بلاگنئون

ماتلي پوليس هي ڇا پئي ڪري؟

ماتلي پوليس طرفان پاڙن ۾ ھجوم جي صورت ۾ گھر گھر وڃي ماڻھن جا در کڙڪائي اھو پڇڻ ته ھو مالڪِ مڪان آھن يا ڪرائي تي ويٺل آھن، عجيب ۽ اجايو عمل آھي، مڃون ٿا ته جائي ڪرائي تي وٺي رھندڙ قانوني طور تي پابند آھي ته مالڪِ مڪان سان گڏجي ٿاڻي تي اچي ۽ اتي اِنٽري ڪرائي اھو ٻنھي مالڪِ مڪان ۽ ڪرائيدار جو گڏيل تحفظ آھي، ڇو ته ڪرائي جي جائين ۾ غير قانوني ڪم به ٿين ٿا، ڪنھن ڏچي کان بچڻ لاءِ اھو ڪم مالڪِ مڪان جو به آھي جيڪو ڪرائي تي جائي ڏئي اھا خبر نٿو وٺي ته ان جائي ۾ ڪھڙيون سرگرميون ٿين ٿيون، سڀاڻي اگر ڪرائي واري جائي ۾ ڪو مين پڙين جو ڪارخانو لڳائي، ڪو ان جائي کي جسم فروشي جي اڏي طور استعمال ڪري، ڪو جُوا جو اڏو کولي يا ان جائي ۾ رھندڙ ماڻھن ۾ ڪو خوني جھيڙو ٿي پوي، ڪو مري پوي ۽ ٻيا ڀڄي وڃن ته اھو خون ڪنھن جي ڳچي ۾ پوندو؟ سنڌ جي مختلف شھرن جا ڪجھ ڏوھاري ماتلي ۾ مسواڙ تي جايون وٺي ويٺل آھن، مالڪِ مڪان جو ڪم آھي ته اھڙن ڏوھارين کي جايون نه ڏي، اھي ھتي رھي وري به ڏوھاري سرگرميون ڪندا ۽ سھولتڪار مالڪِ مڪان ڳڻيو  ويندو ۽ پوليس ھٿان ڇڪيو ويندو. اھو به ته ڏوھاري ڇا غير قانوني ڪم پنھنجن نالن سان رجسٽر گھرن ۾ نٿا ٿي ڪري سگھن يا نٿا ڪن ڇا؟؟ اھڙن ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ کپي جيڪي ڪرائي تي جائي وٺي ٿاڻي تي اطلاع ۽ پنھنجا تفصيل نٿا ڏين، پر اھو ڪھڙو عمل آھي جو پوليس در در تي وڃي ۽ ڪڙا کڙڪائي ماڻھن کان پڇي ته ھو جائي جا مالڪ آھن يا مسواڙي؟ ماتلي شھر ۾ وڏي پيماني تي اھڙا گھر به آھن جيڪي سرڪاري پلاٽن تي ٺھيل آھن، انھن ۾ رھندڙ ماڻھن وٽ ڪھڙا ڪاغذ پٽ ھوندا، ٻيو اھو ته ڏوھارين جا سھولتڪار ڏوھارين کي پنھنجن گھرن يا اوطاقن ۾ نٿا رهائي سگھن ڇا؟ موٽرسائيڪلن جي چورن بابت ھڪڙي عام ڳالھ آھي ته اھي چور ٻاھران اچن ٿا ۽ ھتي انھن کي گھرن يا اوطاقن ۾ رھائش جي سھولت ملي ٿي، واردات ڪري پناھ وٺي لڪي وڃن ٿا ۽ فجر مھل ڪنھن عورت کي ٻيلھ سوار ڪري ماتلي مان چورايل موٽرسائيڪل تي سوار تي شھر مان نڪري وڃن ٿا… سوال آھي ته اھڙن ڏوھارين کي پوليس ايئن گھر گھر وڃي ڪيئن جھلي سگھندي، ڇا اھو جواز آھي ته ماڻھن جي درن تي وڃي پوليس انھن کي سڏي انھن کان اھو پڇي ته مسواڙي آھن يا مالڪ؟ ان عمل سان پوليس خلاف وڏي پيماني تي رڙ پيدا ٿي سگھي ٿي ۽ شريف شھري ايئن تنگ ٿيڻ سان روڊن تي اچي سگھن ٿا، پوليس کي صلاح آھي ته پوليس پنھنجو اھو ڪم ڪري جيڪو ان جي اختيارن ۾ آھي، جنھن گھر تي شڪ آھي ته ان ۾ ڏوھارين کي پناھ ملي ٿي ته ان گھر تي ضرور ڪارروائي ٿئي، پر چادر ۽ چار ديواري جو وري به خيال رکيو وڃي يا سرچ وارنٽ جو سھارو ورتو وڃي، خبر ناھي ڇو ماتلي ۾ شھري ھئن به ماتلي پوليس خلاف، پريس ڪانفرنسون ۽ احتجاج روز جي بنياد تي پيا ڪن، چون پيا ته پوليس ناحق تنگ پئي ڪري، مگر ھاڻ پوليس جيڪو رستو اختيار ڪيو آھي ان سان پوليس خلاف پريس ڪلبن تي وڌيڪ شڪايتن اچڻ جو امڪان به آھي، دوست پنھنجن پنھنجن خيالن جو اظھار کلي دل سان ڪري سگھن ٿا، اگر اسان غلط آھيون ته اسان کي به چئي سگھن ٿا، اسين چاھيون ٿا ته امن پسند شريف شھري ڪنھن به طرح پوليس ھٿان تنگ نه ٿئي، پوليس ماتلي تڪراري نه بڻجي.