سفر ناموسفرنامونئون

برطانيه جي ڀونءِ ۾… (سفر نامو قسط-پنجين)

رومفرڊ جي رستن تي

هن وقت ذري گھٽ صبح جا اٺ ٿيا آهن ۽ تقريبن سارو رومفرڊ جاڳي چڪو آھي. رومفرڊ جا شاپنگ مال، دڪان، بازارون سڀ کلي چڪيون آهن ۽ انهن ۾ ماڻهن جي چهل پهل روان دوان آهي. ٽريفڪ به روڊن تي ڦوهه جواني جيان جاري آهي. هتي گورنمينٽ ٽرانسپورٽ (بسون ۽ ٽرينون) سڄو ڏينهن ۽ رات هلنديون آهن. سرڪار جي ان سهولت مان عام و خاص ماڻهو ڀرپور فائدو وٺندو آهي، ڇو جو ھتي پرائيويٽ ٽيڪسي مهانگي هئڻ ڪري هرڪو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪرڻ کي ئي بهتر سمجهندو آهي. ڏينهن جي وقت ۾ ٽرينون توڙي بسون پنهنجين اسٽيشنن/اسٽاپن تي هڪ منٽ کان وٺي پنجن ستن منٽن جي وقفي تي اينديون رهنديون آهن، جنهن ڪري عام پبلڪ کي ايڏو وڏو انتظار ڪرڻو نٿو پوي، باقي رات جي وقت ۾ ماڻهن جي اچ وڃ گهٽ هئڻ جي ڪري بسن ۽ ٽرينن جي آمد ۽ روانگي ۾ اڪثر 15 منٽن کان وٺي اڌ ڪلاڪ جو وقفو هوندو آهي. لنڊن شهر جي هزارين بس اسٽاپن ۽ ٽرين اسٽيشنن تي، گاڏين جي هڪ منٽ کان وٺي پنجن ستن منٽن جي اندر آمد مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هتي ٽرانسپورٽ جو ڪيترو نه بهترين انتظام آهي. ٽرينون سڀ بجلي تي آھن ۽ بنا ڊرائيور جي آٽوميٽڪ ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم تحت ھلن ٿيون، جنھن ڪري ايڪسيڊنٽ جا امڪان تقريبن زيرو ھجن ٿا، ڇو جو غير ذميواري ۽ غلطي ته صرف انسان کان سرزرد ٿئي ٿي ڪمپيوٽر کان نه. پبلڪ لاءِ ھلندڙ لوڪل بسون به زيادہ تر بجلي تي آھن ۽ ڪافي آرامده آھن، جن ۾ ڪي ھڪ ماڙ آھن ته ڪي ٻه ماڙ (ڊبل ڊيڪر). ٽرينون ۽ بسون بجلي تي ھئڻ سبب ھِتي ماحولياتي آلودگي جو مسئلو نه ھئڻ جي برابر آھي، جنھن ھونئن اڄڪلھ جي انسان کي ڪافي پريشان ڪري رکيو آھي ۽ ڌرتي جي تباھي لاءِ ھڪ خطرناڪ چتاءُ بڻيل آھي. بسن ۽ ٽرينن جي ايڏي سهولت کانپوءِ پرائيويٽ گاڏي يا ٽيڪسي جي ضرورت ئي نٿي پوي. ٻيو ته هتي جي سوسائٽي ۾ ڪو ڪامپليڪس به ڪونهي. عام ماڻهو کان وٺي اسيمبلي ميمبر يا منسٽر تائين سڀ گھڻو ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪن ٿا ۽ اُن ۾ ڪابه برائي/عيب نٿا محسوس ڪن. جڏهن ته پاڻ وٽ ھڪ عام پوليس وارو يا تپيدار به پاڻ کي صاحب سمجهي ٿو ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪرڻ کي پنهنجي توهين سمجهي ٿو. وڏيري، رئيس، پير، ڪاموري، اسيمبلي ميمبر ۽ وزير ڪبير جي ڳالهه ته