قديم يونان جي فڪري تاريخ کي جيڪڏهن هڪ وهندڙ درياءَ سان تشبيهه ڏجي ته ان درياءَ جي مٿاڇري تي ته مرد مفڪرن جا نالا موجن وانگر چمڪندا نظر اچن ٿا، پر ان جي اندر گهرائيءَ ۾ ڪي اهڙا وهڪرا به هلن ٿا، جيڪي سڌي نظر ۾ نه ايندا آهن، پر پوري درياءَ جي رخ کي بدلائڻ جي سگهه ضرور رکندا آهن. Aspasia of Miletus اهڙي ئي هڪ گهري وهڪري جو نالو آهي، هڪ اهڙي عورت، جنهن جي باري ۾ تاريخ جا حوالا گهٽ، ٽٽل ۽ اڪثر متنازع آهن، پر جنهن جو اثر اٿينس جي سياسي ۽ فڪري زندگيءَ ۾ غير معمولي محسوس ٿئي ٿو.
اسپاسيا جي باري ۾ لکڻ اصل ۾ صرف هڪ شخصيت تي لکڻ نه آهي، بلڪه ھي هڪ اهڙي فڪري صورتحال کي سمجهڻ آهي، جتي تاريخ، ادب، سياست ۽ جنس جا سوال هڪٻئي ۾ ڳنڍيل آهن. جڏهن اسان اسپاسيا جي حياتيءَ تي نظر وجهون ٿا ته سڀ کان پهرين جيڪو مسئلو سامهون اچي ٿو، اهو ماخذن جو آهي. اسان وٽ هن جا پنهنجا لکيل متن موجود ناهن ۽ جيڪا به ڄاڻ ملي ٿي، اها ٻين ليکڪن جي ذريعي، انهن جي پنهنجن مقصدن ۽ رجحانن سان رنڱيل آهي.Plato جي ڊائلاگ Menexenus ۾ اسپاسيا کي بيان بازيءَ جي استاد طور پيش ڪيو وڃي ٿو، جتي سوڪريٽس، شايد طنزيه انداز ۾، اها دعويٰ ڪري ٿو ته اٿينس جي جنازي تقرير جهڙي اهم سياسي بيان جي پٺيان به اسپاسيا جي فڪري تربيت آهي. هي بيان پنهنجي اندر ڪيترن سوالن کي جنم ڏئي ٿو! ڇا اهو واقعي هڪ اعتراف آهي يا پليٽو جو هڪ فڪري طنز، جنهن ذريعي هو بيان بازيءَ جي فن تي تنقيد ڪري رهيو آهي؟
ٻئي طرف Aristophanes، اسپاسيا کي سياسي طنز جو مرڪز بڻائي ٿو، جتي سندس شخصيت کي اهڙي نموني پيش ڪيو وڃي ٿو، جو ھو صرف هڪ فرد تي حملو نه، پر اٿينس جي حڪمران طبقي تي تنقيد بڻجي وڃي. اهڙن حوالن کي پڙهندي هڪ محقق لاءِ ضروري آهي ته هو انهن کي سڌي تاريخي شاهدي طور قبول نه ڪري، بلڪه انهن جي ادبي ۽ سياسي پسمنظر کي سمجهي. ڇاڪاڻ ته طنز، پنهنجي فطرت ۾، حقيقت کي سڌي طرح بيان نٿو ڪري، پر ان کي موڙي، وڌائي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مسخ ڪري پيش ڪري ٿو.
Plutarch، جيڪو گهڻو پوءِ لکي ٿو، اسپاسيا کي هڪ ذهين ۽ اثرائتي عورت طور پيش ڪري ٿو، جيڪاPericles جي ويجهي ساٿي هئي. پلوٽارخ جي بيانن مان اهو تاثر ملي ٿو ته اسپاسيا صرف هڪ ذاتي ساٿي نه، پر هڪ فڪري شريڪ هئي، جنهن جي راءِ سياسي فيصلا سازيءَ ۾ اهميت رکندڙ هئي، پر هتي به احتياط ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته پلوٽارخ جو بيان به پنهنجي دور جي اخلاقي ۽ ادبي قدرن سان متاثر آهي.
اسپاسيا جي اصل سڃاڻپ ميليٽس سان جڙيل آهي اهو شهر جيڪو ابتدائي يوناني فڪر جو هڪ اهم مرڪز رهيو آهي. ميليٽس جي فڪري روايت، جنهن ۾ فطرت، منطق ۽ مشاهدي کي اهميت ڏني ويندي هئي، شايد اسپاسيا جي ذهني تشڪيل ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. جڏهن هوءَ اٿينس ۾ داخل ٿئي ٿي ته هوءَ صرف هڪ پرديسي عورت نه رهي ٿي، بلڪه هڪ اهڙي ذهني سرمائي سان گڏ اچي ٿي، جيڪو اٿينس جي فڪري فضا ۾ نئون ۽ اثرائتو آهي. اٿينس ۾ جتي عورتن کي عام طور گهرن تائين محدود رکيو ويندو هو، اتي اسپاسيا جو هڪ فڪري مرڪز طور اڀرڻ، پاڻ ۾ هڪ غير معمولي واقعو آهي.
