ٿر رڳو تپندڙ واريءَ جو نالو ناهي، هي ته انساني صبر جي آزمائش جو هڪ ابدي رنگ منچ آهي، جتي زندگي هر روز موت جي اکين ۾ اکيون وجهي مسڪرائڻ جو ڏکيو فن سکندي آهي. انساني تاريخ گواهي ڏئي ٿي ته “تاريخ ڪڏهن به محلاتن جي عياشين مان جنم ناهي وٺندي، پر اها هميشه پورهيت جي پگهر ۽ تڪليف جي ريگستان مان جنم وٺندي آهي.” منهنجي حياتيءَ جا اهي چار سال، جيڪي مون ٿر جي ڀٽن تي گذاريا، اهي منهنجي لاءِ ڪنهن اسائنمينٽ جو دور نه، پر روح جي پاڪيزگي ۽ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي تمام ويجهو کان سمجهڻ جو هڪ صوفياڻو سفر هو.
مٺي کان ڏيپلي ڏانهن ويندي، واريءَ جي هڪ اوچي ڀٽ تي منهنجي ملاقات پريتام سان ٿي هئي. پڪي عمر جو اهو ٿري پنهنجي گهٻرائيندڙ، پر سٻاجهي اکين سان منهنجي سامهون ويهي رهيو. مون جڏهن کانئس پڇيو، “پريتام! هن رڻ ۾ اوهان جو گذران ڪيئن ٿيندو آهي؟” ته هن هڪ ٿڌو ساهه ڀري چيو، “صاحب! اسان وٽ واريءَ جا ڀٽ اڃان به تپندا آهن، پر اسان جا هانءُ ناهن تپندا.” ان مهل منهنجي ذهن ۾ اهو جملو گونجيو ته “انسان جڏهن فطرت کان ڪٽجي ويندو آهي، تڏهن هو رشتن کي پيار جي ترازوءَ ۾ نه، پر نفعي ۽ نقصان جي ترازوءَ ۾ توريندو آهي.” پريتام مون کي پنهنجي ڳوٺ وٺي هليو، جتي مون ٿر جي هڪ اهڙي جِيءُ جهوريندڙ حقيقت ڏٺي، جنهن کي مڃڻ کان اسان جو شهري سماج اڄ به لنوائي ٿو. پريتام جي ڳوٺ جي پٽيل (وڏيري)، احمد علي، ٽي شاديون ڪيون هيون ۽ سندس گهر ۾ ٻارن جي هڪ اڻ کٽ قطار هئي. پهرين نظر ۾ اهو شايد ڪو شوق يا قبائلي روايت لڳي، پر جڏهن مون احمد عليءَ سان گفتگو ڪئي ته معلوم ٿيو ته اها سرمائيداراڻي ذهن جي هڪ اهڙي خوفناڪ شڪل آهي، جتي عورتن ۽ معصوم ٻارن کي ڪنهن گهر جا ڀاتي نه، پر ٻنين لاءِ مفت جي سستي مزدوري سمجهيو ويندو آهي. احمد عليءَ چيو، ”صاحب، جيترا گهڻا هٿ هوندا، اوتري ٻني تيزي سان کيڙبي، نوان مزدور رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟” جنهن عمر ۾ معصوم ٻارن جي هٿن ۾ علم جو قلم هجڻ گهرجي، ان عمر ۾ انهن جي ٻاراڻي وهيءَ کي ڏاٽي جي تکي ڌار سان ڪپيو وڃي ٿو. پرهه ڦٽي جو، جڏهن آسمان تي اڃان تارا مرڪندا آهن، تڏهن سڄو گهر ٻنين ۾ ان اميد تي جوٽجي ويندو آهي ته شايد مٽيءَ مان اناج سان گڏ سندن تقدير به سائي ٿي پوي، پر افسوس! اها محنت رڳو هڪ سستي پورهيت جي غلامي بڻجي رهجي وڃي ٿي.