اڃان به پري آهي. هتي ڪير به ڪنهن کي سر(Sir)  نٿو چوي ۽ اُن کي گار(Insulting)  سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته پاڻ وٽ ڪنهن کي سر، صاحب يا رئيس نه چئو ته همراهه ائين ٻوٿ سڄائي وٺندو، ڄڻ ڪنهن سندس منهن تي دانگي ملي ورتي هجي. هاڻي ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اهي قومون (انگريز) ڇو ترقي ڪري ويون آهن ۽ اسان جو جيئن پوءِ تيئن ذهني ڏيوالو ڇو نڪرندو وڃي. جيسين اسان پنهنجن روين ۽ ذهنيت ۾ تبديلي نٿا آڻيون، تيسين اسانجي سڌرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هاڻي اچو ته لنڊن شهر جي رومفرڊ علائقي جو تفصيلي احوال ڄاڻون. لنڊن جو شهر لنڊن سميت ڪل 33Boroughs  (ڪائونسلن) ۾ ورهايل آهي، جنهن مان رومفرڊ به هڪ آهي جيڪو هئورنگ(Havering)  بورو(Borogh)  يا ڪائونسل ۾ اچي ٿو. هتي هر ڪائونسل پنهنجي علائقي جي صفائي سٿرائي، ڊرينيج، واٽر ۽ بجلي جي سپلاءِ، تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ بااختيار ادارو آهي. ان حساب سان علائقي جون اسپتالون، اسڪول ۽ سماجي ادارا به ڪائونسل جي ماتحت هوندا آهن. رومفرڊ کي سرسري گهمڻ کان اڳ اچو ته رومفرڊ جو ٿورو تاريخي جائزو وٺون.

رومفرڊ(Romford)  جو نالو قديم انگريزي ٻولي مان آيو آهي. اصل ۾ اهو لفظ Rumford آهي، جنهن ۾Rum  ندي (پاڻي) لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽Ford جي معنيٰ آهي هنڌ، يعني اُها جاءِ جتي پاڻي ايترو اونهون نه هجي ۽ ان مان ماڻهو، جانور يا جانورن سان جوٽيل گاڏيون (ڇاڪاڻ جو پراڻي زماني ۾ اڃان ڪارون، موٽرون ايجاد نه ٿيون هيون) آساني سان گذري سگهن. لفظRumford اڳتي هلي Romford لفظ جي صورت (اُچار) اختيار ڪيو. ان اشتقاق جي حساب سان رومفرڊ جو مطلب ٿيو پاڻي (ندي) جو اُهو وڏو ۽ تراکڙو هنڌ جتان ماڻهو جانور توڙي گاڏيون آساني سان پار ڪري سگهن. هونئن به جيڪڏهن انسانن جي اوائلي رهائشي علائقن جو جي ذڪر ڪجي ته اُهي علائقا جتي پاڻي جي فراواني زياده هئي اتي ئي انسان رهائش اختيار ڪرڻ کي بھتر سمجھيو، ڇاڪاڻ جو انسان جي کاڌ خوراڪ (زراعت) ۽ جياپو پاڻي کانسواءِ ممڪن ئي نه آهي. اهوئي سبب آهي ته انسان جي تهذيب ۽ تمدن جي شروعات به پاڻي (ندين) جي گهيڙن گهٽن کان شروع ٿي. ھندن جا مقدس ۽ قديم تاريخي چار ويد به سنڌو ندي جي ڪناري ئي لکيا ويا هئا. شايد اهوئي سبب آهي جو پراڻين ميٿالاجين ۾ ندين کي تهذيبن جي ماءُ ڪري ڪوٺيو ويو آهي.

