100 کان گهٽ ڪيلوريز رکندڙ 8 غذائون
انساني وزن جي گهٽ ٿيڻ ۽ وڌڻ ۾ غذائن جي چونڊ ۽ ان ۾ موجود ڪيلوريز جو اهم ڪردار هوندو آهي. صحمتند رهڻ لاءِ ڪيلوريز جي ڳڻپ يعني غذا ۾ موجود توانائي ۽ جسم کي گهربل ان جي مقدار تي نظر رکڻ لازمي آهي. طبي ماهرن جي مطابق وزن گهٽ ڪرڻ ۽ وڌائڻ جي عمل ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪيلوريز جو هوندو آهي. ڪيلوريز سان ڀريل غذائون ٿولهه سميت ٻين ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻجن ٿيون. جڏهن ته گهٽ ڪيلوريز واريون غذائون گهڻو ڪري قدرتي ۽ صحت بخش هونديون آهن جن جو استعمال صحت ۽ ڊگهي زندگي حصو لاءِ نهايت ضروري آهي. طبي ۽ غذائي ماهرن موجب 100 کان گهٽ ڪيلوريز واريون 8 اهڙيون غذائون روز مره جي ستعمال جي لاءِ تجويز ڪيون وڃن ٿيون جن جو استعمال صحت لاءِ نهايت ئي فائديمند آهي.
صوف:
صوف جي هڪڙي پيالي جي مقدار ۾ 62 ڪيلوريز هونديون آهن. صوف ۾ ڪيلوريز گهٽ ۽ غذائيت ويڪ هوندي آهي، هن ۾ وٽامن سي، ريشو، پوٽاشيم ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ جهڙيون خاصيتون تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهن. صوف کي هلڪي ڦلڪي غذا جي طور تي کائي سگهجي ٿو.

بروڪولي:
هڪ پيالي بروڪولي ۾ 54 ڪيلوريز هونديون آهن. جڏهن ته انساني جسم کي هڪ ڏينهن ۾ گهربل وٽامن سي جو مڪمل مقدار ان مان ملي سگهي ٿو. بروڪولي غذائيت سان ڀرپور سبزي آهي جنهن کي سلاد طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.

اسٽرابيري:
هڪ پيالي اسٽرابيري ۾ 53 ڪيلوريز موجود هونديون آهن. اسٽرابيري خون جي ڪمي کي پورو ڪري ٿي. جڏهن ته بيري فيملي سان تعلق هجڻ سبب هن جا صحت تي تمام گهڻا فائديمند اثر ٿين ٿا. اسٽرابيري ۾ خاص پروٽين ملن ٿا جنهن سبب گهڻي دير تائين بک جو احساس نٿو رهي.
بند گوڀي:
هڪ پيالي بند گوڀي ۾ 22 ڪيلوريز موجود هونديون آهن ۽ هي صحت لاءِ نهايت مفيد آهي.

کيرو:
هڪ پوري کيري ۾ 28 ڪيلوريز موجود هونديون آهن. ان کي گهڻو ڪري سلاد يا ڊي ٽاڪس واٽر ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. کيري کائڻ سان جلد ئي پيٽ ڀرجي ويندو آهي ۽ پاڻي جي ڪمي دور ٿي ويندي آهي.

بيدا:
بيدن جو شمار سٺي ۽ صحت بخش غذ ۾ ٿئي ٿو اهي اهم غذائي جزن سان مالا مال آهن. هڪ وڏي سائيز جي بيدي ۾ 72 ڪيلوريز، 6 گرام پروٽين ۽ وڏي مقدار ۾ وٽامنز ۽ منرلز موجود هوندا آهن. ٻين گهٽ ڪيلوريز وارين غذائن وانگر بيدا کائڻ کانپوءِ به بک جو احساس گهٽ ٿي ويندو آهي.

پالڪ:
پالڪ ڪيلشيم ۽ آئرن سان ڀرپور غذا آهي، هن جي استعمال سان خون جي گهٽتائي ختم ٿي ويندي آهي. هڪ پيالي پالڪ ۾ صرف 7 ڪيلوريز موجود هونديون آهن. پالڪ ۾ پروٽين گهڻي مقدار ۾ هجڻ سبب غذا جا ماهر ان کي استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏيندا آهن. پالڪ جو استعمال سلاد طور به ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ فوليٽ، وٽامن اي ۽ ڪي به ڀرپور تعداد ۾ موجود هوندو آهي.

شمله مرچ:
شمله مرچ عام طور تي ٻوڙ يا سلاد ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هڪ پيالي يا (92 گرام) ۾ 24 ڪيلوريز موجود هونديون آهن. هن ۾ وٽامن سي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ ڪمپائونڊ موجود
هوندو آهي.