Pericles سان سندس تعلق تاريخي ۽ تحقيقي بحثن جو مرڪز رهيو آهي. روايتي بيانيي هن تعلق کي گهڻو ڪري ذاتي يا رومانوي رنگ ۾ پيش ڪن ٿا، پر هڪ سنجيده محقق لاءِ اهو سوال وڌيڪ اهم آهي ته هن تعلق جو فڪري ۽ سياسي پاسو ڇا هو. جيڪڏهن اسان اٿينس جي جمهوريت ۾ بيان بازيءَ جي اهميت کي نظر ۾ رکون، جتي عوامي خطاب سياسي طاقت جو بنيادي ذريعو هو ته اهو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي ته اسپاسيا سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح پيريڪليز جي تقريرن، سندس سياسي حڪمت عمليءَ ۽ عوامي تاثر تي اثرانداز هئي. ڪجهه جديد محققن اهو به دليل ڏنو آهي ته پيريڪليز جي جنازي تقرير، جيڪا اٿينس جي جمهوريت جو هڪ اهم متن سمجهي وڃي ٿي، ان جي فڪري جوڙجڪ ۾ اسپاسيا جي سوچ جا نشان ملن ٿا.
اسپاسيا جي فڪري اهميت کي سمجهڻ لاءِ بيان بازيءَ جي فن کي سمجهڻ ضروري آهي. قديم يونان ۾ بيان بازي صرف ڳالهائڻ جو فن نه، پر هڪ اهڙو علم هو، جيڪو سچ، قائل ڪرڻ ۽ سياسي طاقت جي وچ ۾ تعلق کي ترتيب ڏيندو هو. Socrates، جيڪو سوال ۽ مڪالمه ذريعي سچ تائين پهچڻ جو قائل هو، بيان بازيءَ کان ڪجهه حد تائين محتاط نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن لاءِ اهو خطرو هو ته بيان سچ کي لڪائي به سگهي ٿو. ان جي مقابلي ۾ اسپاسيا جي شخصيت مان اهو تاثر ملي ٿو ته هوءَ بيان کي سچ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندي هئي يعني لفظن کي صرف قائل ڪرڻ جو اوزار نه، پر سچ جي خوبصورت اظهار جو وسيلو بڻائڻ آھي.
اسپاسيا خلاف جيڪي الزام لڳايا ويا اخلاقي بگاڙ، سياسي سازشون ۽ سماجي بي قاعدگيون انهن کي هڪ محقق لاءِ سڌي طرح قبول ڪرڻ تاريخي سادگي هوندي! قديم سماج ۾ خاص طور مرد مرڪزي نظام ۾ اهڙيون عورتون جيڪي روايتي حدن کان ٻاهر نڪرن ٿيون، انهن کي بدنام ڪرڻ هڪ عام حڪمت عملي هوندي هئي. ان ڪري اسپاسيا جي خلاف بيانيي کي به هڪ قسم جي سماجي مزاحمت طور پڙهڻ گهرجي، جيڪا هڪ آزاد ۽ اثرائتي عورت جي خلاف ظاهر ٿي.
جديد تحقيق خاص طور فيمينسٽ فڪري روايت اسپاسيا کي ٻيهر دريافت ڪيو آهي.Madeleine Henry جهڙن محققن اهو دليل ڏنو آهي ته اسپاسيا کي تاريخ ۾ دانسته گهٽائي پيش ڪيو ويو ۽ سندس اصل فڪري ڪردار کي نظرانداز ڪيو ويو. هنن جي نظر ۾ اسپاسيا نه صرف هڪ تاريخي شخصيت آهي، پر هڪ اهڙي علامت آهي، جيڪا عورت جي ذهني آزادي، فڪري خود مختياري ۽ سماجي شموليت جي نمائندگي ڪري ٿي.
اسپاسيا کي سمجهڻ اصل ۾ تاريخ جي هڪ وڏي سوال کي سمجهڻ آهي. ڇا جيڪو محفوظ ڪيو ويو آهي، اهوئي مڪمل سچ آهي؟ يا سچ جو هڪ وڏو حصو انهن آوازَن ۾ لڪل آهي، جيڪي لکيا نه ويا، پر اثرانداز ضرور ٿيا؟ اسپاسيا جي صورت ۾ اهو امڪان گهڻو مضبوط آهي ته هوءَ انهن ئي لڪل آوازَن مان هڪ آهي اهڙو آواز جيڪو پنهنجي وقت ۾ ٻڌو ويو، پر مڪمل طور محفوظ نه ٿي سگهيو.
آخرڪار اسپاسيا جي مطالعي مان اسان لاءِ جيڪو سبق نڪري ٿو اهو صرف تاريخي نه، پر فڪري به آهي، فڪر، جنس جو محتاج ناهي؛ سچ، صرف ڳولهڻ سان نه، پر بيان ڪرڻ سان به مڪمل ٿئي ٿو ۽ تاريخ صرف جيڪي لکيو ويو آهي، اهو نه، پر جيڪي وساريو ويو آهي، ان کي ٻيهر ڳولهڻ جو نالو به آهي.
References:
Plato Menexenus
Plato Gorgias
Plutarch Life of Pericles
Aristophanes Acharnians
Henry, Madeleine M. Prisoner of History: Aspasia of Miletus and Her Biographical Tradition.
Kagan, Donald. Pericles of Athens and the Birth of Democracy.