “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ” ۽ حسن بانو سومرو جو جو مقالو “شاهه ۽ عورت” اچي وڃن ٿا. ملڪاڻي منگها رام سنڌي نثر جي تاريخ ۾ لکيو آهي. “1944ع ۾ شاهه لطيف تي باتصوير تنقيدي ڪتاب پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جو “شاهه جون سورميون” نڪتو جنهن ۾ هن صاحب شاهه جي عورتن جي چتر شالا (آرٽ گئلري) ۾گهڙي، سندن سيرتن جي ڇانٽ ۽ ڀيٽ ڪئي هئي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته اهي شيڪسپيئر جي سورمين جهڙيون ئي اعليٰ ۽ عليحده سيرتن واريون هيون.”