بلاگنئون

4 مارچ ون يونٽ ٽوڙڻ کان وٺي نالي ماتر جمهوري آمريت خلاف مزاحمت تائين

4 مارچ سنڌ جي سياسي شعور جو هميشه لاءِ نصاب بڻيل رهندو. 1967ع ۾ ان ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جنرل ايوب خان جي مڙهيل آمراڻِي ون يونٽ خلاف مزاحمت جو آغاز ڪيو. سخت رياستي جبر، گرفتاريون، تشدد ۽ سمورا ظالماڻا هَٿ ڪنڊا به انهن آوازن کي روڪي نه سگهيا، بلڪه ان جي پَهِلڪاري تحريڪ بڻجي سموري سنڌ کي سرگرم ۽ متحرڪ ڪيو ۽ نيٺ 1970ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي تحريڪ رڳو هڪ اتفاقي يا حادثاتي احتجاج نه هئي، پر اها سنڌ جي قومي سڃاڻپ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سياسي خود مختياري لاءِ للڪار خلاف هڪ گهري مزاحمت جو گهڻ پاسائون اظهار ۽ اڀار هو. ٻيو پاسو، هيل تائين، پنجن ڏهاڪن گذرڻ کانپوءِ به 4 مارچ 1967ع افسانوي ۽ رومانوي طور ورجائبو رهيو آهي. ضرورت ان دور جي حقيقتن، واقعن ۽ وارتائن کي جاچڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي آهي.

4 مارچ 1967ع جي واقعن جا مختلف راوي ان کي پنهنجي پنھنجي زاوين، روين، معلومات، سمجھه ۽ ساک مطابق دهرائيندا رهيا آهن. انهيءَ پيرائتي پڇا بدران، اڻ لکيل ۽ بي ترتيب لکتن ۾ قومي رومانس سڀ کان وڌيڪ حاوي حوالو رهيو آهي. حقيقت ۾ هيءَ هلچل مختلف سياسي ترجيحن، مفادن، طبقاتي تضادن ۽ حالتن جي اتفاقن جي پيداوار هئي، جن سان لاڳاپيل، مختلف نظريا ۽ تضاد سوال بڻيل آهن ته هي تحريڪ آخر ڪيئن شروع ٿي. ڪي حلقا سمجهن ٿا ته هيءَ ان وقت جي حيدرآباد ڪمشنر مسرور احسن ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر عبدالرحمان جي وچ ۾ هڪ بيورو ڪريٽڪ ڇڪتاڻ هئي، جيڪا بعد ۾ شاگردن جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي. ڪجهه ان کي کاٻي ڌر ۽ قومپرست شاگرد لابين جي يونين پالٽڪس جي اليڪشني حڪمت عملي سان جوڙين ٿا، جيڪي ان دور جي سياسي ڌرين سان سلهاڙيل هيون ۽ اقتداري سياست جي پنهنجي مفادن مطابق انگيج هيون. ان دوران، شاگردن جي پنهنجي صفن ۾ به واضح طبقاتي ورڇ هئي. هڪ طرف جاگيردار گهراڻي جي پسمنظر ۽ بيورو ڪريٽس فيملي بيڪ گرائونڊ سان واسطو رکندڙ شاگرد هئا، جن تحريڪ کي پنهنجي مخصوص نقطهءِ نظر سان ڏٺو ته ٻئي طرف ڳوٺاڻي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ شاگرد هئا، جيڪي سماجي ناانصافين، بيروزگاري ۽ غربت جي نفسياتي دٻاءُ هيٺ هن تحريڪ ۾ سماجي ۽ سياسي اسپيس جا ڳولائو هئا. ان وقت ان هلچل دوران ذوالفقار علي ڀٽو جو هڪ نئين سياسي سڃاڻپ طور اڀرڻ به هڪ اهم پهلو آهي، جيڪو ان وقت پنهنجي سياسي شروعاتي دور ۾ هو ۽ اڃان تائين اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو سمجهيو پئي ويو. ان ڪري، ڪجهه حلقا 4 مارچ جي تحريڪ کي به سازشي نظريي تحت ڏسڻ لڳا ته ان جا ڪجهه رخ طاقتور ڌرين جي حڪمت عملين سان به ڳنڍيل هئا.

