خاص

بلاول ڀٽو پاران تربت سانحي ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار


Bilawal Bhutto expressed concern over the turbulent tragedy and the deteriorating law and order situation in Balochistan.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تربت ۾ پيش ايندڙ سانحي ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهڙين حالتن ۾ صوبائي حڪومتون گهٽ ۾ گهٽ امن امان جي صورتحال برقرار رکن ۽ پاڻ کي تڪراري نه بڻائين. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت فوري طور تي قدم کڻي ها ۽ برامش جي ماءُ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين ها. هن وقت بلوچستان جي عوام ۾ سخت ڪاوڙ آهي ۽ ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماڻهو روڊن تي تڏهن ئي ايندا آهن جڏهن انهن کي يقين ٿي ويندو آهي ته اختياريون اسان جون ڳالهيون ناهن ٻڌي رهيون. جڏهن اختياريون ڳالهيون نه ٻڌنديون ته ماڻهو ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ ٻاهر اچي ويندا. چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته  معصوم برامش سان ٿيندڙ ظلم برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي. ڪي به لفظ برامش جي زخمن تي مرهم نٿا رکي سگهن. جيڪڏهن برامش جي ماءُ جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته اهو انصاف جو موت هوندو. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ ناانصافي سبب بلوچن ۾ هونئن ئي ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي، پيپلز پارٽي ارڙهين ترميم جي ذريعي بلوچستان جا ڪجهه مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهڙي طرح جا سانحا دهشتگردي کي وڌيڪ هٿي ڏين ٿا. واضح رهي ته 26 مئي تي بلوچستان جي ضلعي تربت جي علائقي ڊنگ ۾ ٽي هٿياربند ڦر جي ارادي سان هڪ گهر ۾ ويا ۽ مزاحمت تي ملڪ ناز نالي عورت کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته معصوم ٻارڙي برامش کي به گوليون هڻي زخمي ڪيو هو. ان واقعي کانپوءِ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برامش بلوچ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.