جيئن پاڻ وٽ لفظ ٽنڊو جي پويان کوڙ سارا شهر آهن. مثال طور: ٽنڊوباگو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ٺوڙهو، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو سومرو وغيره. تيئن هتي انگلينڊ ۾ بهFord  جي ڳنڍيل لفظ سان رڳو رومفرڊ(Romford)  جو علائقو ناھي، پر ٻيا به ڪافي شهر يا علائقا آهن، جيئنStratford, Watford, Bedford, Oxford ۽Guildford  وغيره وغيره. ٻيو ته ٺهيو، پر انگريزي ٻولي جي اثر سبب آمريڪا ۾ به توهان کي اهڙن نالن جا شهر يا علائقا ملندا، مثال طور: Bridge ford, Deeford, Hartford, Sanford وغيره. اهي سڀ شهر يا علائقا جن جي پويان توهان کيFord  ملندو، اُھي سڀ اوھان کي صاف سٿرا ۽ سهولتن سان آراسته ملندا. جڏهن ته پاڻ وٽ اُهي سڀ شھر جن جي اڳيان ٽنڊو لڳل آهي، سواءِ ٽنڊي سومري جي، باقي سڀني شھرن جو ٻيڙو ٻڏل نظر ايندو. نه انهن ۾ لائيٽ لڀندي، نه ئي صفائي سٿرائي ملندي. سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن جا ادارا ته پري جي ڳالهه، پر پنهنجا شھر ائين اڍنگي نموني وڌندا پيا وڃن ۽ گهٽيون روڊ رستا اهڙا سوڙها ٿيندا ٿا وڃن، جو انهن مان گاڏيون گذرڻ ته ٺهيو، پر هاڻي ته لاش به آساني سان نڪري نٿو سگهي. اسين پاڻ کي موهن جي دڙي جي عظيم الشان تھذيب جي تسلسل ھئڻ جي حوالي کان اڄ کان پنج هزار سال کان به اڳ سڌريل هئڻ جي، دعويٰ ڪريون ٿا ۽ فخر سان دنيا کي ٻڌايون ٿا ته اُن زماني ۾ باقي دنيا جا شهر نه ته ڪنھن ڍنگ (نقشي) سان اڏيل هئا ۽ نه ئي انهن ۾ ڪي بنيادي سهولتون ميسر هيون جھڙيون موھن جي دڙي ۾ ھيون. ٺيڪ آهي اهو کڻي مڃي به وٺجي، پر تهذيب ۽ تمدن جي ارتقا جي تسلسل ۾ اڄ اسين ڪٿي بيٺا آهيون!؟ ڪالهه جنهن مغربي دنيا کي اسان کنڊرن سان ڀيٽيو ٿي، اڄ انهن جا شهر صاف سٿرا ۽ بنيادي توڙي هر سهولت سان آراسته آهن ۽ اسان جو جيئن پوءِ تيئن ٻيڙو ٻڏندو وڃي ٿو.

جيڪڏهن رومفرڊ علائقي جو تاريخي حوالي کان جائزو وٺجي ته قديم رومن دور ۾ هتي هڪ رستوRoman Road  هوندو هو جنهن جو پراڻو نالو Rum جي نالي پويان هو، جيڪو لنڊن کان ڪولچسٽر ويندو هو.Rum  ندي جيڪا اڳتي هلي اُچارڻ ۾Rom  بڻجي وئي ۽Ford  جيئن ته ندي جو اهو هنڌ چَورائيندو هو جتان ماڻهو، جانور توڙي گاڏيون وغيره پار ٿينديون هيون، انهي ڪري ٻنهي لفظن يعنيRom + ford  جي ميلاپ سان هن علائقي جو نالوRomford  پئجي ويو. وچيئين دور(Medieval period) يعني تقريبن 1247 ۾ رومفرڊ کي بادشاهه هينريIII  هڪ چارٽر (دستاويزي حڪم) جي ذريعي هفتيوار مارڪيٽ هلائڻ جي قانوني اجازت ڏني. هن مارڪيٽ ۾ ٽيڪس وٺڻ، واپار جي رستي تي ڪنٽرول ۽ مخصوص ڏينهن تي مارڪيٽ لڳائڻ جا حق ڏنا ويا. هتي پهرِين هفتي ۾ فقط هڪ ڏينهن لاءِ مارڪيٽ لڳندي هئي. 18 ۽ 19 صدي ۾ هن علائقي (رومفرڊ) وڏي ترقي ڪئي ۽ ريلوي نظام اچڻ کانپوءِ اڃان به وڌيڪ پکڙجي ويو. هن وقت هي علائقوLondon Borough Havering  جو حصو آهي ۽ وڏو ڪاروباري مرڪز آهي. اها پراڻي مارڪيٽ جيڪا 1247 کان هفتي ۾ هڪ ڏينهن تي لڳندي هئي، هن وقت هفتي ۾ ٽي ڏينهن يعني اربع، جمع ۽ ڇنڇر تي لڳي ٿي، جنهن ۾ ڀاڄيون، فروٽ ۽ روزمره استعمال جون عام شيون سستي اگهه تي ملن ٿيون. (هن مارڪيٽ جو ذڪر ڪنهن ٻئي ڀيري ڪبو). رومفرڊ جنهن کي هاڻي لنڊن جيBorough يعني ڪائونسل هئڻ جو درجو حاصل آهي، اُن جي صفائي سٿرائي جي ڇا ڳالهه ڪجي. اها ته پنهنجي جاءِ تي ڀلي ئي آهي، پر هتي جا روڊ رستا پڻ ڪشادا آهن. پراڻن (قديم) گهرن ۽ مارڪيٽ سان گڏ هتي جديد رهائشي عمارتون ۽ ڪاروباري مرڪز به آهن. رومفرڊ ۾ جتي توهان کي 17 کان 18 صدي وارو پراڻو جارجين(Georgian)  تعميري انداز ملندو ته اتي توهان کي 19 هين صدي وارو گوٿڪ(Gothic)  عمارتي اڏاوت جو جوهر به نظر ايندو. هتي توهان کي وڪٽورين دور (راڻي وڪٽوريا (1901-1837) جي نالي پويان) جا مزدورن لاءِ ٺاهيل مخصوص ۽ هڪ جهڙي نقشي جي ڊزائين وارا گهر به نظر ايندا، جن ۾ اڳيان ڪمرو ۽ پويان اڱڻ ٺهيل آهي. جتي رومفرڊ جون قديم عمارتون ماضي جي خوبصورت عمارت سازي جون عڪاس آهن ته اتي جديد تعميري انداز جون عمارتون به نظر اينديون. ورسٽائل آرڪيٽيڪچر ۽ ڊزائننگ سان سجايل هي رهائشي توڙي ڪاروباري علائقو لنڊن جو منفرد علائقو نظر اچي ٿو. رومفرڊ جا پراڻا گهر جيڪي روڊ جي ٻنهي پاسن ۾ هڪ ئي ڊزائين ۾ ڳاڙهين سرن سان ٺهيل آهن، انهن ۾ زياده تر اڇي رنگ جا در ۽ دريون آهن ۽ انهن جون ڇتيون ٽڪنڊي (پئرامڊ) نما آهن، جيئن بارشن ۾ پاڻي ڇتين تي جمع نه رهي ۽ آساني سان وهي وڃي، ڇو جو هتي بارشون سڄو سال پونديون ئي رهنديون آهن. انهن گهرن جي مٿان دونهن جي نيڪال لاءِ چمنيون لڳل آهن، ڇاڪاڻ جو انهن گهرن جي ڪمرن ۾ چلهون(Coal fire Places) ٺهيل آهن، جن ۾ سياري جي گھڻي سردي کان بچاءُ لاءِ ماڻهو ڪوئلو يا ڪاٺيون ٻاريندا هئا ۽ اهي چمنيون باهه مان پيدا ٿيندڙ دونهن جي نيڪال لاءِ رکيل آهن. بجلي دريافت ٿيڻ کانپوءِ هاڻي