خاص

پيپلز پارٽي جو 55هون يوم تاسيس اڄ ڪراچي ۾ ٿيندو

1967 ۾ قائم ٿيل پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڄ 55هون يوم تاسيس نشتر پارڪ ڪراچي ۾ ٿيندو. جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا. جلسي کان پهرين آتش بازي جو شاندار مظاهرو ڪيو ويندو. وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي 55 سالن ۽ ٽن نسلن جو داستان آهي، ڪا ڪجهه ورهين جي ڳالهه ناهي، ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪيتريون ئي سازشون ڪيون ويون. پيپلز پارٽي اڄ به بلاول ڀٽو جي سرواڻي ۾ شهيد ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي مشن تي عمل پيرا آهي، پيپلزپارٽي جا ڪارڪن اڄ سڄي ملڪ ۾ يوم تاسيس ملھائي رھيا آھن.