رومفرڊ جي رستن تي
رومفرڊ(Romford) جو نالو قديم انگريزي ٻولي مان آيو آهي. اصل ۾ اهو لفظ Rumford آهي، جنهن ۾Rum ندي (پاڻي) لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽Ford جي معنيٰ آهي هنڌ، يعني اُها جاءِ جتي پاڻي ايترو اونهون نه هجي ۽ ان مان ماڻهو، جانور يا جانورن سان جوٽيل گاڏيون (ڇاڪاڻ جو پراڻي زماني ۾ اڃان ڪارون، موٽرون ايجاد نه ٿيون هيون) آساني سان گذري سگهن. لفظRumford اڳتي هلي Romford لفظ جي صورت (اُچار) اختيار ڪيو. ان اشتقاق جي حساب سان رومفرڊ جو مطلب ٿيو پاڻي (ندي) جو اُهو وڏو ۽ تراکڙو هنڌ جتان ماڻهو جانور توڙي گاڏيون آساني سان پار ڪري سگهن. هونئن به جيڪڏهن انسانن جي اوائلي رهائشي علائقن جو جي ذڪر ڪجي ته اُهي علائقا جتي پاڻي جي فراواني زياده هئي اتي ئي انسان رهائش اختيار ڪرڻ کي بھتر سمجھيو، ڇاڪاڻ جو انسان جي کاڌ خوراڪ (زراعت) ۽ جياپو پاڻي کانسواءِ ممڪن ئي نه آهي. اهوئي سبب آهي ته انسان جي تهذيب ۽ تمدن جي شروعات به پاڻي (ندين) جي گهيڙن گهٽن کان شروع ٿي. ھندن جا مقدس ۽ قديم تاريخي چار ويد به سنڌو ندي جي ڪناري ئي لکيا ويا هئا. شايد اهوئي سبب آهي جو پراڻين ميٿالاجين ۾ ندين کي تهذيبن جي ماءُ ڪري ڪوٺيو ويو آهي.
ڪٿي ڪٿي بازار يا مارڪيٽ جي ڪنهن ڪنڊ يا چوراهي تي ڪو فنڪار (مرد يا عورت) توھان کي ڳائيندي يا ساز وڄائيندي نظر ايندو. هاڻي اوهان تي ڇڏيل آهي ته توهان فنڪار کي مفت ۾ ٻڌي مزو وٺو يا هڪ پائونڊ، ٻه پائونڊ يا جيڪو به من چئي اُن کي ڏيو. هي جديد دور آهي ۽ جيئن ته ماڻهو کيسن ۾ پئسا گهٽ ۽ اڪثر ڪريڊٽ ڪارڊ رکن ٿا، سو انهن فنڪارن وٽ اسڪينر به لڳل (موجود) هوندو آهي، جنهن تيQR ڪوڊ لڳل هوندو آهي. توهان جي فنڪار کي ڪجهه ڏيڻ چاهيو ٿا تهQR ڪوڊ تي ڪارڊ اسڪين ڪري جيترو من چاهي اُن کي ڀيٽا ڏئي سگهو ٿا. انهن فنڪارن کي ڏسي آئون سوچيان ٿو ته پاڻ وارن فنڪارن ۾ اهو افعال به ناهي. نڀاڳا بک پيا مرندا ۽ پوءِ ثقافت کاتي کي اُبتيون سبتيون اپيلون ڪري پيا پنهنجي ضمير جي تذليل ڪندا، پر پنهنجي ڏات کي عزت واري روزگار ڪمائڻ لاءِ حرام آهي جو صحيح رستو اختيار ڪن، جتي رومفرڊ ۾ کاڌي پيتي جي ريسٽورينٽس تي رونق لڳي پئي هوندي آهي ته اُتي توھان کي دڪانن توڙي شاپنگ مالن ۾ به گهماگهمي نظر ايندي. هتي لباس جو ڪوبه مسئلو ڪونهي، جيڪو وڻي سو پايو. روڊن، رستن، بازارن ۽ مالز ۾ توهان ڪهڙو لباس پائي هلو ٿا، اُن تي ڪير به ڌيان نٿو ڏئي. بڪني يا بريزر مان ڪم هلايو يا مني اسڪرٽس يا چڍا وغيره، ڪير به توهان ڏانهن لوڻو نه هڻندو ۽ نه ئي ڪو لوس لوسان ڪندو. پاڻ وٽ ته جنسي پابنديون ھئڻ سبب نوجوانن جي سڄي عمر بجاءِ ڪيريئر سنوارڻ ۽ تخليقي صلاحيتن کي اُڀارڻ جي لوس لوسان ۾ ئي گذريو وڃي. اجايو سجايو ھوٽلن تي چانھ جي ڪوپ تي وقت وڃائيندڙ ۽ روڊن رستن تي خوامخواھ ڌڪا کائيندڙ اھي نوجوان شل نه ڪا عورت پوءِ ڀلي اُھا برقعي ۾ ڇو نه ھجي رستي تي اڪيلي ڏسن، بس پوءِ واڇون ٽڙي ويندن ۽ ان جو گھر تائين پيڇو ڪندي به نٿا مڙن. هتي مرد توڙي عورتن کي ٻانهن، ٽنگن، گلي ۽ جسم جي ٻين حصن تي اڪثرTatto (نقش) ٺهرايل نظر ايندا، جن ۾ گلڪاري خطاطي ۽ مختلف جانورن ۽ پکين جن ۾ ڊريگن، نانگ وغيره جي ڊزائين جا ٽيٽو شامل آهن. اهو هتي يورپ جي ماڻهن جو خاص شوق آهي. مون کي ياد آهي ته ڪنهن زماني ۾ پاڻ وٽ اڪثر باگڙين ۽ ميگهواڙ عورتن توڙي مردن ۾ خصوصن ٻانهن توڙي چهري تيTatto (نقش) ڪڍرائڻ جو عام ٽرينڊ هوندو هو. انهن نقشن ۾ ديوتائن جون مورتيون يا ڌرمي نقطا، اوم وغيره لکيل هوندا هئا. ڪافي وقت ٿيو پاڻ وٽ نقش(Tatto) ڪڍرائڻ جو اهو پراڻو رواج ختم ٿي ويو، پر هاڻي وري پنهنجي نئين جنريشن ۾ ٽيٽو ڪڍرائڻ جو نئين سري سان ٽرينڊ شروع ٿيڻ لڳو آهي.