ته اهي چمنيون (coal fire places) ۽ فقط ماضي جون يادگار بڻجي رهجي ويون آهن. ڇاڪاڻ جو هاڻي سياري ۾ گهرن کي گرم رکڻ لاءِ هيٽر استعمال ٿين ٿا، پر پوءِ به انهن قديم گهرن جي ڇتين مٿان لڳل چمنيون ائين خوبصورت نظر اچن ٿيون، جيئن ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد شهر جي گهرن جي ڇتين تي منگهه (بازيگر) نظر ايندا هئا. رومفرڊ توڙي لنڊن جي مختلف علائقن ۾ جيڪي هڪ ئي نقشي وارا منفرد ڊزائين جا ڪاسڪ گهر ٺهيل آهن، اُنھن کي ڏسندي ئي من کي وڻڻ لڳن ٿا. انهن گھرن ۾ ايريا يا ڊزائين ۽ سھولتن جي حساب سان مختلف ڪئٽيگريون آهن. (1) جيڪڏهن سڀ گهر هڪ سڌي قطار ۾ هڪ ٻئي جي ڀت ڀت سان لڳل آهن ته انهن کي Terraced Houses ڪوٺيندا آهن. (2) جيڪڏهن وچ ۾ ٿوري جاءِ هوندي ۽ ٻه ٻه گهر هڪڙي ئي سڌي لائين ۾ هوندا ته اهڙن گهرن کيSemi Deteched Houses ڪوٺيندا آهن. (3) هڪڙي ئي قطار ۾ مڪمل اڪيلو (سنگل) يا هڪڙو هڪڙو گهر جنهن جي ٻنهي پاسي ۽ پٺيان/سامهون خالي جاءِ هوندي آهي ته اهڙن گهرن کيDetached Houses  ڪوٺيو ويندو آهي. (4) هڪڙي قطار ۾ بلڪل پڇاڙي وارو گهر جنهن جي ڀت جي هڪ پاسي خالي جڳهه هوندي آهي، اُن کيEnd of Terrace House  ڪوٺيندا آهن. هي سڀني قسمن جا گهر جارجين، گوٿڪ ۽ وڪٽورين آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ تي ٺهيل آهن ۽ مون کي انهن جو نظارو ڏسي البانيا جي شهر بيرات ۾ سفيد رنگ جا هڪ ئي ڊزائين جا ٺهيل گهر ياد آيا. انهن جي يڪسان خوبصورت نظاري تي لطيف سائين جو بيت ذهن تي تري آيو آهي:

 “جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون.”

رومفرڊ ۾ گهمڻ (آئون جنهن کي آواره گردي چوندو آهيان) لاءِ نڪري پئو ته توهان کي هر طرف رونق ئي رونق ملندي. ساوڪ سان سٿيل هن علائقي ۾ هلندا رهو ته ڪٿي توهان کي قديم گهرن جو سلسلو نظر ايندو ته وري انهن جي اڳيان وڻ ۽ ڇٻرون ملنديون. وري ٿورڙو اڳيان هلو ته توهان کي محسوس ٿيندو ته توهان ڪنهن جهنگ ۾ اچي ويا آهيو، جتي رڳو وڻ ئي وڻ نظر ايندا. وري ٿورڙو اڳيان هلو ته مختلف ڊزائنن (جديد توڙي قديم) گهرن جو سلسلو وري شروع ٿي ويندو. وري اڳيان هلو ته اهائي وڻڪار ۽ اهوئي جهنگ ۽ وري اڳيان دڪان شاپنگ مال، بازارون…

