سعودي عرب ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو
سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، سعودي عرب ۾ پهريون روزو اڄ 2 اپريل تي آهي. سعودي ميڊيا موجب سعودي عرب جي حوطه سدير علائقي ۾ رمضان جو چنڊ نظر آيو، سعودي شهر تمير ۾ به چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون. گڏيل عرب امارات ۾ به رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو آهي. گڏيل عرب امارات ۾ ڇنڇر 2 اپريل تي پهريون رمضان هوندو. ان کانسواءِ امام ڪونسل سائوٿ آسٽريليا اعلان ڪيو آهي ته آسٽريليا ۾ پهريون روزو 2 اپريل تي رکيو ويندو. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ رمضان جو چنڊ نظر ناهي آيو ۽ انهن ملڪن ۾ پهريون روزو 3 اپريل تي ٿيندو. عرب ميڊيا موجب برونائي ۾ به چنڊ نظر ناهي آيو ۽ اتي به 3 اپريل آچر جي ڏينهن رمضان جو پهريون روزو ٿيندو. ٻئي پاسي پاڪستان ۾ رمضان جو چنڊ اڄ ڏٺو ويندو.

