صحت ۽ تعليم بجيٽ جو 60 سيڪڙو ليپس ٿيڻ هڪ سواليه نشان آهي: سنڌ گورنر
سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران گذريل سال ۾ تعليم ۽ صحت واري بجيٽن جو 40 سيڪڙو خرچ ڪيو آهي، باقي 60 سيڪڙو بجيٽ ليپس ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ سواليه نشان آهي. هن چيو ته اهوئي سبب آهي جنهن ڪارڻ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ پٺتي رهجي وئي آهي. گورنر مٺي ۾ خيراتي اسڪول جي بلڊنگ جي افتتاحي تقريب ۾ مهمان خصوصي طور شرڪت دوران پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران صحت ۽ تعليم بابت 290 منصوبن تي ڪم ڪرڻ بابت ٻڌايو ويو هو جنهن مان 170 تي هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته بنيادي سهولتون جهڙوڪ صاف پاڻي، تعليم، صحت، روڊ ۽ رستا مهيا ڪرڻ حڪومت جو آئيني فرض آهي. گورنر زبير چيو ته وفاق پاران سنڌ حڪومت کي صحت ۽ تعليم جي شعبي لاءِ گذريل پنجن سالن ۾ پهرين کان وڌيڪ فسڪل شيئر ڏنو آهي، جيڪو 1200 ارب رپين کان وڌائي 2400 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. جنهن باوجود به سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال تمام ابتر آهي ۽ ان کي بهتر بنائڻ لاءِ تمام وڏا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

