بلاگنئون

ڊائري جا ورق

جيڪڏهن توهان ڌرتي جي ڌاڙيلن سان وڙهي نٿا سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ هُنن جي سامهون ٿُڪ اُڇلي نفرت جو اظهار ضروري ڪريو.
***
او ادا! او ڀائو!! جيڪڏهن توهان کي پاڻ واري مِٺي ملڪ جي سياستدانن جو عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم سواءِ اقتداري ايوانن ۾ درد ڀريون ڀليون تقريرون ڪرڻ ۽ اين جي اوز (NGOs) جو سماجي ڪم فور اسٽار هوٽلن ۾ منصوبه بندين ۽ تجويزن سان ڀريل سيمينارن ڪرائڻ کان علاوه ٻئي هنڌ ڪٿي ڪو ڪم نظر ايندو هجي ته مھرباني ڪري منهنجي رهنمائي ڪريو.
***
ڪرونا ويڪسين هڻائڻ وارا ٻن سالن جي اندر مري ويندا… مشهور وائرولاجسٽ لڪ مونٽاگنيئر جي دعويٰ… (هڪ اخباري خبر)
ڪيڏي مهل سوچيندو آهيان ته
1. مٿئين طبقي جو ماڻهو، جنهن جو ڌنڌو ئي آهي ڌرتي جا وسيلا ڦٻائڻ ۽ عوام جي زندگي عذاب بنائڻ.
2. وچئين طبقي جو ماڻهو جيڪو مٿئين طبقي ۾ پهچڻ لاءِ ڪرپشن ۽ رشوت سميت هر غلط ڪم ڪرڻ جي موقعي جي تلاش ۾ رهي ٿو.
3. هيٺئين طبقي جو ماڻهو جيڪو پاڻ تي بيجا ظلم سهي ٿو ۽ اُن لاءِ گهوڙا گهوڙا ته ڪري ٿو، پر وقت اچڻ تي پنهنجي واڳ ساڳين ڦورو لٽيرن جي حوالي ڪري ٿو.
ڀلا جي اهي سڀئي مري ويا ته ڪهڙو فرق پوندو؟ اهي ته هونئن ئي ڌرتي تي بار بڻجي چڪا آهن. ان حساب سان 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار بچي ويندا ڇو جو اُنهن کي ريسرچ موجب ويڪسين ناهي لڳڻي. ٻار جيڪي گناهن ثوابن کان پاڪ ۽ اندر جا اُجرا آهن، اُنهن مان ئي آئيندي جي آشا آهي. اُهي شايد هِن ڌرتي تي انسانن جي ڪيل گندگي کي صاف ڪري هڪ صاف سٿرو سماج جوڙي وٺن ۽ هڪ دفعو وري هي ڌرتي نفرتن ۽ غلاضتن کان پاڪ پيار ۽ امن آتشي جو گهر بڻجي وڃي.
***
عقيدي ۾ عقل (سوچڻ) جي ڪابه گنجائش ناهي، اهو ئي سبب آهي جو هن سدائين پوئلڳ پيدا ڪيا آهن نه ڪي رهبر.
***
هڪ همراهه خوشي مان وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيو هو.
مون پڇيو مانس، “ڀائو خير ته آهي؟”
چيائين: “خبر ڪانه پڙهي اٿئي ته ڪرونا ويڪسين هڻائڻ وارا سڀ مري ويندا!”
مون چيو: ”ڀائو اها ته کلڻ نه پر روئڻ جي ڳالهه آهي ۽ تون وري کلين ٿو؟”
وراڻيائين: “کلان انهي ڪري ٿو ته هاڻي آئون ۽ مون واري بيگم صاحبه ٻئي هڪڙي ٻيڙي ۾ سوار آهيون.”
(نوٽ: پدري سماج جو لطيفو، مرد جي برتر هئڻ واري سوچ جو اظهار ڪنهن به حال ۾ عورت کي جيئڻ جو حق ناهي ڏيڻو).
***
جڏهن شادي شعور سان ٿئي ٿي ته جسم جي ڪا اهميت نٿي رهي. (جيني ڪارل مارڪس).
سڀ ڳالهيون جيني ڪارل مارڪس جون به مڪمل طور ڪونه مڃبيون. جيتري قدر ٿورو گھڻو پاڻ سمجھون ٿا ته، جسمن جي لذتن جو به پنهنجو جهان آهي، جيڪي ماڻھو کي روح جي گھرائي تائين وٺي وڃن ٿيون.
***
مان فطرت جي پيداوار ۽ اُن جو حصو آهيان. فطرت جا قانون، مول متا منهنجي جيون جو رستو ۽ ماڳ آهن. عقيدن، نظرين ۽ فڪرن مون کي باندي بنائي مونکي فطرت کان جدا ڪيو آهي. منهنجي جيون جي پورڻتا ۽ سڦلتا انهن جي غلامي مان نجات ۾ ئي سمايل آهي.
***
ڊپ ۽ بيوسي ڀڳوان جي هئڻ جو ڪارڻ آهي. جڏهن انسان انهن دائرن مان نڪري ايندو ته اُن کي پنهنجي وجود جي بقا ۽ سلامتي لاءِ ٻئي ڪنهن سهاري جي ضرورت محسوس نه ٿيندي.
***
پراڻي پيڙهي کي اهو اڀمان هوندو آهي ته اسان جيڪو دور ڏٺو، اُهو دور ئي اخلاقي قدرن، روين، مزاجن ۽ طور طريقن وغيره جي حساب سان اڄ جي دور جي ڀيٽ ۾ صحيح هو. آئون سمجهان ٿو ته پراڻي پيڙهي کي انهي ناسٽلجيا (ماضي پرستي) مان نڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو سماج جي ارتقا ۽ اوسر اڳتي وڌندي جنهن کي پراڻن قدرن جي سانچن ۾ نه ته ماپي سگهجي ٿو ۽ نه ئي قيد ڪري سگهجي ٿو.
***
لتا جو فلم ميرا سايه جو ڳايل گانو ماضي جي جهروڪن مان ذهن جي ڪينواس تي اُڀري آيو آهي، “تو جهان جھان چليگا، ميرا سايه ساٿ هوگا.”
ڪرونا وائرس کانپوءِ محبوب جو سايو (پاڇو) ته گڏ هلي نه هلي، باقي ماسڪ ضرور گڏ هلندو.
***