رومفرڊ ته ڇا، پر سڄو لنڊن توهان کي هڪ ئي وقت جهنگ به لڳندو ته شهر به لڳندو. انگريزن جو فطرت سان ايترو پيار آهي جو هي وڻ ۽ ٻوٽا نه صرف صحيح سلامت آهن، پر اهي انهن جو ڀرپور خيال به رکن ٿا ۽ حفاظت به ڪن ٿا ۽ انهن جي سارسنڀال (شيوا پاڻي) به خود ڪن ٿا. پنهنجي ملڪ ۾ وري صورتحال ڪجهه مختلف آهي. اسان وٽ شهرن ۾ وڻ ٻوٽا پوکڻ ته پري جي ڳالهه، پر جيڪي انگريزن جي بادشاھي جي زماني ۾ وڻ ٽڻ ھِتي ھئا، اُھي به پاڻ وارن جوان جي پُٽن ڪٽي وڪڻي کائي کپائي ڇڏيا. پاڻ وٽ جيڪي ٻيلا آهن اهي به اسان کان سنڀاليا نٿا ٿين. پري ڇو ٿا وڃو، ٺٽي ضلعي جي ٻيلن کي ئي ڏسو، وڏيرن سڄي ٻيلي مان وڻ پٽائي ان کي سڃو ڪري ڇڏيو آهي. اتر ۾ ته ڌاڙيلن ٻيلن کي پنهنجيون پناهه گاهون ٺاهي ڇڏيون آهن يا وري ڪٿي ائين ٿيو آهي ته اسان جي سرڪار نامدار ڌاڙيلن مٿان آپريشن جي بهاني ۾ انهن ٻيلن جو ئي ستياناس ڪري ڇڏيو آهي. ھتي وڻ سرڪار جي اجازت کانسواءِ ڪٽي نٿو سگھجي، جي ڪير ڪٽيندو ته اُن تي ايف آءِ آر ڪٽجي ويندي ۽ اُن جي ڳري سزا آھي. پاڻ وٽ به انگريزن جي زماني کان اھو قانون آھي، پر جنھن ملڪ ۾ ماڻھو مارڻ تي ايف آءِ آر داخل نٿي ٿئي اُتي وڻ ڪٽڻ تي ڪھڙو قانوني قدم کڄندو؟ ھن ملڪ ۾ جھونن (قديم) وڻن کي ته ڪٽڻ جي قطعي اجازت ناھي، ڇاڪاڻ جو اُھي ماضي ۽ تھذيب جو ورثو شمار ڪيا ويندا آھن. پاڻ وٽ ته هتي جھونن ماڻھن (سينيئر سٽيزنس) کي ئي سرڪار ڪونه ٿي کنگھي ۽ سارسنڀال لھي، سا ڀلا جھونن وڻن جو ڪھڙو خيال رکندي؟ انهن جهنگ نما علائقن ۽ ان ۾ وقفي وقفي تي وسندڙ خوبصورت گهرن، پراڻن ۽ نون گهرن، بازارن ۽ مارڪيٽن جو منظر هڪ ته طبيعت کي راس اچي ٿو، ٻيو ته انهن فطرت جي سونهن سان سجيل گھٽ وسندين وارن علائقن ۾ ماڻھو کي آڌي مانجھي ڪوبه ڦرجڻ يا مارجڻ جو ڊپ ڪونه ٿو هجي. جڏهن ته پاڻ وٽ رات ته ٺھيو، پر ڏينهن جو به وسندڙ آباديون خطري کان خالي نه رهيون آهن. هتي رومفرڊ جي هن ننڍڙي علائقي جي بازارن ۾ جيڏي مھل وڃو، هر وقت رونق ئي رونق لڳي پئي آهي. صفائي سٿرائي سان گڏ سامهون دڪانن جي اڳيان ڪشادن رستن تي وقفي وقفي تي بينچون نظر اينديون، ڪي وڻن جي هيٺان ته ڪي وري ائين ئي کُلئي آسمان هيٺ. وڻڪار هئڻ ڪري ھر جاءِ تي ڪبوتر به چڳندي نظر ايندا. شهري علائقن ۾ رهڻ جي ڪري ڪبوتر به پنهنجي قدرتي خوراڪ سان گڏ جديد کاڌا يعني پيزا، برگر ۽ چپس وغيره کائڻ تي هِري ويا آهن. اڄڪلھ جو نسل ته فاسٽ فوڊ سبب موٽو ٿيندو وڃي ۽ صحت جو ستياناس ڪندو وتي، پر ھن بخش جانورن ۽ پکين کي به ڪونه ڪيو آھي ۽ اُنھن ۾ به اھي عادتون پائي ڇڏيون آھن، جنھنڪري اُنھن کان به سندن اصلي قدرتي خوراڪ وسرندي وڃي.
