پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

هاري رهنما ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 49 هين ورسي ملهائي وئي

ڪاله حيدرآباد ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران ڪامريڊ جتوئي جي 49 هين ورسي جي تقريب ملهائي وئي. حيدر بخش جتوئي جي هاري موومنٽ لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ هاري تحريڪ لاءِ ڪيل ڪوششن کي تاريخي قرار ڏيندي هاري تحريڪ اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪنن ڳالهائيندي چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش عوامي سياست ڪئي ۽ ننڍي کنڊ ۾ عوامي سياست جو پايو وڌو. هي پروگرام سنڌ هاري ڪميٽي پاران ملهايو ويو. سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ اظهر جتوئي چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي عوام جي حقن جي لاءِ اٿي بيٺو ۽ انهن ماڻهن جي لاءِ جدو جهد ڪئي جيڪي محرومي جو شڪار هيا سندس هاري تحريڪ هڪ مثالي تحريڪ هئي ۽ هوپاڻ سنڌ جي سياست جو محور هيو. هن پنهنجي ئي طبقي جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايو ۽ ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪئي. هن چيو ته سندس فلاسافي اڄ به اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي.  نيشنل پارٽِي جي ليڊر تاج مري چيو ته اڄ ماڻهو ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ۽ اهڙيون حالتون ورهاڱي وقت به ڏٺيون ويون هيون. هن چيو ته ساڳيءَ ريت هارين جا مسئلا اتي ئي بيٺل آهن هن زور ڏنو ته پاڪستان کي 1940 واري قرارداد مطابق بنيادي تبديليون ڪري هلائڻ جي ضرورت آهي. هن موقعي تي تقرير ۾ ڪيتريون ئي قرارديون  پاس ڪيون ويون. هن موقعي تي ڪيترن ئي شين کي ننديو ويو، جن ۾ صوبي ۾ غير جمهوري روايتون مهانگائي صوبي ۾ مستقل وڏيرا شاهي جي راڄ هجڻ جي ڪري لاقانونيت ۽ تباهي شامل آهن. آخر ۾ هنن ڏوڪري ايگريڪلچر ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي گهر ڪئي ۽ اها به گهر ڪئي وئي ته سنڌ جي سياسي ادبي  ۽ قومي تنظيمن کي سنڌ جي سماجي جمهوري سرشتي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي نه ڪي وڏيرا شاهي کي تقويت ڏيڻ گهرجي ۽ سنڌ جي پڇڙي وارن آباد گارن کي پاڻي ڏيڻ واري معاملي تي به زور ڀريو ويو.