پرائمري اسڪولن لاءِ آن لائين ايڊيوڪيشن متعارف

سنڌ جي تعليم کاتي پرائمري اسڪولن لاءِ آن لائين ايڊيوڪيشن متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. خبر موجب سنڌ جي تعليم کاتي موجب ڪي. جي کان پنجين ڪلاس جي شاگردن کي آن لائين تعليم ڏني ويندي. آن لائين تعليم جي لاءِ ايس اي ايل ڊي لرننگ (اسڪول ايڊيوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ) نالي ايپ تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ميٿ، سائنس، انگلش ۽ اردو جا مضمون آن لائين پڙهايا ويندا. آن لائين ڪورس انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. جڏهن ته ڇهين ڪلاس کان 12 هين ڪلاس تائين آن لائين ايڊيوڪيشن تي اڃان ڪم هلندڙ آهي.