ڪٿي ڪٿي بازار يا مارڪيٽ جي ڪنهن ڪنڊ يا چوراهي تي ڪو فنڪار (مرد يا عورت) توھان کي ڳائيندي يا ساز وڄائيندي نظر ايندو. هاڻي اوهان تي ڇڏيل آهي ته توهان فنڪار کي مفت ۾ ٻڌي مزو وٺو يا هڪ پائونڊ، ٻه پائونڊ يا جيڪو به من چئي اُن کي ڏيو. هي جديد دور آهي ۽ جيئن ته ماڻهو کيسن ۾ پئسا گهٽ ۽ اڪثر ڪريڊٽ ڪارڊ رکن ٿا، سو انهن فنڪارن وٽ اسڪينر به لڳل (موجود) هوندو آهي، جنهن تيQR  ڪوڊ لڳل هوندو آهي. توهان جي فنڪار کي ڪجهه ڏيڻ چاهيو ٿا تهQR  ڪوڊ تي ڪارڊ اسڪين ڪري جيترو من چاهي اُن کي ڀيٽا ڏئي سگهو ٿا. انهن فنڪارن کي ڏسي آئون سوچيان ٿو ته پاڻ وارن فنڪارن ۾ اهو افعال به ناهي. نڀاڳا بک پيا مرندا ۽ پوءِ ثقافت کاتي کي اُبتيون سبتيون اپيلون ڪري پيا پنهنجي ضمير جي تذليل ڪندا، پر پنهنجي ڏات کي عزت واري روزگار ڪمائڻ لاءِ حرام آهي جو صحيح رستو اختيار ڪن، جتي رومفرڊ ۾ کاڌي پيتي جي ريسٽورينٽس تي رونق لڳي پئي هوندي آهي ته اُتي توھان کي دڪانن توڙي شاپنگ مالن ۾ به گهماگهمي نظر ايندي. هتي لباس جو ڪوبه مسئلو ڪونهي، جيڪو وڻي سو پايو. روڊن، رستن، بازارن ۽ مالز ۾ توهان ڪهڙو لباس پائي هلو ٿا، اُن تي ڪير به ڌيان نٿو ڏئي. بڪني يا بريزر مان ڪم هلايو يا مني اسڪرٽس يا چڍا وغيره، ڪير به توهان ڏانهن لوڻو نه هڻندو ۽ نه ئي ڪو لوس لوسان ڪندو. پاڻ وٽ ته جنسي پابنديون ھئڻ سبب نوجوانن جي سڄي عمر بجاءِ ڪيريئر سنوارڻ ۽ تخليقي صلاحيتن کي اُڀارڻ جي لوس لوسان ۾ ئي گذريو وڃي. اجايو سجايو ھوٽلن تي چانھ جي ڪوپ تي وقت وڃائيندڙ ۽ روڊن رستن تي خوامخواھ ڌڪا کائيندڙ اھي نوجوان شل نه ڪا عورت پوءِ ڀلي اُھا برقعي ۾ ڇو نه ھجي رستي تي اڪيلي ڏسن، بس پوءِ واڇون ٽڙي ويندن ۽ ان جو گھر تائين پيڇو ڪندي به نٿا مڙن. هتي مرد توڙي عورتن کي ٻانهن، ٽنگن، گلي ۽ جسم جي ٻين حصن تي اڪثرTatto  (نقش) ٺهرايل نظر ايندا، جن ۾ گلڪاري خطاطي ۽ مختلف جانورن ۽ پکين جن ۾ ڊريگن، نانگ وغيره جي ڊزائين جا ٽيٽو شامل آهن. اهو هتي يورپ جي ماڻهن جو خاص شوق آهي. مون کي ياد آهي ته ڪنهن زماني ۾ پاڻ وٽ اڪثر باگڙين ۽ ميگهواڙ عورتن توڙي مردن ۾ خصوصن ٻانهن توڙي چهري تيTatto  (نقش) ڪڍرائڻ جو عام ٽرينڊ هوندو هو. انهن نقشن ۾ ديوتائن جون مورتيون يا ڌرمي نقطا، اوم وغيره لکيل هوندا هئا. ڪافي وقت ٿيو پاڻ وٽ نقش(Tatto)  ڪڍرائڻ جو اهو پراڻو رواج ختم ٿي ويو، پر هاڻي وري پنهنجي نئين جنريشن ۾ ٽيٽو ڪڍرائڻ جو نئين سري سان ٽرينڊ شروع ٿيڻ لڳو آهي.

رومفرڊ ۾ گهمڻ جي حوالي کان به کوڙ ساريون شيون آهن، جن ۾ پراڻي مارڪيٽ، تاريخي سينٽ ايڊورڊ چرچ، رافيل پارڪ، مرڪيوري ۽ لبرٽي شاپنگ مال، ڪتن جي ڊوڙ جو آکاڙو (Romford, Grey Hound Stadium)، بيڊ فورڊس پارڪ، هئورنگ ميوزيم وغيره شامل آهن، جن جو ذڪر پاڻ اڳيان هلي ڪنداسين.

…(ھلندڙ)…