جيڪڏهن خالص نظرياتي ۽ غير پاپولر اوپينين جي لحاظ سان ڏسجي ته 4 مارچ 1967ع شاگرد حقن جي هلچل نه هئي ۽ ان جي ايجنڊا ۾ ڪي به تعليمي، سماجي، ۽ ڪئمپس اشوز هاءِ لائيٽ ٿيل نه هئا، نه ئي شروع کان ون يونٽ خلاف ڪو منظم يا شعوري ڊائريڪشن نمايان هو. ان عرصي جي سياسي حالتن جي تسلسل، مختلف ڌرين جي گڏيل مخالفت ۽ تحريڪ جي مرحلي وار واڌاري دوران قومي سڃاڻپ، سنڌ جي بقا، ٻولي ۽ ثقافتي حقن تي فوڪس وڌڻ سبب آخرڪار هڪ گڏيل جدوجهد جو ماحول جڙندو ويو. ساڳئي وقت، جيئن ته سنڌ ۾ ايستائين ڪابه منظم، نظرياتي ۽ جديد طرز جي سياسي ڪلچر اڃان ابتدائي فيز ۾ هو، تنهنڪري تحريڪ جو هڪ غير ارادي ضمني نتيجو ڪجهه شخصيتن جو هيرو بڻجڻ هو، جيڪي بعد ۾ 4 مارچ جا قومي هيروز سڏجڻ لڳا. حقيقت ۾ هي ڪردار هڪ وسيع تحريڪ جو جزو هئا، پر حالتن جي زور تي اڳتي وڌيا ۽ بعد ۾ سنڌ جي ايندڙ سياسي تحريڪن تي اثر انداز ٿيا.

4 مارچ 2025ع نئون محاذ، نئين دور جي جدوجهد: اڄ جڏهن 4 مارچ 2025ع اچي ٿي ته سنڌ وري ساڳي صورتحال کي ورجائيندي نظر اچي ٿي. هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد No More Canals on Sindhu جي نعري هيٺ احتجاج ڪن ٿا. هيءَ جدوجهد ون يونٽ خلاف ته ناهي، پر ساڳي استحصال جي هڪ نئين شڪل خلاف آهي. سنڌ جي پاڻي جي ڦرلٽ، وسيلن جي نيڪالي ۽ ماحولياتي تباهي. رياست 1967ع وانگر، اڄ به شاگردن تي رياستي جبر، گرفتاريون ۽ پوليس تشدد جو استعمال ڪري ٿي، پر هاڻ سنڌ اُها سنڌ ناهي. هاڻ هيءَ نئين لهر ۽ منظم مزاحمت ڄامشوري تائين محدود نه رهندي، بلڪه گلوبل ڊجيٽل ميڊيائي مزاحمت ۽ گڏيل متفقه سياسي سڏ بڻجي هڪ عالمي آواز وانگر گونجي سگهي ٿي. جيئن 1967ع ۾ رياست اهو سمجهڻ کان قاصر هئي ته شاگرد تحريڪ ڇا ڪري سگهي ٿي، ائين 2025ع ۾ به هاڻوڪي حڪمران طبقا اهو اندازو نٿا لڳائي سگهن ته هيءَ جدوجهد ڪهڙي رخ وٺندي. هاڻي هيءَ رڳو ون يونٽ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ناهي، بلڪه گهڻ پاسائين استحصال جي يونٽن کي ٽوڙڻ جو اعلان آهي. چاهي اهو سياسي ناانصافي هجي، وسيلن جي ڦرلٽ هجي يا نظرياتي غلامي.

4 مارچ رڳو هڪ تاريخ ناهي، پر هڪ جاري تاريخي سلسلو آهي. جڏهن به رياستي جبر وڌي ٿو، تڏهن وري مزاحمت پيدا ٿئي ٿي. جيئن 1967ع جي شاگردن ون يونٽ کي ختم ڪيو، تيئن 2025ع جا شاگرد سنڌو تي ناجائز ڪينالن خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن، پر هن ڀيري، هن جدوجهد جا اثر مقامي نه، پر عالمي سطح تي محسوس ٿيندا. هاڻي سوال هن هلچل جي ڪٿ ڪرڻ، ڪاميابي يا ناڪامي جو ناهي، پر سوال رڳو اهو آهي ته هيءَ هڪ سفر وانگر روان دوران رھي، جنھن جي منزل وڌيڪ چٽي ۽ هميشه روشن رهي.