جڏهن اسان اهو چوندي نٿا ٿڪجون ته ملڪ جي قومي اسيمبلي اهڙو تقدس وارو ادارو آهي، جتي آئين ٺهندو آهي ۽ قانون سازي ٿيندي آهي، ان ۾ چونڊجي آيل ميمبرن کي حقِ استحقاق حاصل هوندو آهي. ڇو ته انهن مان هرهڪ 10 لک آدمشماري جو نمائندو هوندو آهي، جن جو ڪم قانون ٺاهڻ ۽ ان کي ملڪ اندر لاڳو ڪرڻ هوندو آهي، جنهن سان ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ٿيندي آهي، پر جڏهن سندن ئي ٺهيل قانون جي ماتحت آفيسر يا ادارا کين اسيمبلي اندر ڊوڙائيندا وتن ته پوءِ اسيمبلي جي مان، شان، عزت جون ڳالهيون ڪرڻ ديواني جو خواب محسوس ٿئي ٿو.
چوڻ جي حد تائين ته قومي اسيمبلي کي ملڪ جو سپريم ادارو چيو ويندو آهي، پر ملڪ جي تاريخ ۾ هن کان وڌيڪ ڪسمپرسي وارو ادارو شايد ئي ڪو هجي. جڏهن به ڪو طالع آزما ملڪ تي حملا آور ٿيندو آهي ته سڀ کان پهرين هو اسيمبلي ٽوڙيندو آهي ۽ اسان 2008ع تائين اهو ٿيندي ڏسندا رهياسين، ڪنهن به چونڊيل اسيمبلي پنهنجو مدو پورو نه ڪيو هو. ڪڏهن آمر ان کي ٽوڙيو ته وري ڪڏهن سندس ئي آئين جي آرٽيڪل 58-2B کي صدر مملڪت هٿيار بڻائي قومي اسيمبلي کي گهر ڀيڙو ڪيو. 2008ع کانپوءِ اسيمبليون خوشقسمتي سان پنهنجو مدو پورو ڪنديون رهيون آهن، پر سياستدانن جيڪو حشر اسيمبلي اندر ويهي ڪيو آهي يا اسيمبلي جي ٻاهر ويهي چيو آهي اهو به تاريخ ۾ لکيو پيو آهي. پاڻ کي ملڪ جي مقبول پارٽي چوندڙ جو ليڊر رڪارڊ تي آهي، جڏهن هن اسيمبلي جي لاءِ گٿا لفظ ڳالهايا هئا، انهيءَ پارٽي 2014ع ۾ اسيمبلي جون ديوارون ڪيرايون هيون، وقت جي ستم ظريفي آهي جو هن وقت ان پارٽي جي ميمبرن لاءِ اسيمبلي جي هڪ حصي ۾ ٺهيل لاجز کي اسپيڪر طرفان سب جيل قرار ڏنو ويو آهي، ان سب جيل ۾ تحريڪ انصاف جا گرفتار 10 ميمبر قيد آهن، جن جي مٿان پوليس جو پهرو آهي، اها آهي ملڪ جي اسيمبلي جي عزت، ان جو وقار. جيڪا اسيمبلي پنهنجن ميمبرن جو تحفظ نٿي ڪري سگهي، انهيءَ اسيمبلي مان جيڪڏهن اها توقع ڪجي ته اها ملڪ جي عزت ۽ وقار وڌائيندي، ملڪ جي عوام جو تحفظ ڪندي ته پوءِ اهو چوڻ کان ته ٻٻرن کان ٻير گهرجن ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. اسان کي افسوس سڀني سياستدانن تي آهي، جيڪي سمجهڻ جي باوجود به سندن مٿان مقرر ٿيل ذميداري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا. هڪٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪري پاڻ کي ڪمزور ڪري بيوس بڻجي طاقتور ڌرين جي سامهون ڪمزور حيثيت ۾ نظر اچن ٿا. پوءِ ڀلي اها ڪهڙي به سياسي پارٽي هجي، هن وقت حڪومت (ن) ليگ جي آهي، حڪومت اهڙي بيوس هئي جو پوليس اهلڪار سندن اجازت کانسواءِ اسيمبلي ۾ اندر گهڙي آيا ۽ ڪمرن ۾ موجود ميمبرن کي گرفتار ڪيو. اسپيڪر صاحب آفيسرن کي ته ڪجهه به نه چيو، پر ننڍا ملازم معطل ضرور ٿيا. اسپيڪر صاحب کي اها جرئت نه ٿي ته انهن ميمبرن کي سندن مٿان داخل کِل جهڙين ايف آءِ آر مان آجو ڪرائي. هن صرف انهن تي ايتري مهرباني ڪئي جو انهن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ۽ کين فيڊرل لاجز ۾ قيد ڪيو. (ن) ليگ جي حڪومت هجي يا پي ٽي آءِ جي حڪومت هجي انهن جي سامهون شايد هن ايوان جو وقار اهميت جوڳو نه آهي. ڇو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ پڻ جي يو آءِ ايف جي هڪ ايم اين کي قومي اسيمبلي جي لاجز مان دروازو ٽوڙي گرفتار ڪيو ويو هو، سندس پڳڙي اسيمبلي جي ڪاريڊور ۾ بي توقير ٿي رهي هئي. هاڻي اسپيڪر صاحب هڪ قدم اڳتي وڌندي ان لاجز جي ڪمرن کي جيل جو درجو ڏئي اسيمبلي جي وقار ۾ اضافو ڪيو آهي!!
هتي اسان پيپلز پارٽي جي ساراهه ڪريون ٿا، جيڪا 2014ع ۾ به اسيمبلي جي وقار لاءِ اسيمبلي سان گڏ بيٺي هئي ۽ ان وقت (ن) ليگ جي حڪومت سان گڏ بيٺي هئي، ۽ هن وقت 2024ع ۾ به اسيمبلي جي تقدس کي پائمال ڪندڙ آفيسرن جي مذمت ڪري رهي آهي. هن وقت به پيپلز پارٽي اسيمبلي جي عزت ۽ وقار سان گڏ بيٺي آهي. جيستائين سڀئي پارٽيون اهو سبق حاصل نه ڪنديون ته ڪڏهن (ن) ليگ جا ميمبر ڊوڙندا وتندا ته ڪڏهن پي ٽي آءِ جا ميمبر جيل ۾ موجود هوندا، فيصلو سياستدانن کي ڪرڻو آهي ته ذاتي مفاد وڌيڪ آهي يا اجتماعي مفاد وڌيڪ آهي.