ڪنهن به سماج کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ نوجوان نسل اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. نوجوان نسل جو سياسي شعور ان ۾ اڳواڻيءَ جون صلاحيتون پيدا ڪندو آهي ۽ انهن صلاحيتن جي بنياد تي هو مستقبل ۾ ملڪ جي سياسي ڌاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي. جڏهن نوجوان نسل کي سياسي ڌارا کان ٻاهر ڪيو ٿو وڃي ته انهن جي اندر جيڪا توانائي موجود هوندي آهي اها غلط طرفن ۾ ورهائجي ويندي آهي جيڪا سماج جي لاءِ تمام گهڻي هاڃيڪار هوندي آهي.
جيڪڏهن نوجوانن کي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ همٿايو ويندو آهي، کين اهڙا پليٽ فارم مهيا ڪيا ويندا آهن جتي اهي سياسي شعور جي واڌاري لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن، سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهن ته نوجوانن جي شعور ۾ واڌ ويجهه ايندي آهي ۽ دنيا کي سمجهڻ جي صلاحيت حاصل ڪندو آهي. ان کانپوءِ سماج، رياست، قانون، انساني حقن ۽ ٻين سڀني نظامن کي سمجهندي وقت سان گڏ پنهنجي سماج جي لاءِ ڪو رستو طئي ڪرڻ جي قابل هوندو آهي.
ڪوبه جمهوري نظام ان وقت تائين مستحڪم نٿو ٿي سگهي جڏهن ان ۾ سماج جو هر طبقو جنهن ۾ نوجوان نسل، وڏي عمر جا باشعور فرد، عورتون شامل نه هوندا تيسائين ان نظام کي ڪمزور ليکيو ويندو. اهڙي نظام تي پوءِ هڪ خاص طبقو پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪري ان جي مٿان قابض ٿي ويندو آهي ۽ ان جي هڪ هٽي قائم ٿي ويندي آهي ۽ اها خانداني ليڊرشپ ۾ تبديل ٿي ٻين قابل ۽ باشعور ماڻهن کي مستقبل ۾ سياسي وهڪري ۾ اچڻ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
جيڪڏهن اسان نوجوانن کي ادارتي طور تي سياسي تربيت يا انهن کي مستقبل ۾ ماحول کي ڪيئن محفوظ رکجي، ادارا ڪيئن جوڙجن، اصول ۽ پاليسيون ڪيئن ٺاهجن جنهن سان سماج بهتر ٿي سگهي، اهو شعور جيڪو ڪنهن قيادت سنڀالڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي، اهو شاگرد سياست ئي ڏئي سگهي ٿي يا ايئن کڻي چئجي ته شاگرد سياست مستقبل جي نوجوانن جي تربيت گاهه آهي. اتان ئي نوجوان پنهنجن مسئلن، بيروزگاري، صنفي برابري، پاليسي سازي ۽ قانون سازي جي اهميت کي سمجهڻ شروع ڪن ٿا. نوجوان جيئن ته نون خيالن ۽ نئين توانائي سان ڀرپور ذهن رکندو آهي ان ڪري هو پنهنجي موجوده دور ۾ خراب نظام، نا انصافين ۽ بدعنوانين تي سوال اٿاريندو آهي. افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته جنرل ضياءُ الحق جي آمريت واري دور ۾ 1984ع ۾ شاگرد سياست تي پابندي لڳائي وئي جيڪا اڃان تائين مڪمل طور ختم نه ٿي سگهي آهي.
اڄ جي پاڪستان ۾ شاگرد سياست کي ڏوهاري تصور ڪيو وڃي ٿو، نوجوانن جي سياسي سرگرمين کي “انتشار پسندي” يا “رياست خلاف سازش” قرار ڏنو وڃي ٿو. تعليمي ادارن کي سياست کان پاڪ رکڻ بهاني شاگردن جي اظهار جي آزاديءَ تي پابندي لڳائي وڃي ٿي، پر جيڪڏهن اسان بنگلاديش کي ڏسون جنهن 1971ع ۾ آزاديءَ واري جنگ ۾ به شاگرد اڳواڻن ۽ تنظيمن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. اڄ به بنگلاديش جون مکيه سياسي پارٽيون عوامي ليگ ۽ بي اين پي پنهنجي شاگرد تنظيمن ذريعي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ اثر انداز ٿين ٿيون.
ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڪڏهن ڪڏهن شاگرد سياست پرتشدد ٿي پوي ٿي يا تعليمي ماحول متاثر ٿئي ٿو، پر نوجوان نسل جي لاءِ سياسي سرگرمين کي رياستي طور قبول ڪرڻ انتهائي اهم آهي جيڪو بنگلاديش هن وقت ڪري رهيو آهي. آزاديءَ کانپوءِ ڍاڪا يونيورسٽي اسٽوڊنٽ يونين جون 8 ڀيرا چونڊون ٿي چڪيون آهن. 1973 جي چونڊن جو نتيجو بيلٽ باڪس چوري ٿي وڃڻ سبب ڪڏهن به سامهون اچي نه سگهيو. 1972ع، 1979ع، 1980ع ۽ 1982ع جي چونڊن ۾ کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيمن جي حمايت يافته پينلن ٻه اهم عهدا کٽيا. 1989ع ۾ اسٽوڊنٽ ليگ نائب صدر جو عهدو حاصل ڪيو، جڏهن ته جنرل سيڪريٽري جو عهدو کاٻي ڌر جي اميدوار کٽيو.
اڳوڻي جنرل ۽ صدر حسين محمد ارشاد جي زوال کانپوءِ 1990ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽي انتظاميه ۽ شاگرد نمائندن تي ٻڌل پليٽ فارم ‘پري بيس پريشد’ اسلامي ڇاترا شبر جي سرگرمين تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي. بنگلاديشي اخبارن مطابق اسلامي ڇاترا شبر ورهاڱي وقت مخالف جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ هئي. بنگلاديشي اخبار دي ڊيلي اسٽار جي رپورٽ مطابق بنگلاديش جي آزاديءَ کانپوءِ پهريون ڀيرو اڱاري جي ڏينهن ڍاڪا يونيورسٽي جي چونڊن ۾ اسلامي ڇاترا شبر جي حمايت يافته پينل ڳري اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اسلامي ڇاترا شبر 28 مرڪزي سيٽن مان 23 کٽي ڪئمپس جي سياست ۾ ڊرامائي تبديلي آندي آهي.
اسلامي ڇاترا شبر جي رهنمائن صادق ۽ فرهاد جي اڳواڻي ۾ ٿيڻ واري جولاءِ جي مهيني ۾ عوامي بغاوت، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل سال 5 آگسٽ تي شيخ حسينه واجد جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. ان کان علاوه اسلامي ڇاترا شبر جي رهنمائن جن تي ايڇ. ايم ارشاد جي زوال کانپوءِ ڍاڪا يونيورسٽي ڪئمپس ۾ عملي طور پابندي مڙهيل هئي، اهي بغاوت کان مهينو پوءِ کلئي عام ڪئمپس ۾ نظر اچڻ لڳا. ان کان اڳ صادق ۽ فرهاد جيڪي پاڻ کي شاگرد ليگ جو ڪارڪن ظاهر ڪندا رهيا ٿي پنهنجي اصل شناخت ظاهر ڪندي ٻڌايو ته اهي ڇاترا شبر ڍاڪا يونيورسٽي يونٽ جا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري آهن.
نوجوان سياست جي اڀرڻ سان ملڪ نئين رخ ۾ سفر ڪن ٿا، ملڪ ۾ نئين قيادت سامهون اچي ٿي، نئون سياسي فڪر پيدا ٿئي ٿو. هن وقت پاڪستان جو نوجوان سياست جي عمل کان بلڪل ٻاهر آهي، جيڪا پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ هڪ هاڃيڪار صورتحال آهي. رياست پاڪستان کي گهرجي ته نوجوانن جي سياسي شرڪت کي خطرو سمجهڻ بدران انهن کي قوم جي ترقيءَ جو ذريعو سمجهي شاگرد سياست تي مڙهيل پابندين کي ختم ڪيو وڃي. بنگلاديش جو تجربو ڏيکاري ٿو ته صحيح ضابطن ۽ رهنمائي سان شاگرد سياست قوم جي وڏن مقصدن ۾ حصيدار بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان جي سڀني يونيورسٽين کي اها آزدي ملڻ گهرجي ته اهي نوجوانن کي هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪن جتي هو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن، سياسي تربيت حاصل ڪري سگهن ۽ ملڪ جي سياسي مستقبل ۽ مضبوطيءَ ۾ واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.