هن رڻ جو سڀ کان وڏو الميو پاڻي آهي. چيو ويندو آهي ته “پاڻي رڳو پياس ناهي اجهائيندو، هي ته تهذيبن جي جيئڻ جو حق هوندو آهي،” پر ٿر ۾ اهو حق هڪ وڏو عذاب بڻيل آهي. پريتام جي گهر واري، موهني، کير پياڪ ٻار کي ڪلهي تي ٻڌي، مٿي تي گهڙن جا ٿرٿلا رکي، ميلن تائين تپندڙ ريت تي پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪرندي هئي. اها لُڪن جي باهه ۽ پيرن جا ڇالا برداشت ڪري، گهر جي پياس اجهائڻ لاءِ جيڪو پاڻي کڻي ايندي هئي، اهو کارو، زهريلو ۽ ڪڙو هوندو هو. تڏهن دل مان هڪ هوڪو نڪرندو هو ته اها ڪهڙي ترقي آهي، جتي پوري ملڪ کي روشن ڪرڻ لاءِ ڪوئلو ته ملي وڃي ٿو، پر انهن معصومن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻيءَ جو هڪ ڍڪ به ميسر ناهي!، پر ان ساري تڪليف ۽ ڏک جي باوجود، ٿر وٽ هڪ عجيب روحاني مرهم آهي، جنهن کين زنده رکيو آهي. تاريڪ رات جو جڏهن مان پريتام ۽ احمد عليءَ سان گڏ ليتن (ريت جي دڙن) تي ويٺو هئس، ته مير محمد پنهنجي مٺي آواز ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو بيت پڙهڻ شروع ڪيو:
“ور جينءَ وڍينءَ ڪپينءَ، تينءَ تينءَ تات تات،
مون کي تنهنجي تات، ڪاتيءَ ڪونهي ڪم روءِ.”
مون حيرت مان پڇيو، “احمد علي! اوهان تعليم ته گھٽ پرائي، پر اوهان کي شاهه جو رسالو ائين ياد آهي ائين جيئن ڪو حافظ هجي؟” تنهن تي پريتام مسڪرائي چيو، “صاحب! اسان جي نصاب جا ڪتاب ته وڏيرن جي اوطاقن ۾ بند آهن، پر ڀٽائيءَ جو رسالو اسان جي روح جو نصاب آهي. هتان جي هر ٻار، عورت ۽ مڙس کي اڌ کان مٿي رسالو زباني ياد آهي. جڏهن ڏڪار پوندو آهي ۽ پاڻي کٽي ويندو آهي، تڏهن اسان ڪنهن اڳيان دانهن ناهيون ڪندا، اسان شاهه جو “سر سارنگ” ڳائي آسمان کي جهڪڻ تي مجبور ڪندا آهيون.” حقيقت اها آهي ته تعليم کان سواءِ ڪو به سماج ائين آهي، جيئن بنا روح جي ڪو لاش، پر ٿر جي ماڻهن پنهنجي روح کي ڀٽائيءَ جي وائيءَ سان زنده رکيو آهي. جيتوڻيڪ اسڪولن جون عمارتون ويران آهن ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ سبب اڄ به ڪيتريون ئي مائون اسپتال پهچڻ کان اڳ چيڪڙن تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏينديون آهن، پر کين پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق اڄ به مضبوط رکيو بيٺو آهي. “جيستائين اسان انسان کي انسان نه سمجهنداسين، تيستائين اسان جي هر ترقي ڪوڙي ۽ بي معنيٰ آهي.” ٿر کي اڄ همدرديءَ جي خيرات يا ڪاغذي منصوبن جي ضرورت ناهي، پر ان کي مالڪي ۽ هڪ سچي دردِ دل جي ضرورت آهي. جيستائين ٿر جي عورت کي پاڻيءَ جي عذاب کان نجات نه ملندي، ٻار جي هٿ ۾ ڏاتريءَ بدران ڪتاب نه ايندو، ۽ احمد علي جهڙن ماڻهن کي شادين جي اوٽ ۾ سستا پورهيت پيدا ڪرڻ جي آگاهي نه ملندي، تيستائين ٿر جي خوشحاليءَ جا سڀ داستان رڳو واريءَ تي لکيل اکر ثابت ٿيندا، جيڪي هڪ ئي تيز هوا جي جهوٽي سان ميسارجي ويندا. …(ھلندڙ)