تيل مهانگو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: شوڪت ترين
ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيندو ته اسان به مهانگو ڪنداسين، ٻيو ڪو رستو ناهي. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته حڪومت سنڀالڻ وقت معاشي ڏکيائيون هيون، ملڪ ۾ ڊالر نه هئا ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هو، پر آءِ ايم ايف پروگرام سبب معيشت مضبوط ٿي، ان دوران ڪورونا وبا پکڙجي وئي، پر وزيراعظم عمران خان بهتر نموني وبا جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته عمران خان تعميرات، زراعت ۽ برآمدي صنعتن تي ڌيان ڏنو. جيئن وزيراعظم ڪورونا کي هينڊل ڪيو. ان جي سڄي دنيا تعريف ڪئي. سندس موجب معاشي ترقي جي اوسر جي شرح گهٽجي ڏيڍ سيڪڙو تي اچي وئي هئي، پر اسان جي حڪمت عملي سبب 21-2020 جي اوسر جي شرح 4 سيڪڙو تي آئي ۽ هاڻ اها شرح 5 ۽ 6 سيڪڙو تي آڻڻي آهي.
………..

