مراد علي شاهه جي حضرت سچل سرمست جي عرس تي حاضري
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، حضرت سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي درازا شريف ۾ مزار تي حاضري ڏني. هن موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته حضرت سچل سرمست جي درگاهه تي ترقياتي ڪمن بابت اعلانن تي عمل ڪرايو ويندو. ايندڙ بجيٽ ۾ مالي بحران باوجود درگاهه جي اسڪيمن جي منظوري پڻ ڏني ويندي ۽ مزار تي ايندڙ زائرين کي هر ممڪن سهولت ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي، جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ ايم عدالتي حڪم تحت وفاق حوالي ٿيڻا هئا، پر ان جي تاريخ گذري چڪي آهي اسان عدالت ۾ رويو پٽيشن جمع ڪرائي آهي. سنڌ حڪومت انهن اسپتالن کي پاڻ هلائڻ چاهي ٿي. مالي مسئلا آهن، پر ان باوجود به وفاق کي چونداسين ته هنن اسپتالن کي پاڻ هلائڻ چاهيون ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوليس ۽ بيورو ڪريسي ۾ مقرري ۽ بدليون حڪومت ڪندي آهي. عوام اسان کي ووٽ ڏنو آهي ته اسان انهن جي خدمت ڪريون. اسان کي صرف حڪومتي نگراني ڪرڻي هوندي آهي هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ 2002 جو قانون لاڳو آهي اسان ان کي لاڳو ڪري ڪو غلط قدم نه کنيو آهي.